انساني جسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انساني جسم- کي -ٽن- حصن ۾ ورهائجي ٿو: (1) منڍي: جنهن ۾ مٿو، ميڄالو، مُنهن، -اکيون-، نڪ، ڪن، چپ ۽ وات اچي وڃن ٿا. (2) ڌَڙُ: هن حصي ۾ هٿ، ٻانهون، سينو، پيٽ ۽ چيلهه اچن ٿا. (3) پولُهه: هي چيلهه کان هيٺ وارو حصو آهي، جنهن ۾ ٽنگون، پير ۽ اخراج جا عضوا اچي وڃن ٿا. ڌڙ واري حصي مان پيٽ ۾ ڪيترائي سرشتا آهن، جيڪي زندهه رهڻ لاءِ -انسان- جي مدد ڪن ٿا. انهن سرشتن ۾ کاڌي، هوا ۽ رت جا مکيه سرشتا آهن. انساني جسم جي بناوت: -انساني جسم- جي هڪ خاص شڪل ۽ بناوت آهي. -ان- جو سبب هيءُ آهي ته -انساني جسم- ۾ هڏين جو هڪ فريم آهي، جنهن کي ”بوتو“ يا ”هڏائون پڃرو“ چئجي ٿو. انساني بوتي يا هڏائين پڃري ۾ 206 هڏيون ٿين ٿيون، -جن- کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. ڊگهيون هڏيون: اُهي ٽنگن، -ٻانهن- ۽ سيني ۾ ٿين ٿيون، انهن ۾ سوراخن جهڙيون خالي جايون ٿين ٿيون، -جن- ۾ هڪ نرم مادو ڀريل ٿئي ٿو، جنهن کي هڏين جو گُودو چئجي ٿو. تراکڙيون هڏيون: اُهي تراکڙي شڪل ۾ کوپڙيءَ ۽ ڪلهن ۾ هونديون آهن. انهن ۾ خالي جايون نه هونديون آهن. ننڍيون هڏيون: اهي ڪرائيءَ ۽ مُرين ۾ هونديون آهن. مڙيل هڏيون: ڪرنگهي ۾ وٽ واريون هڏيون. اهو هڏائون پڃرو گوشت سان ڍڪيل هجي ٿو جنهن ۾ مشڪون، ريشا وغيره ٿين ٿا رت جون سنهيون ٿلهيون ناليون، دماغي تنتون وغيره -ان- مان گذرن ٿيون. -ان- مٿان چمڙي ٿئي ٿي، جيڪا بدن کي ڍڪي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]