مرزا اسلم بيگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مرزا اسلم بيگ
 

معلومات شخصيت
ڄم 2 آگسٽ 1931 (93 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
پاڪ فوج جو سربراھ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
17 آگسٽ 1988  – 16 آگسٽ 1991 
محمد ضياء الحق 
آصف نواز جنجوعا 
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
شاخ پاڪ فوج  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military branch (P241) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جنرل آفيسر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military rank (P410) وڪي ڊيٽا تي
لڙائيون ۽ جنگيون انڊو-پاڪستاني جنگ 1965ع  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي

جنرل اسلم بيگ مرزا پاڪستاني فوج جو سربراهه رهيو آهي. 17 -آگسٽ- تي هوائي جهاز جي حادثي ۾ جنرل ضياءُ -الحق- جي مرڻ بعد هن عهدي تي فائز ٿيو. وٽس اهو عهدو 1991ع تائين رهيو، سندس سياسي عزائم جي پيش نظر صدر غلام اسحاق خان کيس هٽائي، جنرل آصف نواز کي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ سندس ريٽائرمينٽ ۾ اڃا ٽي مهينا باقي هئا. جنرل اسلم بيگ 22 -آگسٽ- 1952ع تي فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. -ايس- ايس جي ڪمپني جي -ان- جٿي جي ميجر طور اڳواڻي ڪئي، جنهن 1960ع ۾ چترال ۾ دير جي نواب کي برطرف ڪيو هو. بعد ۾ 1984ع ۾ هوچيف آف جنرل اسٽاف مقرر ٿيو ۽ 1985 کان 1987ع تائين -پشاور- جو ڪور ڪمانڊر هو. اسلم بيگ 2 -آگسٽ- 1931ع تي -اتر- پرديش ضلعي آرام ڳڙهه جي ننڍڙي ڳوٺ مسلم پتي ۾ -جنم- ورتو. کيس ضياءَ دور ۾ فور اسٽار جنرل جي عهدي تي -ترقي- ملي ۽ وائيس چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيو. ضياءَ جي مرڻ بعد فوج جو سربراهه ٿيو. -ترت- ئي عام چونڊون ٿيون ۽ اقتدار پيپلز -پارٽي- جي سربراهه محترمه بينظير ڀٽو کي منتقل ڪيو ويو. بهرحال، جنرل بيگ 1991ع تائين طاقتور فوج جو سربراهه رهيو ۽ 1991ع ۾ کيس ريٽائر ڪيو ويو. سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل اسلم بيگ بابت ڳالهيون کليون. ريٽائرڊ ايئر مارشل -اصغر خان- سپريم ڪورٽ 1991ع ۾ هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي ته اسلم بيگ، آءِ -ايس- آءِ جي تڏهوڪي سربراهه جنرل -اسد- دراني ۽ مهراڻ -بئنڪ- جي يونس حبيب سياسي مقصدن لاءِ عوام جو پئسو خرچ ڪيو آهي. -اصغر خان- اها درخواست بينظير ڀٽو جي تڏهوڪي گهرو معاملن واري وزير جنرل نصير -الله- بابر جي قومي اسيمبليءَ ۾ -ان- انڪشاف کان پوءِ داخل ڪئي هئي ته ڪيئن آءِ -ايس- آءِ 1990ع وارين چونڊن جا نتيجا تبديل ڪرڻ يا سياستدانن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ پئسا خرچ ڪيا. جنرل اسلم بيگ جي شخصيت ۽ ڪردار بينظير ڀٽو جي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ، نواز شريف جي دور ۾ مڃيل پرڏيهي پاليسي جي ابتڙ قدم کڻندي عراق، ڪويت -جنگ- بابت موقف اختيار ڪرڻ، سپريم ڪورٽ آڏو اهو مڃڻ ته هن چيف جسٽس تي اثر رسوخ هلايو هو. جهڙين ڳالهين جي ڪري تڪراري رهيو آهي. فوج مان ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن ”فرينڊز“ نالي سان هڪ اين جي او ٺاهي، جنهن جو هو سربراهه آهي. سندس اها تنظيم مختلف سياسي نوعيت جون سرگرميون ڪندي رهندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]