مواد ڏانھن هلو

موبائل فون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موبائل فون جي ارتقا جا ٻه ڏهاڪا، 1992 موٽرولا ڊائنا ٽيڪ 8000 ايڪس کان 2014 آئي فون 6 پلس تائين

هڪ موبائل فون (mobile phone) يا سيل فون (cell phone) هڪ پورٽيبل وائرليس ٽيليفون آهي جيڪا صارف کي، لينڊ لائن فون جي برعڪس، مقرر ٿيل ٽيليفون سروس ايريا ۾ منتقل ٿيڻ دوران ريڊيو فريڪوئنسي لنڪ ذريعي ڪال ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. هي ريڊيو فريڪوئنسي لنڪ موبائل فون آپريٽر جي سوئچنگ سسٽم سان ڳنڍيندو آهي، جيڪو پبلڪ سوئچڊ ٽيليفون نيٽ ورڪ (PSTN) تائين رسائي فراهم ڪندو آهي. جديد موبائل ٽيليفوني سيلولر نيٽ ورڪ آرڪيٽيڪچر تي ڀاڙي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته موبائل فونز کي اڪثر ڪري اتر آمريڪا ۾ 'سيل فون' سڏيو ويندو آهي.

روايتي آواز جي رابطي کان ٻاهر، ڊجيٽل موبائل فون اضافي خدمتن جي وسيع رينج کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ترقي ڪئي آهي. انهن ۾ ٽيڪسٽ ميسيجنگ، ملٽي ميڊيا ميسيجنگ، اي ميل، ۽ انٽرنيٽ رسائي (LTE، 5G NR يا وائي فائي ذريعي)، انهي سان گڏ بلوٽوٿ، انفراريڊ، ۽ الٽرا وائڊ بينڊ (UWB) جهڙيون مختصر رينج وائرليس ٽيڪنالاجيون شامل آهن.

موبائل فون مختلف قسم جي ملٽي ميڊيا صلاحيتن کي پڻ سپورٽ ڪن ٿا، جهڙوڪ ڊجيٽل فوٽوگرافي، وڊيو رڪارڊنگ، ۽ گيمنگ. ان کان علاوه، اهي ملٽي ميڊيا پلے بیک ۽ اسٽريمنگ کي فعال ڪن ٿا، جنهن ۾ وڊيو مواد، گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽريمنگ شامل آهن. ان کان علاوه، موبائل فون سيٽلائيٽ تي ٻڌل خدمتون پيش ڪن ٿا، جهڙوڪ نيويگيشن ۽ ميسيجنگ، انهي سان گڏ ڪاروباري ايپليڪيشنون ۽ ادائيگي جا حل (QR ڪوڊ اسڪين ڪرڻ يا وير فيلڊ ڪميونيڪيشن ذريعي). صرف بنيادي خاصيتون پيش ڪندڙ موبائل فونز کي اڪثر فيچر فون (سلنگ: ڊمب فون) سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته ترقي يافته ڪمپيوٽنگ پاور سان گڏ اسمارٽ فونز طور سڃاتو وڃي ٿو.[1]

پهريون هٿ ۾ هٿ رکيل موبائل فون موٽرولا جي مارٽن ڪوپر پاران 3 اپريل 1973ع تي نيويارڪ شهر ۾، هڪ هينڊ سيٽ استعمال ڪندي جنهن جو وزن 2 ڪلوگرام (4.4 پائونڊ) هو، ڏيکاريو ويو.[2] سال 1979ع ۾، نپن ٽيليگراف ۽ ٽيليفون (NTT) جاپان ۾ دنيا جو پهريون سيلولر نيٽ ورڪ لانچ ڪيو.[3] سال 1983ع ۾، موٽرولا جو ڊائنا ٽيڪ (DynaTAC 8000x) پهريون تجارتي طور تي دستياب هٿ وارو موبائل فون هو. 1993ع کان 2024ع تائين، دنيا ۾ موبائل فون سبسڪرپشن 9.1 ارب کان وڌيڪ ٿي وئي،[4] جيڪا ڌرتيءَ تي هر ماڻهوءَ لاءِ هڪ موبائل فون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.[5][6] 2024ع ۾، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اسمارٽ فون ٺاهيندڙ سام سنگ، ايپل ۽ شيائومي هئا؛ اسمارٽ فون جي وڪرو ڪل موبائل فون جي وڪرو جو تقريباً 50 سيڪڙو هو.[7][8] [9][10][11][12]

Motorola 8900X-2 to the 2004 HTC Typhoon, an early smartphone

ھي ٽيليفون جو اُھو قِسم آھي، جيڪو ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي سولائي سان کٹي وڃي سگھجي ٿو.

ھن جي ذريعي بغير ڪنھن تار جي مدد جي فون ڪال ڪري بہ سگھجي ٿي ۽ کٹي بہ سگھجي ٿي.

ھي ريڊيو فريڪوئنسي سگنل جي ذريعي ڪم ڪندو آھي.

اِھي سگنل موبائيل ڪمپنيون ھر علائقي ۾ پنھنجا مخصوص ٿنڀا لڳائي مُھيا ڪنديون آھن.

ريڊيو فريڪوئنسي سگنل موبائيل فون تان ٿيندڙ ڪال کي موبائيل فون آپريٽر سان ڳنڍيندو آھي، جيڪو وري اُن کي پبلڪ سُئچڊ ٽيليفون نيٽورڪ (PSTN) سان جوڙيندو آھي.

جديد موبائيل ٽيليفون سروس سيليولر نيٽورڪ ڪَتب آٹينديون آھن، تنھنڪري موبائيل ٽيليفون کي اُتر آمريڪا ۾ سيليولر ٽيليفون يا سيل فون چئبو آھي.

جڏھن تہ سنڌ ۾ موبائيل فون چيو ويندو آھي.[13]

اِن سان گڏ جديد موبائيل فون (2G) ڪيترن ئي قِسمن جون ٻيون خدمتون پٹ مُھيا ڪندو آھي، جيئن ٽيڪسٽ ميسيج، ايم ايم ايس، اي ميل، انٽرنيٽ تائين پُھچ، ننڍي فاصلي تائين بِنا تار جي رابطو (انفرارييڊ، بلوٽوٿ)، ڪاروباري ايپليڪيشن، وڊيو گيم ۽ جديد تصويرڪَشي. اھڙيون خدمتون مُھيا ڪندڙ موبائيل فونن کي فيچر فون چئبو آھي. اھڙيون موبائيل فونون جيڪي وڏي پئماني تي ترقي ڪيل ڪمپيوٽرائزڊ قابليتون آڇينديون آھن، تِن کي سِمارٽ فون چئبو آھي.

تاريخ

[سنواريو]

ھٿ ۾ کٹٹ جھڙو موبائيل ريڊيو ٽيليفون سروس ريڊيو انجنيئرنگ جي شروعاتي دور ۾ تصور ڪيو ويو. 1917ع ۾ فِنلينڊ جي ايجادڪار سائنسدان ايرڪ ٽائجر اسٽيڊٽ "کيسي ۾ رکٹ جيتري ويڙھجندڙ ٽيليفون تمام سنھي ڪاربان مائڪروفون سان" جو خاڪو جمع ڪرايو. حقيقي طور ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين کٹي سگھٹ جھڙن ٽيليفون پُرزن کي تخليق ڪرٹ جي ڊوڙ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ شروع ٿي، ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ترقياتي ڪمن کي زور وٺرائٹ جي ڪري. وڌيڪ سُڌارن سان موبائيل ٽيليفون شروعاتي ٻُڙي دور يا زيرو جنريشن (0G) سان سلسليوار "جنريشنن" يا دورن مان پار اُڪرٹ لڳو، جيئن تہ بيل نظام جو موبائيل ٽيليفون سروس ۽ اِن جو جاءِنشين سُڌارو ٿيل موبائيل ٽيليفون سروس. ھي (0G) نظام سيليولر نہ ھُئا. اُنھن ذريعي بس ڪجھہ ھڪ جھڙا ڪال ڪري سگھبا ھُئا، جيڪي نھايت مُھانگا ھوندا ھُئا. لارج اسڪيل انٽيگريشن (LSI) ٽيڪنالاجي ۾ ميٽل آڪسائيڊ سيميڪنڊڪٽر (MOS) جي ترقيءَ سان ڄاٹ جي نظريي ۽ سيليولر نيٽورڪنگ سُھانگن موبائيل ڪمينيڪيشنس ۾ سُڌارن جي اڳواٹي ڪئي.[14] ۽ پُرزا جھڙوڪ ڪار فون.

پھريون ھٿ ۾ کٹٹ جھڙو سيليولر موبائيل فون جان ايف مِچل[15][16] ۽ موٽرولا جي مارٽن ڪُوپر پاران 1973ع ۾ ظاھر ڪيو ويو. اُن ھٿ واري اوزار جو وزن ٻہ ڪلو گرام يا (4.4lb) پائونڊ ھو.[17]

پھريون خودڪار ڪاروباري سيليولر نيٽورڪ (1G) جپان ۾ "نِپون ٽيليگراف ۽ ٽيليفون" پاران 1979ع ۾ مُتعارف ڪيو ويو ھو.

اُن جي پيروي ڪندي اِھو ساڳيو نظام "نورڊڪ موبائيل ٽيليفون" (NMT) ڊينمارڪ، فِنلينڊ، ناروي ۽ سُئيڊن ۾ 1981ع ۾ مُتعارف ڪيو.[18]

ٻين بہ ڪيترن ئي مُلڪن اِنھن جي 1990ع جي ڏھاڪي جي شروعاتي اڌ تائين پيروي ڪئي.

ھي (1G) دور جا پھريان نظام فقط ڪجھہ ھڪ جھڙا ڪال ئي ڪرائي سگھندا ھُئا پر پوءِ بہ سيليولر ٽيڪنالاجي جي مُتبادل طور ڪتب ايندا ھُئا.

1983ع ۾ پھريون ڀيرو ھٿ ۾ کٹٹ جھڙو موبائيل ڊيانا ٽيڪ 8000x ڪمرشل طور موجود ھو.

1990ع جي ڏھاڪي ۾ جديد سيليولر نيٽورڪ ظاھر ٿيا، جن کي MOSFET بيسڊ RF power amplifiers،

(MOSFET ۽ LDMOS) ۽ RF circuits

(RF CMOS) پاران وڏي پئماني تي ھنج وٺي فعال ڪيو ويو،[19] [20] [21] جيڪي بِنا تار واري رابطيڪاري ۾ ڊجيٽل سگنل پروسيسنگ جي تعارف جي اڳواڻي ڪري رھيا ھُئا.[22]

1991ع ۾ ريڊيولِنجا (انگريزي Radiolinja) پاران ٻيو دور يا سيڪنڊ جنريشن (2G) جديد سيليولر ٽيڪنالاجي جي ايس ايم معيار (انگريزي GSM Standard) تي فِنلينڊ ۾ مُتعارف ڪرايو ويو.

ايئن اِن ميدان ۾ نون نيٽورڪ آپريٽرن وچ ۾ سخت مُقابلو شروع ٿي ويو، جيڪا ڳالھہ پھريان کان موجود (1G) نيٽورڪ آپريٽرن لاءِ نھايت ڳٹتي جوڳي آھي.

جي ايس ايم اسٽينڊرڊ (انگريزي: GSM Standard) يورپ واسين پاران CEPT (انگريزي: Europian postal and telecommunications conference) نالي سان ٿيل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل شروعات آھي.

فرانس ۽ جرمنيءَ جي سھڪار تي آڌاريل آر ۽ ڊي (انگريزي: R&D) فني حوالي سان اِن کي عمل جوڳو ثابت ڪيو ۽ 1987ع ۾ 13 يورپي ملڪن پاٹ ۾ مُتفق ٿي ڪري ھڪڙي ياداشت نامي تي صحيح ڪيو تہ ھو 1991ع تائين اِن حوالي سان ڪمرشل خدمتون مُتعارف ڪرائي ڇڏيندا.

جي ايس ايم (2G=) جي پھرين روپ (انگريزي:version) ۾ 6000 معياري صُفحا ھُيا.

2018ع ۾ آ اِي اِي اِي/ آر ايس اِي (انگريزي: IEEE/ RSE) ٿامس ھاگ ۽ فليپي ڊُپيِس کي پھرين جديد معيار جي موبائيل ٽيليفون ۾ حصو وجھٹ تي جيمس ڪلرڪ ميڪسويل تمغو ڏنو.[23]

2018ع ۾ 220 کان وڌيڪ مُلڪن جي 5 ارب کان وڌيڪ ماٹھن جي ايس ايم (انگريزي: GSM) کي استعمال ۾ آندو.

(2G) جي ايس ايم (4G)، (3G) ۽ (5G) تائين ارتقا ڪري چُڪي آھي. 2001ع ۾ (NTT DoCoMo) پاران (WCDMA) معيار تي جپان ۾ ٽيون دور (3G) مُتعارف ڪرايو.[24]

ھن جي پُٺيان3G ،3.5G ، يا ٽربو 3G جو واڌارو ڪيو ويو، جيڪو ھاءِ اسپيڊ پاڪيٽ ايڪسيس (انگريزي:HSPA) ڪُٽنب تي ٻَڌل ھُيو.

(UMTS) نيٽورڪ کي وڌيڪ مواد جي مُنتقلي، رفتار ۽ گُنجائش جي اجازت ھُئي.

2009ع تائين، ڪُجھہ جاين تي اِھو واضح ٿي چُڪو ھو تہ ڀرپور فريڪوئنسي رکندڙ ايپليليشنن جي واڌاري جي حوالي سان 3G غالب پئجي ويندو، جيئن تہ ھلندڙ نشريات.

نتيجي ۾، 3G جي موجود ٽيڪنالاجي ۾ ڏھوٹ کان وڌيڪ تيزيءَ سان سُڌارن ۾ واڌ جي واعدي سان ڏسندي ئي ڏسندي چوٿين دور (4G) جي ٽيڪنالاجين ۾ بھتريون اينديون ويون ۽ ھي صنعت شروع ٿي ويو.

پھريون ٻہ ٽيڪنالاجيون 4G جي حوالي سان ٺھيون ۽ ڪمرشلي طور مُھيا ٿيون. پھرين، واءِ ميڪس (انگريزي:WiMAX) معيار، جنھن کي اسپرنٽ (انگريزي:Sprint) پاران اُتر آمريڪا ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ٻي ايل ٽي اِي (انگريزي: LTE) معيار، جنھن کي اسڪئنڊينويا ۾ ٽيليا سونيرا (انگريزي: TeliSonera) پاران پيش ڪيو ويو.

5G ھڪ اھڙي فنيات (انگريزي: technology) آھي، جيڪا اصطلاح طور IMT) 4G) جي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌيل موبائيل ٽيليڪميونيڪيشن معيار جي ٻئي اھم مرحلي کي ظاھر ڪرٹ لاءِ تحقيقي مَقالن ۽ رِٿائُن ۾ ڪَتب اچي ٿو.

5G اصطلاح رسمي طور تي اڃا تائين ڪنھن وضاحتي يا سرڪاري دستاويز ۾ ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپنين يا معتبر ڌُرين جيئن تہ، WiMAX ،3GPP فورم يا ITU-R پاران ڪتب نہ ٿو ڪيو وڃي.

4G جي نون ٻاھرين معيارن کي معياري ادارن پاران ترقي وٺرايو پيو وڃي، پر اُھي اڃا تائين 4G جي ڇَٽيءَ جي ھيٺيان ڏٺا پيا وڃن، ڪنھن نئين موبائيل دور (جنريشن) لاءِ نہ.

قِسم

[سنواريو]

سمارٽ فون

سمارٽ فون کي ڳٹپ جوڳيون نُمايان خاصيتون آھن.

عالمي ٽيليڪميونيڪيشن اتحاد اُنھن کي ڳنڍڄار ملائيندڙ (انگريزي: Internet connection) سان ڀيٽيندو آھي، جنھن کي فعال موبائيل براڊبينڊ سبسڪرپشن چئبو آھي، جن ۾ ٽيبليٽ وغيرہ شامل آھن.

سُڌريل دُنيا ۾، سمارٽ فون اڳوٹن موبائيل نظامن جي ڀيٽ ۾ گھٹو اڳتي نڪري ويا آھن.

بھرحال، ترقي ڪندڙ مُلڪن ۾ اِھي موبائيل ٽيليفونن جي استعمال جو ڪُل پنجاھہ سيڪڙو %50 طور ليکيا وڃن ٿا.

فيچر فون

فيچر فون ھڪڙو اصطلاح آھي، جيڪو موبائل فونن کي بيان ڪرٹ لاءِ ماضيءَ جي نمونن وانگر علامتي طور ڪَتب ايندو آھي، جيڪي جديد سمارٽ فون جي ڀيٽ ۾ صلاحيتن ۾ محدود ڪيل ھوندا آھن.

فيچر فون علامتي طور تي ڪاڪردگيءَ جي حوالي سان آواز ڪال ڪرٹ ۽ لِکت پيغام مُھيا ڪندا آھن. اُن سان گڏ بُنيادي مَلٽي ميڊيا، ڳنڍ ڄار صلاحيتن ۽ ٻيا ذريعا جيڪي ڪَتب ۾ آٹيندڙن لاءِ "بِنا تار جي خدمتون مُھيا ڪندڙن" پاران پيش ڪيا ويندا آھن.

ھي بُنيادي موبائل فون مٿان وڌيڪ ڪارائتو ھوندو آھي، جيڪو فقط آواز ڪال ۽ لِکت پيغام ڪرٹ جي ئي لائق ھوندو آھي.[25] [26]

فيچر فون ۽ بُنيادي موبائل فون مالڪاٹو، مرضيءَ مُطابق ٺھيل سافٽ ويئر ۽ واپرائيندڙ سان گڏيل ھُجٹ جو لاڙو رکندا آھن.

اُن جي مُقابلي ۾ سمارٽ فون عام طور تي "موبائل ھلائيندڙ نظام" (انگريزي: Mobile operating system) ڪَتب آٹيندا آھن، جيڪو اڪثر سڀني پُرزن (انگريزي: devices) تي لاڳو ٿيندڙ عام خاصيتون وَنڊيندو آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Srivastava, Viranjay M.; Singh, Ghanshyam (2013). MOSFET Technologies for Double-Pole Four-Throw Radio-Frequency Switch. Springer Science & Business Media. ص. 1. ISBN 978-3-319-01165-3.
  2. Teixeira, Tania (23 April 2010). "Meet the man who invented the mobile phone". BBC News. 2 July 2021 تي حاصل ڪيل.
  3. "Timeline from 1G to 5G: A Brief History on Cell Phones". CENGN (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-09-21. 2022-02-18 تي حاصل ڪيل.
  4. Gupta, Gireesh K. (2011). "Ubiquitous mobile phones are becoming indispensable". ACM Inroads 2 (2): 32–33. doi:10.1145/1963533.1963545. https://dl.acm.org/doi/abs/10.1145/1963533.1963545.
  5. Taylor, Petroc. "Mobile Phone Subscriptions Worldwide 2024." Statista, 10 Mar. 2025.
  6. "Mobile penetration". 9 July 2010. Almost 40 percent of the world's population, 2.7 billion people, are online. The developing world is home to about 826 million female internet users and 980 million male internet users. The developed world is home to about 475 million female Internet users and 483 million male Internet users.
  7. Sherif, Ahmed. "Smartphone Market Shares by Vendor 2009–2024." Statista, 14 Jan. 2025.
  8. "Gartner Says Worldwide Smartphone Sales Grew 3.9 Percent in First Quarter of 2016". Gartner. اصل نسخو مان 22 May 2016 تي محفوظ ڪيل. 21 May 2016 تي حاصل ڪيل.
  9. "Mobile phones are becoming ubiquitous". International Telecommunication Union (ITU). 17 February 2022. اصل نسخو مان 4 September 2022 تي محفوظ ڪيل. 17 June 2022 تي حاصل ڪيل.
  10. "Nokia Captured 9% Feature Phone Marketshare Worldwide in 2016". Strategyanalytics.com. 24 February 2017. 7 September 2018 تي حاصل ڪيل.
  11. "BBC News | Business | Mobile phone sales surge".
  12. Harris, Arlene; Cooper, Martin (2019). "Mobile phones: Impacts, challenges, and predictions". Human Behavior and Emerging Technologies 1: 15–17. doi:10.1002/hbe2.112. ISSN 2578-1863.
  13. "موبائيل فون جي وَبا ۾ وڪوڙيل ڇوڪريون". SindhSalamat. 2021-01-11 تي حاصل ڪيل.
  14. Srivastava, Viranjay M.; Singh, Ghanshyam (2013-10-07). MOSFET Technologies for Double-Pole Four-Throw Radio-Frequency Switch (انگريزي ۾). Springer Science & Business Media. ISBN 978-3-319-01165-3.
  15. www.brophy.net http://www.brophy.net/PivotX/?p=john-francis-mitchell-biography. 2021-01-12 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)
  16. www.brophy.net http://www.brophy.net/PivotX/?p=john-francis-mitchell-biography#CELLPHONEINVENTOR. 2021-01-12 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)
  17. "Meet the man who invented the mobile phone" (برطانوي انگريزي ۾). 2010-04-23. 2021-01-12 تي حاصل ڪيل.
  18. "Mobile/1980-90". web.archive.org. 2008-10-22. 2021-01-12 تي حاصل ڪيل.
  19. "B. Jayant Baliga - Wikipedia". en.m.wikipedia.org (انگريزي ۾). 2021-01-13 تي حاصل ڪيل.
  20. Asif, Saad (2018-07-20). 5G Mobile Communications: Concepts and Technologies (انگريزي ۾). CRC Press. ISBN 978-0-429-88134-3.
  21. O'Neill, A. (Winter 2008). "Asad Abidi Recognized for Work in RF-CMOS". IEEE Solid-State Circuits Society Newsletter 13 (1): 57–58. doi:10.1109/N-SSC.2008.4785694. ISSN 1098-4232. https://ieeexplore.ieee.org/document/4785694.
  22. Srivastava, Viranjay M.; Singh, Ghanshyam (2013-10-07). MOSFET Technologies for Double-Pole Four-Throw Radio-Frequency Switch (انگريزي ۾). Springer Science & Business Media. ISBN 978-3-319-01165-3.
  23. webmaster, Ieee. "Duke of Cambridge Presents Maxwell Medals to GSM Developers". IEEE - UK and Irعeland Section (برطانوي انگريزي ۾). 2021-01-15 تي حاصل ڪيل.
  24. "The history of UMTS and 3G development". www.umtsworld.com. 2021-01-16 تي حاصل ڪيل.
  25. "Definition of feature phone". PCMAG (انگريزي ۾). 2021-01-17 تي حاصل ڪيل.
  26. Hixon, Todd. "Two Weeks With A Dumb Phone". Forbes (انگريزي ۾). 2021-01-17 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Mobile telephones سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage