مقصودو رند
| مقصودو رند Maqsoodo Rind | |
|---|---|
| ديھ | |
| سنڌ جي نقشي ۾ | |
| متناسقات: 26°03′24″N 68°34′51″E / 26.05667°N 68.58083°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | سانگهڙ |
| تعلقو | شھدادپور |
مقصودو رند (انگريزي: Maqsoodo Rind) سنڌ جي سانگهڙ ضلعو ۾ واقع هڪ آبادي آهي، جيڪا وقت سان گڏ هڪ مقامي واپاري مرڪز جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي. هي علائقو انتظامي طور سنڌ، پاڪستان جو حصو آهي.
جغرافيائي ۽ انتظامي حيثيت
[سنواريو]مقصودو رند ضلعي سانگهڙ جي اندر واقع آهي ۽ سانگهڙ ضلعي جي مرڪزي زرعي پٽيءَ جو حصو بڻجي ٿو. علائقو ميداني بناوت رکي ٿو، جنهن سبب هتي زراعت ۽ ڳوٺاڻو واپار معيشت جا اهم بنياد آهن. مقصودو رند ويجهن ڳوٺن سان زرعي منڊي، واپاري سرگرمين ۽ روزمره آمدرفت جي ذريعي ڳنڍيل آهي. آبادي کي ڪچا ۽ پڪا رستا ضلعي سطح جي شاهراهن سان ملائين ٿا، جنهن سان مال جي ترسيل ۽ ماڻهن جي نقل و حمل ۾ سهولت پيدا ٿئي ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ ڊگهي عرصي تائين هي علائقو گهٽ آباد رهيو، پر بعد وارن ڏهاڪن ۾ ٻيهر آبادڪاري، زرعي سرگرمين جي واڌ ۽ واپار جي ترقي سبب مقصودو رند آهستي آهستي نيم شهري حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي.
آبادي ۽ سماجي جوڙجڪ
[سنواريو]هتي اڪثريت رند برادري سان تعلق رکي ٿي، جيڪي شيعا مسلمان آهن. ان سان گڏ لاشاري، زرداري، خاصخيلي، بروهي، ٽالپر ۽ جمالي برادرين جا خاندان پڻ آباد آهن. سماجي طور علائقو قبيلائي هم آهنگي ۽ مذهبي رسمن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو
.
ٻولي
[سنواريو]مقصودو رند ۾ سرائيڪي ٻولي عام طور ڳالهائي وڃي ٿي، جڏهن ته روزمره رابطن ۾ سنڌي ۽ اردو پڻ استعمال ٿينديون آهن.
معيشت ۽ واپار
[سنواريو]هي آبادي هاڻي مقامي سطح تي واپاري سرگرمين لاءِ مشهور آهي. ڀرپاسي جي ڳوٺن مان زرعي پيداوار هتي اچي ٿي، جنهن سبب دڪانداري، خريد و فروخت ۽ لاجسٽڪ سهولتن ۾ واڌ ٿي آهي.
مذهبي ۽ ثقافتي اهميت
[سنواريو]مقصودو رند عزاداري جي حوالي سان خاص شهرت رکي ٿو. محرم الحرام جي شروعات کان وٺي چاليهي امام حسينؑ تائين مجلسون، جلوس ۽ مذهبي پروگرام منعقد ٿيندا آهن. ان کان علاوه 3 رجب المرجب ۽ 25 محرم الحرام تي وڏا اجتماعا ٿيندا آهن، جن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان علماءِ دين، ذاڪرين ۽ نوحه خوان شرڪت ڪندا آهن.
اولياءَ ۽ درگاهون
[سنواريو]هتي بزرگ ]]سخي سلطان فقير[[ جي درگاهه واقع آهي، جيڪا علائقي جي روحاني مرڪزن مان هڪ آهي. درگاهه تي ڏينهن رات زائرين جي آمد رهندي آهي، ۽ هر سال عرس پڻ منعقد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڀرپاسي جي آبادي ڀرپور شرڪت ڪري ٿي.
راندين ۽ قومي ڏينهن
[سنواريو]هر سال 14 آگسٽ (يومِ آزادي) جي موقعي تي ڪوڏي ۽ ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿيندا آهن، جن ۾ مقامي نوجوان ۽ رهواسي وڏي جوش سان حصو وٺندا آهن.
پاڙيسري آباديون
[سنواريو]مقصودو رند جي آسپاس رند برادري جا ڪيترائي ڳوٺ واقع آهن: اولهه طرف: خان رند، يارو رند، مٺو رند اتر طرف: حاجي رند، ٻاجهي رند اوڀر طرف: مراد علي رند (جيڪو هاڻي مقصودو رند جو حصو بڻجي چڪو آهي)
تعليم
[سنواريو]شھر ۾ ھڪ ڇوڪرن جي تعليم لاء گورنمينٽ ھاء اسڪول قائم آھي.