مواد ڏانھن هلو

مسقطي حلوه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حلوو مسقطي (عربي: حلوه دندان گير، فارسي: افروشه، هندي/اردو وغيره: حلوا ۽ سيومنه) مشھور شيءِ آهي، جيڪا گيھ، کنڊ ۽ نشاستي کي گڏي ٺاهيندا آهن.

طبي خاصيتون

[سنواريو]

اثر: گرم تر 2، نقصان: دير هضم، ميل: ڦوٽا، عيوض: ___، وزن: قدر موافق.

خاصيت: دماغ ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿو، معدي ۽ آنڊن جي خشڪي گهٽائي ٿو، ٽوري کي نرم ڪري ٿو، بدن کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ ۽ قوت باھ وڌائڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.