مومن بلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مومن بُلو (انگريزي:Momin Bulo) سنڌي شاعر، صحافي ۽ ليکڪ هو. هن انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيا.

زندگي جو احوال[سنواريو]

مومن بلو 22 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ ڪوٽ بُلا تعلقي پنو عاقل، ضلعي سکر (هاڻوڪي ضلعي گهوٽڪي) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ ڀيلار ڳوٺ مان ورتائون جتان کانپوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ويا. اتان مئٽرڪ ڪرڻ بعد مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيائون. 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي انگريزي ادب ۾ داخلائون ورتائون. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ صحافت جي ميدان ۾ آيا. پاڻ سچل سرمست آرسٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، تلڪ چاڙھي، حيدرآباد ۾ بطور انگريزي جي استاد طور خدمتون سر انجان ڏنائون. بلو صاحب ڪيترن ئي ماھوار انگريزي رسالن لاءِ پڻ پنھنجون خدمتون ڏنيون. پنھنجي صحافتي سفر دوران سنڌ جي انتظامي تاريخ تي ڪتاب ”چارلس نيپئر کان محمد ميان سومري تائين“ (سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾) لکيائون.[1][2] بلو صاحب سکر شھر جي تاريخ ۽ ثقافت تي نسٽيلجيا ٿنگز پاسٽ نالي ڪتاب بہ لکيو.[3][4]

وفات[سنواريو]

مومن بُلو 29 نومبر 2015ع تي وفات ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. "بلو مؤمن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-11-30. 
  2. "مومن بلو : هڪ محقق، اسڪالر ۽ پروفيسر". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-11-30. 
  3. "خورشید احمد شاہ نے بلاول بھٹو کو سکھر کی تاریخ و ثقافت پر لکھی گئی". DailyQudrat (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-11-30. 
  4. "چیئرمین پاکستان پیپلزپارٹی بلاول بھٹو سے اپوزیشن لیڈر". waqtnews.tv. حاصل ڪيل 2019-11-30.