مواد ڏانھن هلو

محمد هاشم گزدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Muhammad Hashim Gazdar
محمد هاشم گزدر
قومي اسيمبلي جو ٻيو ڊپٽي اسپيڪر
عهدي ۾
28 مارڇ 1953ع  24 آڪٽوبر 1954ع
اسپيڪرمولوي تميز الدين
کان اڳمولوي تميز الدين
کان پوءِسي. اِي. گيبون (ڊپٽي اسپيڪر طور)[1]
ذاتي تفصيل
ڄائو1 فيبروري 1893ع[2]
جيسلمير، جيسلمير رياست، برطانوي ھندستان
وفات19 فيبروري 1968(1968-02-19) (عمر 75 سال)
ڪراچي، پاڪستان
سياسي پارٽيآل انڊيا مسلم ليگ
الما ميٽرسنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي
انجنيئرنگ ڪاليج، پونيَ

محمد هاشم گزدر (انگريزي: Muhammad Hashim Gazdar)، ٽن سياستدانن مان ھڪ ھو جنھن پھرين پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي ھئي. ھي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ٻيو ڊپٽي اسپيڪر پڻ رھيو.[3][4]

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

گزدر 1 فيبروري 1893ع تي جيسلمير ۾ پيدا ٿيو. سندس والد فيض محمد، هڪ انجنيئر هو، جيڪو 1843ع ۾ حيدرآباد جي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ سنڌ جو انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ کانپوءِ راجپوتانا کان ڪراچي آيو هو.

گزدر پنهنجي علمي زندگي جي شروعات سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان ڪئي ۽ اتان 1911ع ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ سول انجنيئرنگ جي سند انجنيئرنگ ڪاليج، پوني مان 1916ع ۾ حاصل ڪيائين.[2] ھن بمبئيءَ ۾ هيٺين ذاتن جي ترقيءَ واري منصوبي ۾ ملازمت شروع ڪئي، پر اھو منصوبو ناڪام ٿيو. هن سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي هن منصوبي مان برطرف ڪيو ويو.[5]

سياسي زندگي

[سنواريو]

بمبئيءَ ۾ نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ هي ڪراچي موٽي آيو، جتي هن ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۾ انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. چار سال ملازمت ڪرڻ کان پوءِ ھن ۽ ان وقت جي ڪراچي لوڪل بورڊ جي صدر جي ايم سيد وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا ۽ ھن اتان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ان کان پوءِ ھي سياست ۾ شامل ٿيو. 1934ع جي چونڊ ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان بمبئي قانون ساز ڪائونسل جو رڪن چونڊيو ويو. ھي مئي 1941ع کان مئي 1942ع تائين ڪراچي جو ميئر پڻ رھيو.

سنڌ اسيمبليءَ جي رڪنيت دوران ھي ڪجهہ وقت لاءِ اتحاد پارٽيءَ ۾ به شامل ٿو پر بعد ۾ هن آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪا محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ ننڍي کنڊ اندر هندستان جي مسلمان آباديءَ لاءِ هڪ الڳ رياست جي قيام لاءِ تحريڪ هلائي رهي هئي. جناح جي پُراعتماد حمايتين مان هڪ هجڻ سبب، هو ٻيهر سنڌ مان قانون ساز اسيمبليءَ جو رڪن چونڊجي ويو ۽ ان وقت جي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿيو.

گزدر انهن سياستدانن ۾ شامل ھو، جن پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ جي پهرئين اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي ۽ پاڪستان جي آزاديءَ ۽ قيام کان چار ڏينهن اڳ 10 آگسٽ 1947ع تي سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ، ڪراچي ۾ قانون سازي جي مقصد لاءِ اجلاس سڏايو. ٻين ميمبرن ۾ پيرزادو عبدالستار عبدالرحمان، مـحمـد ايوب کهڙو ۽ جي رام داس دولت رام شامل هئا. ھن جي 1968ع ۾ وفات ٿي[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "National Assembly of Pakistan".
  2. 1 2 3 "In memoriam: Remembering Hashim Gazdar". In Paper Magazine (انگريزي ۾). 26 February 2011. 24 July 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. Ahmad, Syed Nur (14 August 1985). "From Martial Law to Martial Law: Politics in the Punjab, 1919-1958". Vanguard Books Google Books وسيلي.
  4. "Pakistan". The Commonwealth Relations Office List 1952 (انگريزي ۾). London: Her Majesty's Stationery Office. 1952. ص. 171.
  5. "Muhammad Hashim Gazdar – Dawn". اصل نسخو مان 4 ڊسمبر 2008 تي محفوظ ڪيل. 20 آگسٽ 2008 تي حاصل ڪيل.