ميگها آڪاش
ڏيک
ميگها آڪاش(Megha Akash) ڄم 26 آڪٽوبر 1995ع هڪ ڀارتي اداڪاره آھي جا تامل، تيليگو ۽ هندي فلمن ۾ ڏسجندي آھي. هن پنهنجي اداڪاريءَ جي شروعات هڪ تيليگو فلم `ڪوڙ`(Lie) کان ڪئي.[1]
| ميگها آڪاش | |
|---|---|
| ڄم | 26 آڪٽوبر 1995ع چنائي، |
| ڌنڌو | اداڪاري |
| سرگرم سال | 2017ع کان موجود |
اوائلي عمر ۽ سکيا
[سنواريو]ميگها 26 آڪٽوبر 1995ع تي چنائي تامل ناڊو اسٽيٽ ۾ پيدا ٿي. هن ”ليڊي اينڊل اسڪول چنائي“ ۾ تعليم پرائي.
اداڪاري سفر
[سنواريو]ميگها پنهنجي اداڪاريءَ جي ابتدا ”اُرو پڪا کٽائي“ فلم سان ڪئي پر اها 25 ڊسمبر 2020ع تي زي-5 تي دير ريليز ٿي. هن پوءِ 2017ع ۾ ريليز ٿيل فلم ”ڪوڙ“ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اها ئي سندس پهرائت فلم ڳڻجي ٿي. ان کان پوءِ هن ڌَنش سان ” اينائي نوڪي پائيم ٿوٽا“ جي شوٽنگ مڪمل ڪئي پر ان کان اڳ”پيٽا“ پهريان رليز ٿي.
فلمون
[سنواريو]| سال | عنوان | (ڪردار) | (ٻوليون) | ياديگيريون | حوالا |
|---|---|---|---|---|---|
| 2017 | Lie | چيترا | تيليگو | تيليگوdebut | |
| 2018 | چل موهن رنگ | ميگها | |||
| 2019 | پيٽا | انو | تامل | تامل debut | |
| وانٿا راڄواٿان | مايا | ||||
| ڀومي رنگ | گجي | ||||
| سيٽلائيٽ شنڪر | پراميلا | هندي | هندي سينماdebut | ||
| اينائي نُوڪي
پايوم ٿوٽا |
ليکا | تامل | |||
| 2020 | اورو پڪا کٽائي | ميرا | زي-5 فلم | ||
| TBA | مانو چريتر | TBA | تيليگو | شوٽنگ هلندڙ | |
| TBA | جادم اوري
ياواروم ڪيلر |
TBA | تامل | شوٽنگ هلندڙ | |
| TBA | راڌي | TBA | هندي | شوٽنگ هلندڙ | |
| TBA | گُر ٿنڊا سيٺاڪلام | TBA | تيليگو | شوٽنگ هلندڙ |
سنگيت وڊيوز
[سنواريو]| سال | عنوان | گڏيل ناٽڪ نويس | حوالا |
|---|---|---|---|
| 2020 | اُرو چانس
ڪُوڊو |
شنٿانُو ڀڳياراڄ
ڪالائيا راسن |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "All you want to know about #MeghaAkash", FilmiBeat (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 12 جنوري 2021۔