ملان ڪاتيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ملا ڪاتيار
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل
Mulla Katiar
ملا ڪاتيار is located in سنڌ
ملا ڪاتيار
ملا ڪاتيار
ملا ڪاتيار is located in Pakistan
ملا ڪاتيار
ملا ڪاتيار
جاگرافي بيهڪ: 25°06′39″N 68°21′41″E / 25.11083°N 68.36139°E / 25.11083; 68.36139مڪانيت: 25°06′39″N 68°21′41″E / 25.11083°N 68.36139°E / 25.11083; 68.36139
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان

ملا ڪاتيار(انگريزي: Mulla Katiar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 8 ملاڪاتيار آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ھي شھر ٽنڊو محمد خان کان 16 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سعيدپور واري دڳ سان واقع آهي. ھن شھر جو پوسٽل ڪوڊ يا زپ ڪوڊ 70221 آھي[1]. شھر جي اترئين پاسي ۾ ھڪ ڪرڪيٽ جو ميدان آھي جتي شھر جا نوجوان ڪرڪيٽ راند کيڏندا آهن. شھر جي پاسي کان ميران شاخ پڻ وھي ٿي جيڪا پنياري ڪينال مان نڪري ٿي. شھر مان ھڪ روڊ ٽنڊو محمد خان ۽ ٻئي پاسي کان ھڪ روڊ دڙو شھر ڏي نڪري ٿو.


سر آغا خان پل[سنواريو]

سنڌوندي جي ڪناري تي واقع ھن شھر کي جھرڪ شھر سان ڳنڍڻ لاء سر آغا خان جھرڪ ملا ڪاتيار پل ٺاھي وئي جنھن سان ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعي جي شھرن ۾ روڊ رستي آمدورفت جو آغاز ٿي ويو. ان پل تي 4.50 ارب رپيا لاڳت آئي[2]. ھي پل سنڌوندي تي موجود پلين ۾ سڀ کان ڊگھي پل آھي جنھن جي ڊيگھ 1.75 ڪلوميٽر آهي. فيبروري 2017 ۾ بلاول ڀٽو زرداري ھن پل جو افتتاح ڪيو[3].

درگاھ[سنواريو]

ھن يو سي جو ھڪ مشھور ڳوٺ وسي ملوڪ شاھ آھي. شھر جي اتر طرف ملا ڪاتيار جي درگاھ پڻ واقع آهي جيڪو ھن شھر جو سياحتي مرڪز آھي.

صحت[سنواريو]

ھتي جي ماڻھن کي چويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪم ڪري ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. [1] ڊيٽا.مونگابي.ڪام
  2. [2]ملا ڪاتيار پل
  3. › ne...Bilawal inaugurates longest Indus River bridge - Business & Finance ...