مواد ڏانھن هلو

مددپور

بيھڪ: 28°17′N 68°21′E / 28.283°N 68.350°E / 28.283; 68.350
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مددپور
ڳوٺ
يونين ڪائونسل
مددپور کوسو
مددپور is located in سنڌ
مددپور
مددپور
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 28°17′N 68°21′E / 28.283°N 68.350°E / 28.283; 68.350
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو جيڪب آباد ضلعو
تعلقو ٺل


مددپور هي ڳوٺ مدد خان کوسي ٻڌو هو، هنن کوسن جون زمينون تحصيل جهٽ پٽ ۾ هيون، خان قلات عبدالله خان قهار جي وقت ڪلهوڙن 1734ع ۾ هي علائقو جنگ ڪري حاصل ڪيو هو، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس گورنر مراد ڪهيري زراعت کي زور وٺائڻ خاطر نور واهه ۽ مراد واهه کوٽايا، مدد خان کوسو پوءِ نور واهه جي زمين تي اچي ويٺو، سندس فرزند مير نصير خان انگريزي دور ۾ وڏي همت وارو زميندار هو، هڪ دفعي دريا جي لاٿ سبب ربيع جي مند ۾ پاڻ آڳاٽو بيهجي ويو، مير نصير خان جي ٻئي ريج کان رهجي وئي، هن همت ڪري ڪشمور ڪهي وڃي انجنيئر سان ملاقات ڪري روئيداد ٻڌائي ۽ طلب ڪئي ته نور واهه کي بند ڏئي 74 ڪلاڪپاڻي ڏنو وڃي، انجنيئر پارسي هو، هن کي ڪهل اچي وئي مير نصير خان جي پنڌ ۽ ضرورت کي ڏسي کيس ڳوڻين ذريعي پنهنجي ڪڙم وٽ پاڻي بند ڪرڻ لاءِ 74 ڪلاڪ پاڻي پيئڻ جي منظوري ڏني .آڄڪلهه جودور هجي ها ته چڱي خاصي رقم نذر وٺڻ بعد اهڙي رعايت ملي ها، بهرحال مير نصير خان انجنيئر کان حڪم حاصل ڪري اها ڪوش ڪئي ته جلد ۾ جلد ڳوٺ پهچي پاڻي بند ڪرڻ جو بندوبست ڪري سو ريلوي اسٽيشن ڪشمور پهتو ان زماني ۾ موٽرن، ٽئڪسين جو دستور ڪو نه ڪي زميندارن وٽ موٽرون هيون سو ريلوي اسٽيشن تي ريل جي وڃڻ جو وقت ڪو نه هو البته هڪ مال گاڏي وڃڻ لاءِ هئي، هن همت ڪري گارڊ سان ڳالهه ڪري بندوبست ڪري ورتو، وقت کان اڳي ريل هلائي وئي، پنهنجي ڳوٺ مدد پور سامهون گاڏي بيهاري لهي پيو، اهڙي طرح هو جلد ۾ جلد پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، انهيءَ انگريزي دور ۾ واٽ تي ريل بيهارڻ ۽ ڳوڻين ذريعي ڇاٻ ڏيڻ تي وڏي ڳالهه ٿي وئي هئي، نصير خان جو نالو ڏاڍو مشهور ٿيو هو، مير نصير خان جو هڪ فرزند ضياءَ الحق حڪومت ۾ مجلس شورا جو ميمبر ٿيو ۽ سندس نام هناد پوٽي مير نصير خان وڪيل کي ته ”کلول ” ۽بليل جي خبر به ڪانهي.نور واهه ميان نور محمد ڪلهوڙي کوٽايو هو، خان قلات، عبدالله خان قهار ڪچي جي جنگ 1734ع ۾ هارائي هئي، ڪلهوڙن ڪڇي علائقو قبضي هيٺ ڪيو، مراد ڪهيري کي انهيءَ علائقي جو ناظم مقرر ڪيو ويو، اهو علائقو ڪشمور تائين هيو، جيڪو ان زماني کز مير سڏبو هو، ڪلهوڙن واهه کڻايا، نور واهه ۽ مراد واهه ان زماني جا نڪتل آهن، ڪلهوڙن کان اهوعلائقو دوباره خان قلات نوري نصير خان جي وقت ۾ قلات حڪومت جي زير تسلط آيو .مراد ڪهيري وارا، ڪهيري فقير گهر سڏبا هئا ۽ هن وقت به ڪهيري فقير سڏبا آهن، ڪڇي تي قبضي بعدمراد حڪم ڪيو ته جيڪو به ”جوئر جو سِٽو “ چوري ڪپيندو ته ان جي سزا ۾ ان چور جو سِر ڪپبو، انهيءَ غير مناسب حڪم تي سردار رحيم خان کوسي اعتراض ڪيو، ته قحط جي صورت ۾ انهيءَ قسم جو فيصلو ظالمانه چئبو، مراد سان مهاڏو اٽڪايائين، مراد ڪهيري سندس انهيءَ جرئت مندانه قدم کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ حڪم واپس ورتائين ۽ سردار رحيم خان کوسو کي خلعت طور پڳ ٻڌائين ۽ چيائين ته ”هي منهنجي پڳ دعا جي پڳ آهي“ جيڪو هن سان کڙاند ڪندو اهو نه هوندو، انهيءَ رحيم خان جي قبر اڄ به ”چکڙا“ ريلوي اسٽيشن سامهون نشان بر آهي، معصوم شاهه جي مناري جي سرن جهڙي سنهي سرن سان سندس قبر پخته ٿيل آهي. هن علائقي اندر ڪلهوڙا دور ۾ زراعت کي فروغ مليو هو، ڪيترا ڪڙيا کوٽجي ويا هئا، ڪجهه وقت پوکون ٿيڻ لڳيون پر ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد وري واهن جون کوٽايون نه ٿيون، پاڻي جي تنگي ٿي، علائقو وري غير آباد ٿي ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو