مير بزرگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير بزرگ(انگريزي: Mir Buzrig ) (پ:1588ع ۽ و: 1634ع) مير معصوم شاھ بکري جي پٽ جو نالو آهي.”تاريخ انوارالسادات“ جو مؤلف لکي ٿو: ”مير معصوم جي گهرواري رقيه بيبي بنت سيد محمد شاهه موسوي ڪاظمي قنڌاريءَ جي بطن مان هڪ فرزند سيد مير بزرگ تولد ٿيو ۽ ان مان هڪ فرزند سيد زڪريا ٿيو[1].[2]“ مير بزرگ سن 996ھ (1588ع)[3] ۾ تولد ٿيو. ميرمحمد معصوم بکريءَ کان پوءِ، ”معصومي سادات“ مان مير بزرگ هڪ وڏي نالي وارو بزرگ ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ، مغل شاهي دربار ۾ اهائي خاص حيثيت حاصل ڪئي، جا سندس والد کي ميسر هئي[2]. مير بزرگ کي هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ٿيا[4]. پٽ جو نالو ’مرزا قنڌاري‘ ھيس جنھن جو ذڪر ’ذخيرې الخوانين‘ ۾ آيو آهي[5]. ٻيو پٽ مير محمد زڪريا هيس[6]. اصل ۾ مير بزرگ کي صرف هڪ فرزند محمد زڪريا هو، جو کيس قنڌار جي سفر ۾ ڄائو هو. انهيءَ نسبت جي ڪري هن کي ”قنڌاري“ سڏيو ويو[2]. مير بزرگ 1042ھ (1634ع) ۾ وفات ڪئي[2].

حوالا[سنواريو]

  1. {سيد ظفرياب حسين حسيني الترمذي:”تاريخ انوارالسادات المعروف گــُـلستانِ فاطمه“ (اردو)، قصبه بکر ضلع ميانوالي، ص 597}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]
  3. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 386}
  4. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 384,374}
  5. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 386}
  6. {سيد حسام الدين راشدي: ”امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1979ع، ص 386}