مقاميت نگاري جو لاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مقاميت نگاريءَ جو لاڙو (Regionalism)، ڪنهن به ادبي لکڻيءَ ۾ مقامي رنگ، ثقافت، ريتن رسمن ۽ منظرن کي پيش ڪرڻ کي مقاميت نگاري چيو ويندو آهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کان وٺي موجوده جديد ادب تائين سنڌي شاعريءَ ۽ نثري لکڻين ۾ مقاميت جو لاڙو موجود رهيو آهي. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌي ادب ۾ ”سنڌيت“، ٻولي قومي ڏڻ، ثقافت، ريتون، رسمون، ٻوليءَ جو تز استعمال ۽ ملڪي منظرن جي عڪاسي ڪرڻ سنڌي اديب پاڻ تي اخلاقي فرض سمجهيو آهي. شاھ ڪريم، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۾ ھي لاڙو چٽو ۽ عيان نظر ايندو. اهڙي طرح جديد دور جا اديب ۽ شاعر شيخ اياز، استاد بخاري، نسيم کرل، رسول بخش پليجو، عبدالڪريم گدائي، عبدالقادر جوڻيجو، سراج ميمڻ، شوڪت شورو وغيره بھترين مقاميت نگاريءَ کي اهميت ڏيندا رهيا اھن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي