خسرو چرڪس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خسرو چرڪس
ٺٽي ۾ مغلن جو گورنر
1002ھ کان 1008ھ تائين ٻيھر 1017ھ کان 1021ھ
پيشرو *پھرين مرزا شاھ رخ
جانشين *پھرينمرزا غازي بيگ ترخان
ريجنٽ شھنشاھ اڪبر پوءِ شھنشاھ جھانگير
گهراڻو ترخان
شاھي گھراڻو ترخان گھراڻو
مذھب اسلام

خسرو چرڪس(انگريزي: Khusro Charkas) سنڌ جي ٺٽي واري گاديءَ جو مغل گورنر. خان خانان اڪبر بادشاھ کي مرزا جاني بيگ جي مقرري لاءِ راضي ڪيو تہ اڪبر بادشاهه جاني بيگ ۽ خسرو چرڪس کي ساڳي وقت ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو[1].خسرو چرڪس راءِ سنگهه ۽ هندو بيگ تي ڏمريو ويٺو هو سو مرزا جي مرڻ بعد ڇا ڪيائين، ترخان نامي ۾ آهي ته صغير مرزا عبدالعلي پٽ مرزا فرخ بن مرزا شاهه رخ بن مرزا باقي کي کڻي تخت جو وارث بڻايائين، جيئن ارغون ۽ ترخان به چپ رهندا ۽ جهانگير به ان جي جانشيني کي قبول ڪندو، پر ان جي چال جي خبر جهانگير کي پئجي ويئي ۽ ٺٽي جو صوبيدار مرزا رستم قنڌاري کي ڪري موڪليائين، پر ان کان اڳ مير عبدالرزاق معموري کي روانو ڪيائين، جيئن خسرو چرڪس کان دم دلاسن سان ٺٽي جي حڪومت وٺي، مير عبدالرزاق ٺٽي پهچي خسرو خان جو پنج سؤ وظيفو مقرر ڪيو ۽ جڏهن مرزا رستم قنڌاري ٺٽي پهتو ته خسرو خان ۽ مرزا غازي جي ٻارن ٻچن کي وٺي جهانگير جي درٻار ۾ آيو. جهانگير، خسرو، عبدالعلي کي جيل ڀيڙو ڪيو ۽ مرزا غازي جي ويجهن ملازمن کي انعامن سان نوازيو[1].

خسرو جو انت[سنواريو]

خسرو چرڪس قيد گهر ۾ ئي گذاري ويو ۽ عبدالعلي ۽ ڀائي خان کي نور جهان بيگم جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو. عبدالعلي جو وظيفو مقرر ٿي آصف خان جي حوالي ڪيو ويو ۽ جوان ٿي ڪو منصب ماڻيائين[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي

حوالا[سنواريو]