مواد ڏانھن هلو

ميرمحمد سيلاوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بلوچ خان جو ھي پٽ جيسلمير ۾، 1870ع ڌاري ڄائو هو. راجپوتن جي چوهاڻ پاڙي مان هو. ڪراچيءَ ۾ سندس جماعت کي مسلم مارواڙي ڪري سڏيندا آهن. ننڍي هوندي، ٻين عزيزن وانگر، مزدوري ڪندو هو. آهستي آهستي ڪري، ننڍا مقاطعا کڻڻ لڳو. ٿورو پئسو گڏ ڪري، پوءِ وڏا مقاطعا سرڪار ۽ ميونسپالٽيءَ کان کڻن شروع ڪيائين، جنهن مان ملڪيت ۽ حيثيت ٺاهي ويو.ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ مئڪنن مئڪنزي جون عمارتون سندس ٺهرايل آهن. هنگجراتيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جيتري تعليم ورتي هئي ۽ سگهو ئي سرڪار طرفان کيس آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. 1919ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي ته هن قطع تعلقات جي بنياد تي آنرري مئجسٽريٽيءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، تحريڪ ۾ حصو ورتو، جنهن ڪري هن کي سرڪاري مقاطعا ملڻ بند ٿي ويا. سندس خدمتن جو لحاظ رکندي کيس سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. پوءِ ته هن کي تحريڪ ۾ اهڙي دلچسپي پيدا ٿي، جو سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪٿي به ڪانفرنس ٿي، ته هي گهڻو ڪري وڃي ان ۾ شامل ٿيندو هو. سندس قومي خدمتن ۽ عمر رسيده هئڻ ڪري، عام ماڻهو کيس بابا مير محمد بلوچ ڪري سڏيندا هئا. 1926ع ۾ ڪراچيءَ طرفان کيس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي چونڊيو ويو، جتي هن نهايت دليريءَ ۽ بيڊپائيءَ سان اردو زبان ۾ تقريرون ڪرڻ شروع ڪيون. هن سکر بئراج جي تعميري نقصن تي سخت نڪته چيني ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ محمد هاشم گزدر جي مدد سان، هن ٻه چوپڙيون ڇپرائي ورهايون، جنهن تي بمبئي سرڪار مجبور ٿي ٻه ماهر، هر هڪنواب علي يار جنگ (حيدرآباد دکن) ۽ سر ويسويسرايا، انڪوائري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا 1919ع ڌاري، هن بمبئي ۾ عورتن کي ووٽ جي حق ڏيارڻ جي تحريڪ ۾ چڱو بهرو ورتو. 1916ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊيو، جنهن جي مکيه ڪاميٽين تي ڪم ڪندو رهيو ۽ حياتيءَ تائين ميمبر رهندو آيو. سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۾ هن مکيه حصو ورتو. اول ۾ هي ڪانگريس جو مکيه ڪارڪن ۽ ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ هو. پوءِ جڏهن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ آل انڊيا آئيني سوالن تان اختلاف پيدا ٿيا ته هن مسلمانن جي عام راءِ کي مدنظر رکندي، مسلم ليگ طرف رُخ رکيو. آخر عمر ۾ بابا مير محمد امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪندو هو. هڪ دڪان هوندو هوس. جنهن جي چارج سندس فرزند حسن عليءَ جي هٿ ۾ هوندي هئي. بمبئي ڪائونسل جي هڪ اجلاس جي موقعي تي پرزور تقرير ڪندي، کيس دل جي تڪليف ٿي پيئي، جنهن ڪري ڪراچي کڻي آيس، جتي 9 رمضان 1352ھ مطابق، 26 ڊسمبر 1933ع تي وفات ڪيائين. کيس هڪ فرزند مسٽر حسن علي هو، جو والد جي جڳهه تي ڪيترا سال ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ڪم ڪندو رهيو. 1945ع ۾ وفات ڪيائين..[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو