مير سردار چنڙ
مير سردار چنڙ ( Meer Sardar Channar) سنڌي ٻوليء جو نوجوان ليکڪ ۽ مضمون نگار آهي.[1][2] هن جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون مضمون مقالا ڇپيل آھن.[3] چنڙ 15 فيبروري 2003ع پيارو خان چنڙ جي گھر ۾ تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف تعقلي ۽ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.[1] مير سردار چنڙ جو 2022 سڦلتا پبلڪيشن طرفان " تون جڳ جاڳائيندين" ڪتاب شايع ٿيو آھي. [4]
تعيلم
[سنواريو]مير سردار 2013ع ۾ پرائمري تعليم فخر ڪريم ماڊل سيڪنڊري اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪئي.[1] ھن ميٽرڪ 2018ع علامه آء آء قاضي ھاءِ اسڪول پاٽ شريف دادو مان حاصل ڪئي[1] ۽ انٽر 2020 ۾ ڊگري ڪاليج ڦلجي اسٽيشن مان ڪئي.[1] 2024 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سنڌي پھرين پوزيشن سلور ميڊلسٽ جي حيثيت سان پاس ڪيائين.
علمي ادبي خدمتون
[سنواريو]مير سردار چنڙ جا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون مقالا ڪھاڻيون خاڪا ڪتابي تبصرا ۽ سفرناما لکيل آھن، جيڪي سنڌ ۽ هند جي مختلف اخبارن رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. پاڻ ھن وقت قاسم آباد حيدرآباد۾ رهائش پذير آهن[1] سنڌي ادبي شاگرد سٿ جو مرڪزي جنرل سڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جا ڪائونسلر آھن. ان کان علاوه اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي جو صدر مقرر آھي. پاڻ اردو جو مشھور ڪتاب " سنو تم ستاري ھو" جو سنڌي ترجمو "تون جڳ جاڳائينڊين" شايع ڪرايو جنهن تي کيس سنڌي شعبي بيچ 2021 پاران بھترين مترجم شليڊ سان نوازيو ويو. مير سردار چنڙ سنڌي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي ايس چار سالا مونوگراف "سنڌي ٻوليءَ جو صرفياتي اڀياس" ڊاڪٽر شازيہ پتافيءَ جي نگرانيءَ ۾ لکيو آھي، سندس ترجمو ڪيل ٻاراڻي ادب جو ناول "الہ دين جو چراغ" سنڌي ادبي بورڊ پاران جاري ٿيندڙ رسالي "گل ڦل" ۾ شايع ٿي رھيو آھي. مير سردار چنڙ ٽئين سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس 2025 ۾ پنھنجو تحقيقي مقالو پيش ڪري چڪو آھي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 Pathan, Dr, "مير سردار چنڙ", www.drpathan.com (ٻولي ۾ en-gb), حاصل ڪيل 19 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ "مير سردار چنڙ: مختصر تعارف ۽ ويچار", SindhSalamat, حاصل ڪيل 19 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ Mahboob, Awais Juno, Erum, "هند سنڌ جي نامياري شاعر سائين ڀڳوان نردوش جي ڪتاب غزلن جي گونج تي لکيل تبصرو جيڪو هندستان جي سنڌي ميگزين هندواسي ميگزين ۾ شايع ٿيو . - حسن درس ويب پورٽل", hassandars.com (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 19 آڪٽوبر 2020۔