مقصودو رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مقصودو رند
Maqsoodo Rind
ديهه
مقصودو رند is located in سنڌ
مقصودو رند
مقصودو رند
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 26°03′24″N 68°34′51″E / 26.05667°N 68.58083°E / 26.05667; 68.58083مڪانيت: 26°03′24″N 68°34′51″E / 26.05667°N 68.58083°E / 26.05667; 68.58083
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو سانگهڙ

مقصودو رند (انگريزي: Maqsoodo Rind) جيڪو ضلع سانگهڙ ۾ واقع آهي.هي ڳوٺ هاڻي هڪ وڏو واپاري مرڪز ٿي چڪو آهي. هن شھر ۾ اڪثر رند برادري جا ماڻهو رهندا آهن جيڪي شيعه،مسلمان آهن. انهي سان گڏوگڏ ٻيون ذاتيون لاشاري زرداري خاصخيلي بروهي ٽالپر ۽ جمالي به رهن ٿا. اگرچه هي علائقو پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ تقريباً 35 سال آباد نه هو پر هينئر هي ڳوٺ هڪ شهر جو ڏيک ڏيندو آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ اولياء پڻ سخي سلطان فقير جي نالي سان موجود آهي جنهن جي درگاهه تي ڏينهن رات سوين ماڻهو اچي زيارت ڪندا آهن. شھر مقصودو رند عزاداري جي حوالي سان تمام گھڻو مشھور آھي پھرين محرم الحرام کان وٺي چالھي امام حسين تائين ڪيترائي پروگرام ٿيندا آهن هن شھر ۾ ھر سال 3 رجب المرجب ۽ 25 محرم الحرام تي تمام وڏا پروگرام پڻ منعقد ٿيندا آھن جنھن ۾ پوري ملڪ جا مشهور ۽ معروف علماء ۽ ذاڪرين سان گڏوگڏ نوحه خوان نوحه خواني ڪندا آهن. هن ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ اولياء سخي سلطان فقير جي نالي سان موجود آهي جنهن جي درگاهه تي ڏينهن رات سوين ماڻهو اچي زيارت ڪندا آهن. مقصودو رند ۾ اڪثر سرائيڪي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي هن علائقي ۾ هر 14آگسٽ ۾ ڪوڏي ۽ ڪرڪيٽ جا مقابلا منعقد ٿيندا آهن جنهن ۾ علائقي جا ماڻهو دل کولي حصو وٺندا آهن انهي کان علاوه هتي هر سال سخي سلطان فقير جو عرس پڻ ٿيندو آهي جنهن ۾ به علائقي واسي ڀرپور مزو وٺندا آهن. ھن شھر جي آسپاس تقريبن رند قوم جا ڳوٺ آھن اولھ طرف ڳوٺ خان رند ،يارو رند مٺو رند اتر طرف حاجي رند ٻاجھي رند اوڀر طرف ڳوٺ مراد علي رند آهي جيڪو هاڻي مقصودو رند جو حصو ٿي چڪو آھي.