مهتاب (اداڪارڻ)
مهتاب | |
---|---|
![]() فلم جهانسي جي راڻي منجهان هڪ اسڪرين شاٽ | |
پيدائش | نجما زان 28 اپريل 1918 سچن، گجرات، انڊيا |
وفات | 10 اپريل 1997 (عمر 78 سال) ممبئي، مھاراشٽرا |
مدفن | بڙا قبرستان, ميرين لائنز، ممبئي |
پيشو | ناٽڪڻ |
متحرڪ سالَ | سال 1928–کان1969 تائين |
زال يا مُڙس | اشرف خان (طلاق ٿيل) سهراب مودي (1946–1984; هن جو موت) |
اولاد | 2 پُٽ |
مهتاب (انگريزي ٻولي: Mehtab) (سال 1918 کان 1997 تائين) هڪ ڀارتي اداڪارڻ هئي، جنهن اردو ۽ هندي جي فلمن ڪم ڪيو. هيءَ 1928 کان 1969 تائين فعال رهي.[1] سندس جنم سچن، گجرات ۾ هڪ مسلم خاندان ۾ ٿيو هيو. سندس نالو نجمہ رکيو ويو هيو. سندس پيءُ نواب سيد ابراهيم محمد ياقوت خان ثالث هيو. هيءَ سچن جو نواب هيو جيڪو سورت، گجرات جي ڀرسان موجود آهي.[2] هن 1920 جي ڏهاڪو ڻ ننڍڙن ڪردارن سان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي. سال 1928 ۾ فلم سيڪنڊ وائف، 1929 ۾ اندرا بي اي ۽ 1929 ۾ جينت ۾ هن ڪجھ ننڍا ڪردار نڀائيا. سال 1931 ۾ هن اشرف خان سان فلم ويرڪنال ۾ پهريون دفعو مکيا ڪردار نڀايو هيو. ان کان اڳ هيءَ ڪيريڪٽر ڪردار پڻ ڪندي هئي. هڪ ڏهاڪو تائين هن ايڪشن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ 1941 ۾ فلم چترليکا ۾ اوچتو کيس شهرت جي اوچائي نصيب ٿي ۽ الڳ سُڃاڻپ پڻ مليس ڇو تہ ان فلم ۾ هن وهنجڻ جو سين ڏنو هيو.[3] ان فلم جو کي شرما ڊائريڪٽ ڪيو هيو. هن ساٿي اداڪار اشرف خان سان شادي ڪئي ۽ هڪ پُٽ کي جنم ڏنو.۔ ان کانپوءِ جي ڏهاڙن ۾ سندن طلاق ٿي وئي ۽ مهتاب سهراب مودي سان 1946 ۾ ٻئي شادي ڪئي. مودي کيس 1953 جي فلم جهانسي جي راڻي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو پر اها فلم هڪ بُرو خواب ثابت ٿي پاڪاڻ تہ ان ۾ ڪجھ مسالا پڻ وڌا ويا هيا ۽ فلم کي مزيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.[4] انکانپوءِ هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخري ڀيرو فلم سمي بڙا بلوان ۾ نظر آئي. 10 اپريل 1997 تي ممبئي ۾ سندس موت ٿي ويو.
ذاتي زندگي[سنواريو]
مهتاب مذهب جي لحاظ کان مسلمان هئي پر هن هڪ پارسي سهراب مودي سان سادي ڪئي. سندس شادي 28 اپريل 1946 تي سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي ٿي هئي.[5] انکانپوءِ مهتاب ٻُڌايو تہ گهرڀاتين کيس جي شادي کي قبول نہ ڪيو هيو. اها مهتاب جي ٻئي شادي هئي. پهرئين شادي منجهان کيس 8 سال جو هڪ پُٽ هيو، جنهن جو نالو اسماعيل هيو. موديءَ مهتاب سان اڳوڻي مڙس کان اسماعيل جي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڳالهہ ڪئي پر هو هنن ٻنهين سان گڏ ئي رهيو. مودي ان وقت 46 سال جو هيو ۽ مهتاب کان 20 سال وڏو هيو. شادي کان اڳ نسيم بانو سان سندس قطع تعلق (طلاق) ٿيو هيو.[6] مهتاب ۽ مودي جي هڪ ڌيءُ پيدا ٿي جنهن جو نالو ميهيلي رکيو ويو ۽ اها مذهب جي لحاظ کان پارسي هئي. مودي جو موت 28 جنوري 1984 تي ٿيو ۽ مهتاب جو موت 10 اپريل 1997 تي ممبئي ۾ ٿيو ۽ کيس ميرين لائنز جي وڏي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[2][7]
ايوارڊ[سنواريو]
کيس 8هين سالياڻي بي ايف جي اي ايوارڊ ۾ فلم پرک جي لاءِ بهترين اداڪارڻ جو اعزاز ڏنو ويو.[8]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Yesteryear actress Mehtab remembers her husband Sohrab Modi". cineplot.com. Cineplot.com. حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2014. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ 2.0 2.1 "Mehtab-biography". cinegems.in. Cinegems.in. وقت 25 ڊسمبر 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2014. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=, |archive-date=
(مدد) - ↑ Kidar Sharma (2002). The one and lonely Kidar Sharma, (an anecdotal autobiography). Bluejay Books. p. 178. ISBN 978-81-87075-96-7. https://books.google.com/books?id=jP9kAAAAMAAJ. Retrieved 25 ڊسمبر 2014.
- ↑ B D Garga (1 ڊسمبر 2005). Art Of Cinema. Penguin Books Limited. pp. 57–. ISBN 978-81-8475-431-5. https://books.google.com/books?id=ITAnAgAAQBAJ&pg=PT57. Retrieved 18 ڊسمبر 2014.
- ↑ "Founders-Sohrab Modi". Film and TV Guild India. وقت 30 مارچ 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2014. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=, |archive-date=
(مدد) - ↑ D. P. Mishra; India. Ministry of Information and Broadcasting. Publications Division (1 سيپٽمبر 2006). Great masters of Indian cinema: the Dadasaheb Phalke Award winners. Publications Division, Ministry of Information and Broadcasting, Govt. of India. ISBN 978-81-230-1361-9. https://books.google.com/books?id=whtmAAAAMAAJ. Retrieved 25 ڊسمبر 2014.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedMuvyz
- ↑ "BFJA Award winners 1945". bfjaaward.com. Bengal Film Journalists' Association. وقت 27 ڊسمبر 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 ڊسمبر 2014. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=, |archive-date=
(مدد)