منظور ڪالوني ٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منظور ڪالوني ٽو
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
يو سي 6 منظور ڪالوني 2
منظور ڪالوني ٽو is located in سنڌ
منظور ڪالوني ٽو
منظور ڪالوني ٽو
منظور ڪالوني ٽو is located in Pakistan
منظور ڪالوني ٽو
منظور ڪالوني ٽو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°50′41″N 67°05′21″E / 24.84472°N 67.08917°E / 24.84472; 67.08917مڪانيت: 24°50′41″N 67°05′21″E / 24.84472°N 67.08917°E / 24.84472; 67.08917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو فيروز آباد سب ڊويزن

منظور ڪالوني 2(انگريزي: Manzoor Colony 2 ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ يو سي منظور ڪالوني 1 ۽ اوڀر ۾ اختر ڪالوني ۽ اولھ م بلوچ ڪالوني روڊ ۽ ڏکڻ ۾ مين ڪورنگي روڊ واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 2 ۽ ان جو نالو منظور ڪالوني ھيو. 2013 ۾ ان کي ٻن حصن ۾ ورھائي انھن ۾ ٻيا علائقا شامل ڪري ٻہ يونين ڪاميٽيون ٺاهيون ويون جن م ھڪ منظور ڪالوني 1 ۽ ٻي منظور ڪالوني 2 شامل آھن جن کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني م پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي محمد نواز اولوخ چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي محمد نديم چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ڪنھن بہ سياسي پارٽي سان نہ ھيو ۽ آزاد اميدوار ھيا[1]. ھن يو سي ۾ زيادہ تر غريب آبادي رھندڙ آھي. پکيڙ جي لحاظ کان ھتي آبادي گھاٽي آھي ان ڪري ھتي گھر ننڍڙا ۽ گھٽيون سوڙھيون آھن. ھن يو سي ۾ رھائشي منصوبه بندي جو فقدان رھيو آھي. ھن ڪالوني مان مصطفي روڊ، علامه اقبال روڊ ۽ بلوچ ڪالوني روڊ گذرن ٿا. ھن يو سي ۾ ڪشمير ڪالوني، جوڻيجو ٽائون ۽ رحمان ڪالوني، بلوچ ڪالوني پوليس اسٽيشن، فيملي پارڪ جوڻيجو ٽائون ۽ ڊفينس ويو واقع آھن جتي اقرا يونيورسٽي، اڪيڊمي ڊفينس ويو ڪيمپس، ايڪسپريس نيوز ٽي وي جي آفيس، ڪرسچين گريويارڊ، سنڌ رزرو پوليس آفيس، امتياز مارڪيٽ ڊفينس ويو پڻ واقع آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/