مواد ڏانھن هلو

ميران

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميران
ميران ٻائي
ميرا

ميران جي پينٽنگ
ذاتي معلومات
پيدائش 1498 CE[1]
وفات دوارڪا، مغل ايمپائر 1546 عيسويءَ ۾ تقريبن 47 يا 48 سالن جي عمر ۾.[1]
مذھب ھندوازم
سڃاڻپ شاعري، ڀڳتي تحريڪ،ويشنوازم(ڪرشنا)
عرفيت
  • ميران ٻائي
  • ميرا
  • ميرا بائي

ميرا ٻائي : ميران: ميرا،:میرابائی:Meera:Meera Bai: Mirabai:[2] ھڪ صوفي شاعر ھئي

تفصيلي تعارف

[سنواريو]
راجھستان جي شھر چتورڳڙھ جي قلعي ۾ ميران جو ڪرشن وارو مندر

ڀارت جي ڌرتيءَ ڄائي. جيڪا سچي ڀڳتين ۽ ڌرم جي پوڄارڻ ميران ٻائي ٿي گذري آھي. سندس جنم اٽڪل 1504ع ۾ نيرٺ ۾ ٿيو، جو شھر بيڪانير جوڌپور جي وچ ۾ آھي. سندس پتا رتن سنگھ مارواڙ جي راٺوڙ حاڪمن جي نسل مان ھو.[3] جوان ٿي تہ ميوا رام جي راجڪمار ڀوڄراڄ سان مڱايائونس جنھن سان سندس شادي ٿي.[3] سن 1516 عيسويءَ ۾ ميوار جي شھزادي ڀوڄراج سان ھن جي شادي ھن جي مرضيءَ خلاف ٿي ھئي..[4][5] ميران جو مڙس 1518 ۾ دھليء جي سلطنت سان ٿيل جنگ دوران زخمي ٿي پيو ھو ۽ انھن زخمن جي ڪري 1521 ۾ فوت ٿي ويو.ڪجهه سالن بعد ھن جو پيءُ ۽ سھرو وڪرم سنگھ بہ دھلي سلطنت سان ٿيل ھڪ جنگ ۾ مارجي ويا. .[6][7] ميران سان وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي غلط روايتون منصوب ٿي ويون جن ھڪ شھنشاھ اڪبر ۽ تان سين جي ساڻس ملاقات به ھڪ آهي. پر حقيقت اها آهي تہ ميران جي وفات کان پندرهن سالن بعد تان سين اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ شامل ٿيو.[4] ھڪ روايت مطابق ھيء گرو روي داس جي شاگرد ۽ مريد ھئي ۽ کيس ديوتس، گرڌر ۽ روحاني مڙس سڏيندي هئي . پر اھڙي ڪابہ شھادت تاريخ ۾ موجود ناهي .اصل ۾ ٻئي ھم عصر نہ ھيا ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ سؤ سالن جي عرصي کان بنهه وڌيڪ جو فرق آهي.[4]

پينٽنگ ۾ ڪرشن ۽ ان جي ديومالائي محبوبہ راڌا ڏيکاريل آھن جن جي محبت جو ذڪر ميران جي شاعري ۾ ڪثرت سان ٿيل آهي.[8]

ھن جي شاعري جو موضوع ڪرشن آهي جيڪو ھڪ يوڳي آهي ۽ ھيء پاڻ وري يوڳڻ جيڪا ان سان ھڪ روحاني رشتو رکندڙ آهي. ھن جي شاعري کي ڀڄن چيو ويندو آهي. گرو گوبند سنگھ پنھنجي ڪتاب پريم امبوڌ پوٿي ۾ ميرا کي سک ازم جي 16 ڀڳتي صوفين ۾ شمار ڪندي ان جي شاعري کي پنھنجي ان ڪتاب ۾ شامل ڪيو. [9]

شاھ لطيف ۽ ميرا ٻائي

[سنواريو]

ميران ٻائي (Meera bbai) سورھين صدي عيسويءَ ۾ ميواڙ (راجستان) جي ھڪ سنت ۽ درويش ھُئي، جنھن ننڍپڻ کان ڪرشن ڀڳوان سان عشق ڪيو. ڪرشن ڀڳتيءَ ۾ جتي ڪرشن ڀڳوان جو ذڪر نڪري اتي ميرا جي ڀڳتي ضرور ياد اچي ٿي.

ميرا ٻائيءَ جي دور ۾ عورتن کي مندر ۾ اچڻ جي اجازت نہ ھئي، ميرا ٻائي ڪرشن ڀڳوان جي مندر ۾ آئي تہ پنڊت چيس تہ ناريءَ مندر ۾ نٿي اچي سگهي. ميرا چيس تہ تون پاڻ کي مرد ٿو سمجھين؟ پنڊت ڪاوڙجڻ سان گڏ حيران ۽ پريشان ٿيو. ميرا چيس تہ ڪرشن پاڻ چوي ٿو تہ ھن ڪائنات ۾ نر اڪيلو مان ئي آھيان، باقي تہ سڀ ڪرشن جون داسيون ئي آھيون.

ميران ٻائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي ڀڳتي تحريڪ چون ٿا. ڀڳتي تحريڪ جا شاعر پنھنجي سموري شاعريءَ ۾ عورت جو روپ ڌاري شاعري ڪن ٿا. شاھ لطيف جي سموري شاعري عورت جي روپ ۾ آھي. اديون عبد اللطيف چوي کان ويندي، ٻانھي تنھن ٻاروچ جي، تون سمون آئون گندري، ڍڪين ڍڪڻھار، آئون اُگهاڙي آھيان.

لطيف رڳو عورت جي روپ ۾ شاعري ڪئي آھي، ڪٿي بہ لطيف مرد جي عڪاسي نٿو ڪري، ڇو تہ لطيف سميت انڊس ويلي جا سمورا شاعر مرد رڳو ايشور ڀڳوان کي رب سمجھن ٿا، باقي تہ سڀ داسيون آھن. [10]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 Usha Nilsson (1997), Mira bai, Sahitya Akademi, ISBN 978-8126004119, pages 1-15
  2. "Mira Bai". Encyclopædia Britannica. 
  3. 3.0 3.1 {رسالو: سرتيون؛مضمون: ميران ٻائي؛از: فتح چند مينگهراج آڏواڻي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  4. 4.0 4.1 4.2 Usha Nilsson (1997), Mira bai, Sahitya Akademi, ISBN 978-8126004119, pages 12-13
  5. Nancy Martin-Kershaw (2014), Faces of the Feminine in Ancient, Medieval, and Modern India (Editor: Mandakranta Bose), Oxford University Press, ISBN 978-0195352771, page 165
  6. David Kinsley (1997), Tradition and Modernity in Bhakti Movements (Editor: J Lele), Brill Academic, ISBN 978-9004063709, pages 88-89
  7. SR Bakshi (2002), Mirabai: Saints of India, Criterion, ISBN 978-8179380239, pages 42-45, 282-283
  8. Edwin Bryant (2007), Krishna: A Sourcebook, Oxford University Press, ISBN 978-0195148923, page 244
  9. JS Hawley and GS Mann (2014), Culture and Circulation: Literature in Motion in Early Modern India (Editors: Thomas De Bruijn and Allison Busch), Brill Academic, ISBN 978-9004264472, pages 113-136
  10. محقق؛ ڊاڪٽر برڪت نوناري