مرزا غازي بيگ ترخان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مرزا غازي بيگ ترخان
فرزند غازي
مغلن جا گورنر
1009ھ کان 1017ھ تائين ٺٽي م پوء قنڌار ۾
پيشرو *مغل گورنرمرزا جاني بيگ ترخان
جانشين مرزا غازي بيگ جي قنڌار ۾ مقرري بعد ٻيو دفعوخسرو چرڪس
ريجنٽ مغل شھنشاھ اڪبر ۽ شھنشاھ جھانگير
پورو نالو
مرزا غازي بيگ پٽ جاني بيگ ترخان
گهراڻو ترخان
شاھي گھراڻو ترخان گھراڻو
پيءُ مرزا جاني بيگ ترخان
لاڏاڻو 1021ھ
مذھب اسلام

مرزا غازي بيگ ترخان(انگريزي: Mirza Ghazi Beg Tarkhan)دھلي جي مغلن جو ٺٽي جو گورنر ھيو پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ سندس ان منصب لاءِ خان خانان جي سفارش تي مقرري ٿي[1].ماثر رحيمي جو مؤلف لکي ٿو ته مرزا غازي جي حق ۾ اڪبر طرفان به فرمان جاري ٿيو ۽ حڪم ٿيو ته اهو فرمان باب طالب اسفهاني بطور ايلچي ٺٽي کڻي وڃي ۽ مرزا غازي ۽ ان جي اميرن کي شاهي عنايتن سان نوازي، پوءِ جڏهن واپس اچي ته مرزا غازي کي پاڻ سان گڏ وٺيو اچي ته جيئن نوجوان حاڪم پنهنجي بادشاهه جي ديدار ۽ آستان بوسي جو شرف حاصل ڪري. اڪبر نامه جي ليکڪ 1009ھ جي واقعن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو ته:

گيتو خدا وند از قدردائي الکائي او رابہ پور او، مرزا غازي باز گز اشت.

ترجمو: الله تعاليٰ ان جو قدر ڪندي سندس جاگير ان کي ئي عطا ڪري ڇڏي.

بادشاهي حڪم موجب، پيءُ کان پوءِ خودمختيار ٿي تخت تي ويٺو. اميرن جو کيس ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو سو، سندس ڪا به عزت نٿي ڪيائون. سندس ڀاءُ مرزا ابوالفتح جي زندگيءَ ۾، هڪ ڏينهن هيءُ سڀ سوار هئا ۽ هن (ابوالفتح) جي تعظيم خاطر کيس پوئتي ڇڏي ڏنو هئائون. انهيءَ ننڍپڻ جي وقت چيو هئائين ته ”جيڪڏهن مون کي حڪومت ملي ته هنن بد باطن ٻه اکيائي ڪندڙن سان ڇا نه ڪندس؟“ جيئن ته الاهيءَ تقدير موجب مرزا ابوالفتح اڳڀرو وفات ڪري ويو هو. جهڙيءَ طرح بيان ٿي آيو ۽ هن وقت هي ملڪ جو والي ٿي ويٺو، تنهنڪري پنهنجي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو ۽ هو پڻ ظاهرداري ڪرڻ لڳا[2].

پراڻن اميرن سان ڇڪتاڻ[سنواريو]

جيئن ته سندس طبيعت موزون هئي. سخن جي مشق ڪندو هو، يعني شعر چوندو هو ۽ پوءِ صاحبِ ديوان ٿيو. شاعرن جي عزت افزائي ڪندو هو. جنهنڪري پري پري کان هر طرف کان، صاحب طبع شاعر سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. ازانسواءِ ان وچ ۾، ملا اسد ۽ ملا رشيد وغيره فقيراڻي لباس ۾ ايران مان وٽس آيا. ملا اسد وجيهه، قصئه خوان ۽ فصيح هو. ميرزا غازي بيگ هنن سڀني جي صحبت کان محظوظ ٿيو. هنن کي منصب ۽ جاگيرن سان سرفراز ڪيائين، ملا اسد کي پنهنجي معلمي لاءِ ممتاز ڪري، بادشاهانه، شان و شوڪت سان گذاريائين ۽ پنهنجن ڪن قديم اميرن کي جيڪي دلسوزي ۽ گستاخي سان کيس عرض ڪندا هئا، جي اُهي پوءِ کيس ناگوار لڳندا هئا، ميرزا غازي بيگ انهن جي روبرو، نون اميرن کي، ”خان“ جي خطاب سان نوازي، اميرن سان منسلڪ ڪري ڇڏيو. جهڙوڪ، خواجگي احمد سوداگر فرنگ کي، ”اعتماد خاني“ جي خطاب سان، سرفراز ڪري، پنهنجو وزيراعظم ڪيائين. شهبازي کي جيڪو ڪبوتربازي جي خدمت تي مامور هو تنهن کي ”شهباز خاني“ جي خطاب سان سربلند ڪري پنهنجو مهردار ڪيائين. بولي هندو خدمتگار کي ”دولترائي“ جو خطاب ڏنائين ملا مرشد کي ”مرشد خاني“ جي خطاب سان نوازيائين. هاڻي اِنهن نون اميرن جي مرضي تي اَسين پراڻن اميرن ۽ خانن تي فوقيت کڻون. خسرو خان جي ملاحظي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هو اميرن مان نامدار، باوقار ۽ زبردست هو. جنهن کي ڪير به هٽائي نه ٿي سگهيو. نتيجي ۾ جديد اميرن، ميرزا غازي بيگ جي دل ۾ اها ڳالهه ويهاري ته هي قديم امير، نهايت بي ادب آهن. انهن جي هوندي اسين پنهنجن ڪمن ڪارين کان مطمئن نه ٿا ٿي سگهون، جن جو سردار خسرو خان آهي. جيڪڏهن خسرو خان اهڙي روش نه هلي ته سمورا امير توکان ڊڄن به ۽ توکان خوف به ڪن. جنهن تي ميرزا غضبناڪ ٿي فرمايو ته جڏهن خسرو خان سلام تي اچي ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جيڪو ان وقت دربار ۾ موجود هو، تنهن نه ٿي چاهيو ته اهڙي قسم جا امير ختم ٿين، سو اُتان اُٿيو. اتفاق سان قلعي کان ٻاهر در وٽ خسرو خان کيس مليو. جنهن کي ميرزا عيسيٰ (ثاني) اشاري ۾ مٿئين ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهنڪري هو واپس هليو ويو. ميرزا عيسيٰ ثاني کي نهايت ڳڻتي ٿي ته متان ڪير وڃي ميرزا غازي بيگ کي اها ڳالهه ٻڌائي، سو ميرزا عيسيٰ ثاني به ٺٽي مان نڪري سڌو دربار شاهي (دهلي) ڏي روانو ٿيو [1].خسرو خان چرڪس ترخاني اميرن ۾ سڀ کان مٿانهون مرتبو رکندڙ هو، سندس عروج مرزا جاني بيگ جي دؤر ۾ ٿيو ۽ مرزا غازي جي گورنري واري دؤر ۾ سندس شهرت ۽ عظمت عروج تي هئي. خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي ان ۾ خسرو چرڪس مرزا جاني طرفان وڏي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. خان خانان جڏهن مرزا جاني کي پاڻ سان گڏ هندستان وٺي ويو ته ٻين اميرن سان گڏ خسرو به مرزا سان هو. اڪبر جڏهن نصرپور، چاچڪان، ٺٽو، هالا ۽ جوڻ مرزا جاني کي جاگير ۾ ڏنو ته ان جو انتظام هلائڻ لاءِ مرزا ٻين سان گڏ خسرو کي به هندستان کان ٺٽي موڪليائين. جاني بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا غازي جي نابالغ هجڻ ڪري ملڪ جو سڄو ڪاروهنوار خسرو هلائيندو هو ۽ ان جو سڄو خاندان ان ملڪ ۾ موج مستيون ڪندو هو. ان جي ڪري مرزا کي وڏين وڏين مصيبتن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ جوانيءَ ۾ به ان جي اثر کي گهٽ نه ڪري سگهيو. جڏهن مرزا غازي بيگ حضور ڏانهن ٿي ويو، تڏهن احمد بيگ سلطان کي ٺٽي ۾ رهائڻ ٿي چاهيائين ۽ خسرو خان چرڪس کي جنهن کان اطمينان ڪونه هوس، پاڻ سان گڏ وٺي ٿي ويو. خسرو خان کيس اتي ڇڏي وڃڻ لاءِ ماڻهو سفارشي آندا. هوڏانهن احمد بيگ سلطان پڻ چيو ته ”ملڪي ماڻهو خسرو خان سان ٺهيل آهن، تنهنڪري منهنجي هت رهڻ جو ڪو به وزن نه ٿيندو.“ تنهنڪري هن دفعي کيس پاڻ سان وٺي. جڏهن حضور ۾ حاضر ٿي نوازشن سان سرفرازٿيو، تڏهن حضور جي حڪم سان هن کي وري ٺٽي موڪلي، خسرو خان کي فوجداري (معاملات) کان سواءِ ماليات ۾ دخل نه ڪرڻ بابت لکيائين. مرزا غازي بيگ کي اهو انتظام ان ڪري ڪرڻو پيو جو خسرو اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ سڀ محصول پاڻ وٺي هڙپ ڪري ويندو هو ۽ مرزا کي روپيو به نه ڏيندو هو. خسرو چرڪس جي مائٽن ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پيا ماڻهن کي ماريندا ۽ لٽيندا هئا، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي ويئي هئي.[2]

شادي[سنواريو]

ڪڪراليءَ جي حاڪم ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي، مرزا جي ڪنهن جاگيردار کي سندس حدن اندر ڪهي فساد کڙو ڪيو، جنهن جي وير وٺڻ لاءِ مرزا مٿس حملو ڪيو. بخت جي زور هجڻ ڪري، ڄام هالي جو هڪ مائٽ ڄام داؤد سندس لشڪر جو سونهون ٿي پيو، ۽ دشمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيائين، جنهن ڪري اهو ملڪ مرزا جي هٿ ۾ آيو[2] ڄام داؤد ملازمت جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا کي ڏئي، انهيءَ ملڪ ۾ زمينداريءَ جي درخواست ڪئي. هن جي حسن خدمتيءَ جي مد نظر تي (اها درخواست) قبول پيئي ۽ مٿئين ملڪ کي ٽي حصا ڪري، ڇڏيائون. ڄامن جي هيءَ مائٽي مرزا غازيءَ جي خصوصيت آهي، ڇاڪاڻ ته اڳيان ارغون ۽ ترخان انهيءَ لاءِ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري ويا، پر ڪجهه نه وريو[2].

قنڌار ۾ جنگ[سنواريو]

شاهه بيگ خان جي قنڌار کان عرضداشت پهتي ته قزلباش جي لشڪر، قلعي جو محاصرو نهايت تنگ ڪيو آهي. سو جيڪڏهن مدد لاءِ لشڪر نه موڪليندا ته قلعو هٿن مان نڪري ويندو. جنهن تي حضرت بادشاهه، قرابيگ خان بهادر کي چند ٻين اميرن جو سردار ڪري موڪليو ۽ ميرزا غازي بيگ پڻ ان سان گڏ متعين ڪيائين. جڏهن هو ملتان پهتا ته قضائي الٰهي سان قرابيگ خان اوچتو مرگ مفاجات ۾ وفات ڪري ويو. اميرن جي مرضي هئي ته حضرت بادشاهه کي عرضداشت موڪلي، جواب جا منتظر ٿيون. ليڪن ميرزا غازي بيگ، حڪم ڪيو ته ڪوچ جو نقارو وڄايو وڃي. ان کانپوءِ پاڻ خود درياءَ پار ٿي، قرابيگ جي سپاهه کي دلاسا ڏئي چيائين ته، توهان جي پگهار ۾ ڏهونڻون، پنڌرهونڻون اضافو ڪيو ويندو، اهڙي طرح هنن کي پنهنجو ملازم بنائي روانو ٿيو. جنهن تي سمورا امير لاچار ٿي، سندس پٺيان روانا ٿيا. بهرنوع منزلن تي منزلون ڪندا قنڌار پهتو پر جڏهن قنڌار کي پنجن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو، تڏهن ميرزا غازي بيگ، قزلباش کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجن فوجن کي تيار ڪيو. قزلباش جو لشڪر به جوش ۾ اچي تيار ٿيو. جڏهن طرفين ۾ لڙائي ٿي، تڏهن جهانگيري اقبال سان، قزلباشن جي دلين ۾ دهشت ۽ خوف پيدا ٿيو. بلڪ ميرزا غازي بيگ جي فوج کي ڏسي قزلباش جو لشڪر ڀڄي ويو. ڪيترائي گهوڙا، ساز و سامان قزلباش ڀڄڻ مهل ڇڏي ويا جيڪي ميرزا غازي بيگ جي لشڪر کي هٿ آيا ۽ ٽن چئن ڪوهن تائين، قزلباشن جو تعاقب ڪيائون. آخر ميرزا غازي بيگ، قلعي جي اندر سميت، فتح فيروزي سان آيو. ميرزا شاهه بيگ خان ۽ ٻيا امير جيڪي قلعي ۾ هئا، تن اچي ميرزا غازي بيگ سان ملاقات ڪئي ۽ نهايت خوش ٿيا. بالاتفاق، فتح جي مبارڪبادي جي عرضداشت دربار شاهي ڏي موڪلي وئي.[1]تاريخ سنڌ ۾ قدوسي لکي ٿو تہ:سنه 1015ھ ۾ شاهه بيگ خان جي ملازم حيدر جي نمڪ حراميءَ ڪري خراسان جو لشڪر، قنڌار تي ڪاهي، پورو سال شاهه بيگ خان تي گهيرو ڪري ويٺو. دارالخلافت مان مرزا فره خان جنهن کي انهيءَ صوبي جي سرداري عطا ٿي هئي (هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. مرزا (غازي) پڻ انهيءَ سان شامل ڪيو ويو. بخت جي تائيد ڏسو، جو فره خان رستي ۾ گذاري ويو. هن جي وڪيلن سندس ڇڏيل سامان ۽ لشڪر سندس پٽ وٽ پهچائڻ چاهيو، جو بکر ۾ رهندو هو. مرزا، لشڪر جي بخشيءَ (خزانچي يا سيڪريٽري) کي چيو ته ”فره خان جي موت ڪري هن مهم کي دير ڪرائڻ، ۽ سندس لشڪر کي سندس پٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ بادشاهه جي خير خواهي ڪا نه آهي. اسان سڀ بادشاهه جا ملازم آهيون، سندس بخت اسان جو سردار آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته جنهن صورت ۾ منهنجو لشڪر ۽ خزانو منهنجي ملڪ ۽ جاگيرن مان اڃان مون وٽ نه پهتو آهي، توهان هي (سڀڪجهه) منهنجي حوالي ڪريو ته الله تي توڪل رکي هن مهم کي منهن ڏيان،. بادشاهي امير هن باري ۾ ويچار ڪرڻ لڳا، ته هوڏانهن مرزا ڪوچ جو نغارو وڄائي، ٻاهر نڪتو. لاچار سڀيئي هن جي مخالفت نافرمانيءَ جو سبب سمجهي سندس پويان لڳا. حسن اتفاق ۽ بخت جي تائيد اهڙي ٿي، جو هيءُ اڃا قنڌار ويجهو ٻه ٽي منزلون ڪري پهتو ئي ڪين، ته خراسان جو لشڪر واپس ڀڄي ويو، ۽ ”فتحنامو“ مرزا جي نالي لکيو ويو[2].

فرزند غازي جو خطاب[سنواريو]

جهانگير بادشاهه، ميرزا غازي بيگ جي جرائت ۽ بهادري کي پسند ڪيو. ميرزا کي عنايت ۽ شفقت سان، فرزندي جي خطاب سان ۽ پنج هزاري جي منصب کان ٻارهن هزاري جي منصب تائين سرفراز ڪيائين. ٺٽي جي ولايت ۽ مملڪتِ قنڌار ۾ اضافو ڪري کيس جاگير ۾ ڏنائين. قنڌار جي حڪومت به اضافو ڪري سندس سپردگي ۾ ڏنائين ۽ پنهنجي خاص دستخط سان فرمان جاري ڪيائين [1]ته:

”-- ڄاڻڻ گهرجي ته ”فرزند غازي“ جيڪو هن خطاب جو اميدوار هو، تنهن بابت، خاص و عام کي خبر هجي ته، اسان هن کي فرزندي جي خطاب سان سرفراز ڪيو آهي. جيڪي به شهزادن جي (احترام) لاءِ، ضروري حقيقتون آهن، جهڙوڪ سلام، ڪورنش ۽ جنگي هاٿي وغيره، سي هن (غازي) لاءِ بجا آڻين. ازانسواءِ اهو پڻ حڪم ڪيو وڃي ٿو ته ديوان جي ڏينهن، اسان جي ملازمن مان هزاري تائين، هن (غازي بيگ) جي سامهون دست بسته بيهي رهن، هڪ هزاري کان مٿي وارا امير، سندس مسند کان پري ٿي ۽ هيٺ باادب ويهي رهن. پڻ هنن اختيارات جون واڳون جهڙوڪ، مشڪل فيصلا، معزولي، مقرري، تبادلو ۽ ترقي سندس (غازي جي) اقتدار ۾ ڏنا ويا آهن، ته جيئن ان کانپوءِ هاڻي جيڪڏهن اَحدي کي هزاري ۽ هزاري کي احدي ڪري ڇڏي، ته اسان کي پڻ منظور آهي.“

— شھنشاھ جھانگير

قصو مختصر روز بروز ميرزا غازي بيگ جو شان و شوڪت زياده ٿيندو ويو، جو هو جوان بخت پڻ سخاوت، فياضي ۽ همت جو هٿ ڪشادو رکندو هو. جنهنڪري فاضل ۽ شاعر ايران ۽ توران مان ڪهي اچي وٽس حاضر ٿيندا هئا[1].

آخري ايام ۽ وفات[سنواريو]

ميرزا غازي ستن سالن تائين، بالاستقلال قنڌار جي حڪومت تي متمڪن رهيو ۽ ڪامياب حڪومت ڪيائين. پنهنجي جودوسخا، مروت، شجاعت ۽ مردانگي جو داد ڏنائين. ان ٿوري ئي عرصي ۾ هر ڪنهن تي مهربانيون ۽ احسان ڪرڻ سببان ملڪ جي هر طرف کان ايران ۽ توران بلڪ هندستان جي چؤطرف ۾ سندس نيڪنامي سان نالو مشهور ٿي ويو. جمع جي رات ماهه صفر 1020ھ ۾ وڃي حق جي رحمت سان مليو . هن جي عمر ستاويهه سال هئي ۽ ڏهه سال حڪومت ڪيائين. ٽي سال ٺٽي ۾ ست سال قنڌار ۾ رهيو. سواءِ نيڪنامي جي پٺيان ٻيو ڪجهه به نه ڇڏيائين. باغي، ڀائي خان ولد خسرو خان، ميرزا جي رحلت بعد اهو فاسد خيال دل ۾ ڪيو ته هو سندس قائم مقام ٿيندو. جنهنڪري عوام ۾ هي بدنام ٿيو ته نمڪ حرامي ڪري، هن پنهنجي آقا کي گهٽو ڏئي ماريو آهي[1].ھن جي وفات جو سال ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ 1021 ھجري بہ ڏيکاريل آهي.تحفة الڪرام ۾ آهي ته مرزا جڏهن قنڌار ۾ بلند مرتبي کي پهتو ۽ سندس بخت ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو، تڏهن سندس عزيزن مان ڪي جان جا دشمن ٿي بيٺا ۽ 1021ھ ۾ عبداللطيف نالي خان زاد هٿان گهٽا ڏياري ۽ ڪن مطابق زهر ڏياري مارايو ويو[2].مرزا غازي جي ميت کي قنڌار کان ٺٽي آڻي مڪلي ۾ پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ ڀرسان دفن ڪيو ويو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي