ميرپور ٻرڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ميرپور ٻرڙو
شھر
عرفيت: ميرپور
ميرپور ٻرڙو is located in Sindh
ميرپور ٻرڙو
ميرپور ٻرڙو
سنڌ جي نقشي ۾
مڪانيت: 28°10′51″N 68°43′31″E / 28.18083°N 68.72528°E / 28.18083; 68.72528مڪانيت: 28°10′51″N 68°43′31″E / 28.18083°N 68.72528°E / 28.18083; 68.72528
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو جيڪب آباد ضلعو

ميرپور ٻرڙو پاڪستان ۾ سنڌ صوبي جي جيڪب آباد ضلعي جي ٺُل تعلقي ۾ هڪ شهر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هي ڳوٺ ميرن جي دور کان وجود ۾ آيل آهي، هن ۾ جيڪو ڪچو قلعو ٺهيل آهي، اهو ميرن جو ٺهرايل نه آهي پر تاريخي اهڄاڻن مطابق به هن جوءِ ۾ ٽالپرن جي حڪومت نه رهي آهي، هي علائقو ”بلوچي قلات “ جي زير تسلط رهيو هو، هن علائقي جي قديمي تاريخ ڪنهن به ڪا نه لکي، تنهن ڪري تحقيق سان ڪا قديمي ڳالهه يا حوالو هٿ نه ٿو اچي، پر خان خداد خان هندستان جي وائسراءِ لاءِ لارڊ لٽن جي حوالي هي علائقو 1876ع م ڪيو هو، ان جا دستاويزي ثبوت مليا آهن. انگريزن مان به لئمبرڪ صاحب پنهنجي تاريخي ڪتاب، جنرل جان جيڪب، آف جيڪب آباد، ۾ ميرپور واري انهيءَ ڪچي ڪوٽ جي تصوير ڏني آهي، اسان جي مذڪوره علائقي ۾ وڏا شهر به ڪو نه هئا، تنهن زماني ۾ وڏا شهر چانڊڪا(لاڙڪاڻه) ۽ شڪارپور هيا هتي فقط خان ڳڙهه هو، جيڪو هڪ ڳوٺڙو هئڻ جي باوجود به حڪومتي مرڪز هو، هتي حڪومت قلات جو نائب به رهندو هو، اهو نائب انگريزن جي وقت ۾ به 1920ع تائين رهندو آيو. ميرپور ٻرڙو ۾ مشهور ماڻهو سردار خدا بخش خان هيو، جنهن جي ڏاڏي، پڙڏاڏي وٽ ڪافي زمينداري هئي، پر جڏهن کان پاڻ ساماڻو ته وٽس جريب زمين به ڪا نه رهي، هن جو ذڪر اڳئين قسط ۾ ”واڻين واري واقعي “ ۾ ڏيئي آيو آهيان. ميرپور جا سگهڙ مشهور هيا ۽ هينئر به ڪي ڪڻا باقي آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙو محقق به هتي ڪهي آيو هو، ٻُرڙي خاندان ۾ تعليم جو رواج مرحوم حاجي محمد يعقوب خان وڌو پاڻ فائنل پاس ڪري ماستر ٿيو ته پوءِ ڪوشش سان وڌيڪ پڙهي ڊگريون حاصل ڪري ورتائين، آخر ۾ هو مسلم اسڪولن جو ضلعي جيڪب آباد ۾ نگران ٿيو، ان زماني ۾ مسلم اسڪولن جي تعليم اعليٰ درجي جي هوندي هئي، استاد تمام سٺا لائق مقرر ٿيندا هيا ۽ هيڊ معلم ته مذهبي تعليم جو ڪو نه ڪو ماهر هوندو هو، مذهبي ڄاڻ ۽ اکر نهايت سٺا هوندا هئا ان وقت جي مسلم اسڪولن جي شاگردن جا.حاجي محمد يعقوب خان جو تعليم کاتي سان واسطو ٿيو ته منهنجو والد بزرگوار سندس دوست بڻيو، منهنجو والد ضلعي اسڪول بورڊ جو ميمبر ٿيو ته حاجي صاحب سان واسطو ٿيس، پر اهو واسطو ”پڪي دوستي “ ۾ پختو ٿيو، 1933ع ۾ جون مهيني جي جهولن ۾امين الملت رخ جي شادي جي ڪانڍ ٿي، حاجي محمد يعقوب خان پورو هڪ هفتو اڳ ۾ اچي عزيز آباد ۾ ڪانڌ جي ڪارج ۾ شامل ٿيو، انتظامن جي سڄي نگراني حاجي صاحب پاڻ ڪئي، هن علائقي ۾ اها شادي پنهنجي نموني جي هئي، سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسو عموماً شادين ۾شرڪت نه ڪندو هو، پر هن شاديءَ ۾ هو ٻه ڏينهن ٽڪيو هو، نواب يوسف علي خان، عزيز مگسي ۽ سردار غلام رسول خان ڪورائي به شادي ۾ شريڪ ٿيا هئا، اهو زمانو خوشيءَ جو هو، شادين جي ڪا نه ٿيندي هئي ته مٽ مائٽ ته سڀئي ساگهر شريڪ ٿيندا هيا پر اوري پري جا دوست احباب به ڪهي ايندا هئا ۽ شادي جي هر ساٺ سون ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ڪو گهوٽ لاءِ ميٽ مليندو هو ته ڪو پاڻي گرم ڪندڙ ڪاٺين کي سوريندو هو، ڪو گهوٽ کي مهٽيندو هو ته ڪو پاڻي هاريندو هو، مطلب ته سڀ احباب گهوٽ جي سينگارڻ ۾ هٿ ونڊائيندا هيا، گهوٽ سينگاري ڪپڙا پارائي مٿس چاندي جي روپين جي گهور ڪندا هئا، ائين ڪندي هر ڪنهن کي بي انتها مسرت ٿيندي هئي، هاڻي ته اهڙو وقت آيو آهي ته مٽ مائٽ ته ڪو نه ڪو قصور ڪڍيون ڪاوڙيا ويٺا هوندا ۽ نه ايندا آهن پنڌ پري هجڻ، طبع ناساز ٿيڻ جا سبب ڏيندا ته معاف ڪيو،اچي نه سگهياسون جي ڪنهن سان هٿ ڊگهو ٿيل هوندن ته معذرتي خط سان گڏ هڪڙو چيڪ به ٽنبي موڪليندا ته معاف فرمائجو طبع ناساز هئي سو هي گهوٽ جي مبارڪي لاءِ چيڪ موڪلجي ٿو کيس بنده پاران پيش ڪجو وغيره وغيره. ميرپور ٻرڙي واري ڪوٽ جو فوٽولئمبرڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي اهو ڪوٽ تمام قديمي ڪونهي پر ٽالپر جو به ٺهرايل ڪونهي، حڪومت قلات جي زماني ۾ ڪوٽ ڪڍائڻ جو رواج هو، سعدو ڪوٽ به هيو، صحبت پور ۽ محبت پور کي به ڪوٽ ها، اهڙي طرح ڪنڌڪوٽ ۾ڪوٽ هيو. ميرپور جي هڪ خاندان کي جيڪو سردار خيل هو تنهن کي ڪوٽائي وڏيرا سڏبو هو، حاجي محمد يعقوب خان ٻرڙو وڪڙائي پاڙي مان هو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو