مليريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مليريا وائرس

مليريا لفظ اطالوي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي: ”گندي هوا“ مخصوص علائقن ۾ مليريا جي عام هئڻ جو سبب اينو فليز (Anopheles) نالي مڇر آهي. هي مڇر مليرياجي جراثيم کي، جيڪو انهيءَ جي جسم ۾ پلندو آهي. انسان ۾ منتقل ڪندو آهي.

تيز بخار سان گڏ سيءُ لڳڻ ۽ رت جي گهٽتائي مليريا جي عام علامت آهي. مريض جي مرڻ جو سبب دماغ ۾ رت جي نالين ۾ تباهه ٿيل ڳاڙهن ذرڙن جو جمع ٿيڻ آهي. انهن ۾ رت جي گردش جي رڪاوٽ ڪارڻ بڻجندي آهي.

مليريا جا جراثيم اينو فليز مڇر جي معدي ۾ پلندا آهن، جيڪي معدي کان ان جي وات ڏانهن سفر ڪندا آهن، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي چَڪُ پائيندو آهي ته، هي جراثيم ان جي منهن مان نڪري انهيءَ ماڻهوءَ جي رت جي گردش ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ هڪ خاص وقفي کان پوءِ بيماريءَ جون علامتون وقفي وقفي سان ظاهر ٿينديون آهن. مليريا جو خاتمو انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي ته، اينو فليز مڇر کي ختم ڪيو وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ جتي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب انتظام، صحت ۽ صفائي جا اصول آهن، اتي هن بيماريءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ انسان داخلي طور پنهنجو دفاع ڪرڻ ۽ خارجي طرح ان کي ختم ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪيا آهن. داخلي طور ڪجهه دوائون، جهڙوڪ: ڪلورو ڪوئين (Chloroquin)، ڪونين (Quninine)، پيلوڊرين (Paludrine)، ڊاراپرم (Daraprim) ۽ ڪن نين دوائن وغيره جو استعمال آهي، جيڪي انساني جسم ۾ داخل ٿي مليريا جي جراثيم سان جنگ ڪري انهن کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن. خارجي طور تي مڇر کي ختم ڪرڻ جون تدبيرون ڪيون وڃن ٿيون، ان جو طريقو اهو آهي ته، اهي سڀ جايون صاف ڪيون وڃن ٿيون، جتي اهو پلجي ٿو. بيٺل پاڻي خارج ڪيو وڃي ٿو. مينهن جي بيٺل پاڻيءَ يا ٻئي گدلي پاڻيءَ ۾ ڊي، ڊي ٽي يا ٻيون جيت مار دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان مڇرن جا آنا ۽ مڇرن جي ٻچن کي ختم ڪيو وڃي ٿو.[1] مليريا هڪ ننڍي جيوڙي جو اثر آهي جنهن کي پلازموڊيئم Plasmodium چيو ويندو آهي. هي ڪجهه ڏينهن لاءِ ماڻهوءَ جي جگر ۾ جاءِ ٺاهيندو آهي ان کان پوءِ وڌيڪ جيوڙا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن جيڪي ڳاڙهن جزن تي حملو ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهڙي طرح هڪ شخص کي بيمار ڪرڻ کان پوءِ ٻئي صحتمند ماڻهوءَ تائين پڻ پهچي ويندا آهن. هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين بيماري پهچائڻ جو ڪم مادي مڇر ”Anophels“ سر انجام ڏيندي آهي. جڏهن بخار واري ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ٿي ته ان جي جسم مان جيوڙن واري رت جي ڦڙي کي ڇڪي وٺي ٿي، هي انهيءَ جي جسم ۾ وڃڻ کان پوءِ ان جي Silvary glands اندر پهچي ويندا آهن ۽ انهيءَ انتظار ۾ هوندا آهن ته هي مادي مڇر ڪڏهن ٿا ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ کي چڪ هڻن ته جيئن ان کي بلڊ اسٽريم Blood Streem ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملي. اهڙيءَ طرح مليريا هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچندي ويندي آهي. حقيقت ۾ مليريا ٿيڻ جو سبب ٻين مرضن وانگر کاڌ خوراڪ صحيح نه هئڻ به آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن جي جسماني نظام ۾ زهريلا مادا وڌي ويندا آهن. ان جي ڪري ئي بيماريون وڌيڪ وڌن ٿيون ۽ مليريا جا جيوڙا جسم اندر پرورش وٺندا هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچندا رهن ٿا. اڄڪلهه هٿرادو غذائون مثلاً اڇي کنڊ، اڇو اٽو، ۽ انهن مان تيار ٿيل کاڌا. دٻن ۾ پئڪ ٿيل کاڌا، چانهن ، ڪافي ۽ الڪوحل وارا جوس ماڻهن جي جسماني نظام جي قوت کي ٽوڙي ٿا ڇڏين جنهن جي ڪري به مليريا وڌندي وڃي ٿي.[2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب "ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا" ليکڪ بدر ڌامراهه . ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ
  2. {رسالو: سرتيون؛ جنوري 2006؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}