صحت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

صحت مان مراد جسم جي اها ڪيفيت آهي جيڪا معمول جي مطابق هجي يا جسماني ۽ ذهني تندرستي. هي لفظ عام طور تي جسماني ڪيفيت جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي.

صحت جي سهولتن جي کوٽ[سنواريو]

پاڪستان ۾ ٽين دنيا جي ٻين پٺتي پيل ملڪن وانگر صحت جي سھولتن تائين پهچ هڪ بنيادي مسئلو آهي ۽ اهو مسئلو معاشري ۾ موجود سماجي، معاشي ۽ سياسي جوڙجڪ سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ رٿابندي جي ماهرن ۽ آپيشاهي پاران ٺاهيل صحت پاليسي ناڪام ترين پاليسي آهي ۽ پاڪستان جا شهري صحت جي بنيادي سھولتن کان وانجهيل آهي.

پٺتي پيل ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي بيماريون وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي گند، صفائي جي نه هئڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ پکڙجن ٿيون. مثال طور، دستن جون بيماريون، ارڙي، ڪالرا، پيچش، آنڊي جون بيماريون ۽ پوليو وغيره. انھن علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو جتي صاف پاڻي جو انتظام نه آهي اتي بيمارين پکڙجڻ جا امڪان گهڻا آهن. پاڪستان ۾ هٿ آيل انگن اکرن موجب پهرئين نمبر تي پيٽ جون بيماريون ۽ ٻئي نمبر تي هوا وسيلي ڦھلجندڙ بيماريون ٽي.بي، فلو، ارڙي، مليريا وغيره عام جام آهن.

انھن بيمارين جا مختلف قسم ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پٺتي پيل ملڪن جي عوام جا قاتل آهن. اهي مرض غريبن جا مرض آهن ۽ انهن جو وڏو سبب غربت آهي. ڇاڪاڻ ته پيئڻ جي صاف پاڻي نه هجڻ، گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام نه هجڻ، غير معياري ۽ گهٽ خوراڪ جو هجڻ انهن غريب ملڪن جو هڪ عام مسئلو آهي. ان کانسواءِ تعليم جي کوٽ ڪارڻ ماڻهن کي صحت ۽ صفائي بابت بنيادي ڄاڻ به نٿي حاصل ٿئي، جنھن ڪري انهن بيمارين جو وڏو انگ غريبن سان گڏ رهي ٿو. غريب ماڻهو غير معياري خوراڪ ۽ پيئڻ جو غليظ پاڻي پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان نٿا واپرائن، پر انهن کي سندن گهٽ اجرتن ۽ غربت جي سزا ملي ٿي.

وسندين ۾ گند ڪچري جا ڍير، مکيون، مڇر، جانور ۽ انسان هڪ ئي هنڌ گذارين ٿا ۽ شهري خدمت جا ادارا، بلدياتي ادارا ۽ پبلڪ هيلٿ جھڙا کاتا رڳو پنهنجي فنڊن ۽ ڪميشنن کائڻ جي پويان آهن، جنھن سبب مٿي ذڪر ڪيل بيماريون پنھنجو ڄار پکيڙي رهيون آهن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي، ڪني پاڻي ۽ گندگي جي نيڪال جي انتظام کان وڌيڪ ڪوبه قدم انهن مسئلن کي حل ڪري نٿو سگهي.

ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ به صورتحال ڪا چڱي ڪونه آهي. حڪومت جا ٺهرايل بنيادي صحت جا مرڪز ۽ يونٽ ويران آهن. انهن يونٽن ۽ مرڪزن ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر ڊيپوٽيشن تي شهرن جي اسپتالن ۾، يا وري هفتيوار حاضري لڳائڻ ۽ پگهار کري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي کپايون وينديون آهن ۽ عام طور تي ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر انهن مرڪزن ۽ يونٽن ۾ ايندڙ مريضن تي پنهنجي قابليت جا تجربا ڪندا رهندا آهن.

پاڪستان ۾ شهري آبادي جي 21 سيڪڙي حصي کي ۽ ٻهراڙين جي رڳو 4 چار سيڪڙي حصي کي صحت ۽ صفائي جون بنيادي سهوليتون حاصل آهن، جڏهن ته شهري آبادي جي 53.8 سيڪڙو آبادي ۽ ٻهراڙين جي 17 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي مليل آهي.

ٽين دنيا جي ملڪن ۾ طبي تعليم، تربيت ۽ انتظام پڻ نوآبادياتي نظام جو ورثو ۽ عطيو آهي ۽ ان نظام کي شعوري طور تي ترقي ڏني پئي وڃي جنھن سبب تربيت ورتل ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر تي حڪومت جو لکين روپيه خرچ اچي ٿو، ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ يورپ ۽ آمريڪا وڃڻ جي خواهش رکن ٿا ۽ موقعو ملندي ئي ڀڄي وڃن ٿا. نتيجي ۾ عوام جي پگهر ۽ پورهئي جي ڪمائي مان خرچ ڪيل پئسو زيان ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف امير ملڪن کي مفت ۾ ڊگري ورتل ۽ تيار ڊاڪٽر ملي وڃن ٿا ۽ غريب ملڪن جي ذهني صلاحيتن جو پڻ استحصال ٿئي ٿو.

انـهـيءَ ذهـنـي صــلاحـيـتـن جــي لــڏپـلاڻ واري عمل کي برين ڊرين (Brain Drain) جو نالو ڏنو ويو آهي. بين الاقوامي سطح تي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ذهني صلاحيتن رکندڙ فردن جي لڏپلاڻ جو سوال ان لاءِ اهميت رکي ٿو ته ان سان ڪنھن خاص نظام ۽ انهيءَ سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ واري صورتحال جي خبر پوي ٿي، جنھن جي سرحدن ۾ اهو نظام سرگرم عمل آهي. جيئن ٽين دنيا جي ملڪن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچو ان پوزيشن ۾ نه آهي جو بين الاقوامي طور تي ذهني صلاحيتن جي لڏپلاڻ واري عمل کي روڪي سگهي. اهو رڳو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن انهن ملڪن جي سماجي ۽ معاشي سسٽم ۾ ڪا بنيادي تبديلي اچي ۽ ملڪ کان ٻاهر موجود سهوليتون ملڪ اندر ئي ميسر ٿين. تعليم ۽ تربيت جي لاڳو غلط سسٽم سبب ڊاڪٽرن ۾ شهرن جي اسپتالن ۽ نجي پريڪٽس ڪرڻ جي خواهش عام طور تي ٻهراڙين جي طبي مرڪزن جي ويراني ۽ وڌندڙ بيمارين کي جنم ڏئي ٿي.

1978ع ڌاري صحت جي عالمي اداري پاران ”الماتا ڪانفرنس“ ۾ سن 2000ع تائين دنيا جي سمورن ماڻهن کي صحت جي سمورين سهوليتن فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو، جنھن تحت نه رڳو علاج پر احتياطي تدبيرون، صفائي سٿرائي ۽ اڳواٽ علاج جون سهوليتون پڻ ڏنيون وڃن ها. انهيءَ تصور کي پرائمري هيلٿ ڪيئر (P.H.C) جو نالو ڏنو ويو هيو. پي.ايڇ.سي جو تصور رڳو طبي صحت نه بلڪ سماجي ۽ معاشرتي مسئلن سان پڻ لاڳاپيل آهي.

گذريل ورهين ۾ دوائن ٺاهڻ جي ڪمپنين پنهنجي مختلف دوائن جون قيمتون وڌايون آهن ۽ حڪومت طرفان به انهن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. طبي ماهرن موجب پاڪستان ۾ بيمارين جا جيترا به قسم آهن، انهن جي علاج لاءِ 728 بنيادي دوائن جي ضرورت آهي. پر مارڪيٽ ۾ هن وقت ساڍا چار هزار دوائون مختلف نالن سان موجود آهن، جن مان وري ڪي اهڙيون آهن جن تي يورپ ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ بندش پيل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن دوائن سبب ٻيون ڪيتريون ئي موتمار بيماريون جنم وٺن ٿيون. هن وقت پاڪستان ۾ دوائن ٺاهڻ جي صنعت جو 95 سيڪڙو حصو عالمي هڪ هٽين يعني ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جي هٿ ۾ آهي. انهن ڪمپنين جو ڄار پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي. اهي ڪمپنيون خام مال هڪ ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، مصنوعات ٻئي ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، پيڪنگ ٽئين ملڪ ۾ ڪن ٿيون ته وري مارڪيٽنگ چوٿين ملڪ ۾ ڪن ٿيون، هن وقت پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ دوائن مان پيڪنگ جو 68 سيڪڙو ۽ خام مال جو 86 سيڪڙو ٻاهران گهرايو وڃي ٿو، جنهن تي قيمتي ٻاهريون ناڻو خرچ ٿئي ٿو. ٻئي طرف حڪومت ان سلسلي ۾ دوائن جي صنعت ۾ ملڪ کي خود ڪفيل بنائڻ ۽ واضح پاليسين ٺاهڻ جي بدران غير ملڪي مفادن هيٺ حڪمت عمليون جوڙي رهي آهي. جڏهن ته دوا سازي جي صنعت ۾ ڪم ايندڙ خام مال پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو.

بنيادي طور تي عوام کي صحت جي سهوليتن جي فراهمي جو مسئلو سياسي مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪر شاهي ۽ اشرافيا، صحت جي شعبي ۾ پنهنجون پاليسيون رڳو معاشري جي هڪ حصي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جوڙي رهيا آهن. [1] [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=383#19578
  2. روزاني عوامي آواز- 1 نومبر 1997ع
  3. ڪتاب: سياست، سماج ۽ آزادي