ميگئسٿنيز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ميگئسٿنيز (Megasthenes) يوناني بادشاه سڪندر اعظم جو هڪ سفير هئو، جيڪو سنڌ ۾ چندر گپت جي دور ۾ يونان پاران آيو هئو. سڪندر يوناني (سڪندر اعظم) جي تباهي ۽ ڦرلٽ کانپوءِ، بهار جي موريا گهراڻي جي راجا گپت سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. چندر گڀت، ٽئڪسيلا جي مڪتب مان علم پرايو ۽ سڪندر يونانيءَ جي فوجي جوڙجڪ ۽ جنگي فتحن جي باري ڄاڻ رکندو هو. هن مُڱد جي نندا خاندان جي پوئين راجا مها پدما کان 322 ق. م ۾ مُڱد کَٽڻ کان پوءِ سنڌ مان، يونانين کي ڀڄائي هڪ مضبوط سلطنت جو پايو وڌو. هن جي گادي جو هند پاٽلي پتر (پٽنا) هو ۽ سندس سلطنت اولهه ۾ هرات تائين پکڙيل هئي. هن جي ڏينهن ۾، سڪندر يوناني جي هڪ فوجي جرنيل سيليوڪس سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر سنڌي لشڪر جي بهادري ۽ فوجي مهارت آڏو کيس مات کائڻي پئي. تنهنڪري ان چندر گپت کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏئي، ساڻس مائٽي ڳنڍي پنهنجي جان بخشي ڪرائي ۽ پنهنجي هڪ سفير ميگئسٿنيز (Megasthenes) کي سندس درٻار ۾ موڪليائين. جن ڏينهن ۾ ميگئسٿنيز ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ آيو، ان وقت سنڌ ۾ چندر گپت جي حڪومت هئي ۽ چندر گپت جو وزير اعظم، سنڌ جو ناميارو سياستڪار، فلاسافر ۽ آريو ويڌڪ طلب جو ماهر چاڻڪيا پنڊت هو. جنهن سنڌ ۾ بهترين انتظام لاڳو ڪري رکيو هو. چاڻڪيا پنڊت جي ان سٺي انتظامي مهارت جو احوال هن يوناني سياح جي لکتن مان ملي ٿو.

سنڌ جو مشهور محقق ايم ايڇ پنهور لکي ٿو ته، ميگئسٿنيز ڪو گهڻو سفر ڪو نه ڪيو، پر پوءِ به هن سڪندر اعظم کان ملڪ جا وڌيڪ حصا ڏٺا. جيڪي ڪجهه لکيو اَٿس، ان جو هندوستان جي ڪن صوبن سان لاڳاپو آهي. جيئن ته ملڪ جون عام حالتون ساڳيون هيون. تنهنڪري ميگئسٿنيز جون ڪجهه لکڻيون سنڌ سان لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. هن جون لکڻيون نه رڳو دلچسپ آهن پر اهو به ٻڌائين ٿيون ته لکندڙ لائق ماڻهو هو ۽ جيڪو ڪجهه لکيو اٿس ايمانداريءَ سان لکيو اَٿس. جيئن ته ان زماني ۾ سنڌ به، چندر گپت جي سلطنت جو هڪ پرڳڻو هئي. ان ڪري جيڪا انتظامي ۽ سياسي پاليسي مرڪزي حڪومت جي هئي، اها ئي سنڌ سميت سڄي برصغير ۾ لاڳو هئي. تنهنڪري ان ۾ ڪو شق ناهي ته ميگئسٿنيز سنڌ نه آيو هوندو.

انتظامي سرشتو[سنواريو]

ميگئسٿنيز، چندرگپت جون انتظامي خوبيون ڄاڻائيندي لکي ٿو ته، سڄو ملڪ پرڳڻن ۾ ورهايل آهي، جن مٿان گورنر مقرر آهن. بادشاهه کي پنهنجا صلاحڪار آهن، جيڪي کيس جدا جدا ڪمن ۾ مدد ڪن ٿا. ضلعي جا آفيسر جن کي هو ايگرو نالي سان سڏي ٿو، سي زمين جي ماپ، پاڻي ماپ سان ڏيڻ، کيتي، ٻيلن ۽ کاڻين جا انچارج آهن.

عسڪري شعبو[سنواريو]

عسڪري حوالي سان لکي ٿو ته مرڪز ۾ عسڪري شعبو آهي. جنهن ۾ ڇهه لک سپاهي آهن، جيڪي جدا جدا عملدارن جي ماتحت آهن. جنگي هٿيارن ۾ ساڍا پنج فوٽ ڪمان، چمڙي جي ڍال، تلوار ۽ ٻيا ڪيترائي هٿيار شامل آهن. لڙين ۾ مخالف ڌريون نه فصلن جو نقصان ڪن ۽ نه ئي هارين کي تنگ ڪن. لڙاين دوران به پورهيت پنهنجي ڪمن ۾ رڌل رهن ٿا.

شهري انتظام[سنواريو]

شهري انتظام جي حوالي سان لکي ٿو ته شهر ۾ هڪ قسم جي ميونسپالٽي آهي، جيڪا مسافرن جي رهائش، ڄم، موت جو حساب رکڻ، وڻج واپار، تور، ماپ ۽ بازار جي اگهن جي نگراني، ڍل جي وصولي ۽ ليلام جو حساب ڪتاب رکڻ جو بندوبست ڪري ٿي.

عدالتي نظام[سنواريو]

عدالتي نظام لاءِ لکي ٿو ته ملڪ جو فوجداري قاعدو ڏاڍو سخت آهي. عام رواجي ڏوهن لاءِ هٿ ۽ پير ڪپڻ جي سزا آهي. ڪوڙي شاهدي ڏيڻ واري جا هٿ پير ڪپيا وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪير ڪنهن جي اک ڪڍي ٿو ته ان لاءِ موت جي سزا آهي. ڇو جو اک ڪڍڻ واري هڪ ڪارائتي انسان کي بيڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏوهه صفا گهٽ آهن. ڇو جو بادشاهه ۽ سندس جاسوس ڏوهه ڪندڙ کي پاڇي وانگر لڳل محسوس ٿين ٿا.

سماجي حالتون[سنواريو]

سماجي حالتن بابت لکي ٿو ته ماڻهو زندگي ڏاڍي سادي گذارين ٿا. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گهر گهڻو ڪري ڪاٺ جا آهن. ماڻهو ايڏا ايماندار آهن جو ڪير به گهر جي دروازي کي ڪلف نٿو هڻي.

ذات پات جو فرق برابر آهي ۽ اوچي ذات وارا نيچ ذات وارن سان، سڱابندي ڪين ٿا ڪن. مذهبي ڏڻ ماڻهو ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا. ماڻهو ٺٺ ٺانگر کان پري آهن. ماڻهو پنهنجو وقت بحث مباحثن ۾ ڪتب آڻين ٿا. بت پرستي ٿئي ٿي. گهڻو ڪري وشنو ۽ شوِ ديوتائن جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي. ستيءَ جو رواج عام آهي. زالون مڙس جي مرڻ کان پوءِ زهر کائي مرن ٿيون ته ڪي وري چکيا چڙهنديون آهن. سنڌ جي سرحدي علائقن، جهڙوڪر: ٽئڪسيلا جا ماڻهو مُڙدن کي ميدانن ۾ ڦٽو ڪن ٿا ته جيئن ڳجهون ماس پٽي کائن.

اقتصادي حالتون[سنواريو]

ملڪ جون اقتصادي حالتون بيان ڪندي ميگئسٿنيز لکي ٿو ته ماڻهو سکيا ستابا ۽ سٺا ڪاريگر آهن. خاص طور ڌاتن مان شيون ٺاهڻ ۽ ڪپڙو اُڻڻ ۾ قابل آهن. واپارين کي عزت ڏني وڃي ٿي. واپارسمنڊ پار ملڪن جهڙوڪر؛ چين ۽ هندي سمنڊ جي ٻيٽن سان هلي ٿو. اناج جي کوٽ ڪونهي. ميگئسٿنيز جو هي سفرنامو توڻي جو مڪمل ۽ ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڪين ڇپيو آهي. پر مئڪرندل جي ڊبليو (Mccrindle, J. W) جي ڪتاب ”اينشينٽ انڊيا ائيز ڊسڪرائبڊ باءِ ميگئسٿنيز ائنڊ آرين“ (Ancient India as described by Megasthenês and Arrian) ۾ ڇپيو آهي. جتان مورخن سندس مواد کڻي ان جي ڪارگذارين جو ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته ميگئسٿنيز جي هي لکڻي ان دور جي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ۽ مذهبي حالتن جو آئينو آهي ته غلط نه ٿيندو.[1] [2]