موگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

موگَر (انگريزي: Moogar) هيءَ ول ڊاڳن واري نرم زمين ۾ گهڻو ٿيندي آهي. اُن کي ”مُونگيل“ بہ چون. اُن جي ڊيگهہ فوٽ کن ٿئي ۽ پاسن کان تَسرون ڪري وڌندي ويندي آهي. اُن جا پن ڪورڙ وانگر پنجن ڦاڪن سان ننڍيرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ گل ننڍا پيلا ٿيندا آهن. اُن ۾ ڦرين ڪورڙ جهڙيون خاڪي رنگ جون ٿينديون آهن. جن ۾ داڻا ٿيندا آهن. هي ول اُٺ ۽ گهوڙا تہ خاص چاھ سان کائين، پر رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏھ بہ کائيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.