مخدوم الله بخش کھڙوي
مخدوم اللہ بخش کهڙوي سندن نالو مخدوم عطا محمد هو، مگر عام طور کين مخدوم اللہ بخش سڏيندا هئا. سندن مهر تي هيءَ سجع نقش ٿيل هئي: ”سعادت دوجهانم عطا محمد کرد“. پاڻ عباسي خاندان جا چشم و چراغ هئا. سندن سلسلهء نسب کُهڙن جي مشهور ولي اللہ مخدوم عبدالرحمان شهيد سان هيٺينءَ طرح ملي ٿو: مخدوم عطا محمد، بن مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم پير محمد، بن مخدوم عبدالخالق، بن مخدوم محمد عاقل بن مخدوم احمدي، بن مخدوم عبدالرحمان شهيد. سندن وڏن مان هر هڪ بزرگ پنهنجي وقت جو علامه ۽ صاحب فيض ٿي گذريو آهي. مثلاً، سندن والد ماجد مخدوم محمد عاقل رحمة اللہ عليہ هڪ نهايت جيد عالم،قرآن ۽ حديث جو ماهر، فقہ حنفيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ مير علي مراد خان جي وقت ۾ سموريءَ رياست جو وڏو قاضي هو. چون ٿا ته مير علي مراد خان سندس ايتري ته عزت ڪندو هو، جو مخدوم صاحب جڏهن به مير صاحب سان ملاقات ڪرڻ ويندو هو ته مير صاحب کيس پنهنجي سيرانديءَ کان ويهاريندو هو. ياد رهي ته مير صاحب جي ڪچهريءَ جو هي دستور هوندو هو، جو فقط مير صاحب پاڻ پلنگ تي ويهندو هو ۽ ٻيا سڀ هيٺ ويهندا هئا- مگرمخدوم محمد عاقل کي اهو امتياز حاصل هو جو نه فقط مير صاحب سان گڏ ويهندو هو، پر مير صاحب پاڻ پيرانديءَ کان ٿي ويهندو هو ۽ مخدوم صاحب کي سيرانديءَ کان جاءِ ڏيندو هو. مخدوم محمد عاقل صاحب جا ڪيئي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن، جن مان دنيا جي تاريخ ”آئينه جهان نما“، ”رياض محفل“، ”تفسير پاره عم“ ۽ هڪ فقہ حنفيءَ جي مشڪل مسئلن جو ڪتاب قابل ذڪر آهن. ”آئينه جهان نما“ ٽن ضخيم جلدن ۾ لکيل آهي- پهريان ٻه جلد دنيا جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا؛ باقي ٽيون جلد خاص سنڌ تي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي بادشاهن، عالمن، صوفين، مشهور شهرن جاين جو ذڪر ٿيل آهي. رياست خيرپور جي درگاهن ۽ ولين جو ذڪر خاص طور تي جيترو هن تاريخ مان ملي ٿو، اوترو ڪنهن ٻيءَ تاريخ مان نٿو ملي. ”رياضِ محفل“ فارسيءَ ۾ علم مجلس تي لکيل آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جا پنهنجا شعر به ڪافي داخل آهن. هڪ نهايت عجيب ڪتاب آهي، ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. ”تفسير پاره عم“ ۾ قرآن پاڪ جي آخرين پاره ’عم‘ جو نهايت وڻندڙ نموني ۾ تفسير ڪيل آهي. هي ٽي ئي ڪتاب مخدوم صاحب جي پڙ پوٽي مخدوم عبدالخالق عرف مخدوم شفيع محمد وٽ موجود آهن. چوٿون نمبر ڪتاب به پنهنجي فن ۾ هڪ عجيب ۽ بينظير ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب مصنف جو دستخطي راقم الحروف وٽ موجود آهي. مخدوم محمد عاقل مرحوم، راقم الحروف جو سڳو نانو هو. مخدوم محمد عاقل کي چار پٽ هئا- (1) مخدوم فضل اللہ، جو مجذوب الطبع هو ۽ سندس زبان ۾ ڏاڍو تاثير هو. (2) مخدوم عبدالخالق عرف مخدوم دين محمد، هي صاحب به نهايت قابل ۽ دانشمند هو. مخدوم محمد عاقل مرحوم جي فوت ٿيڻ بعد بالاتفاق کيس ئي سندس والد جو جانشين چونڊيو ويو، ۽ نهايت دٻدٻي سان خاندانيءَ جو ڪاروبار هلائيندو رهيو. هيءُ صاحب پڻ هڪ تاريخي هستي آهي. سندس ٻه پوٽا مخدوم شفيع محمد ۽ مخدوم فيض حيات آهن. (3) مخدوم عطا محمد عرف اللہ بخش. (4) مخدوم دوست محمد. مخدوم فضل اللہ ۽ مخدوم دوست محمد لا ولد فوت ٿيا. مخدوم دوست محمد جي وفات بالڪل ڦوهه جوانيءَ ۾ ٿي. والده جي وفات کان پوءِ، مخدوم الله بخش راڻيپور شريف جي درگاهه غوثيه جي سجاده نشين حضرت پير ابو محمد صالح شاهه آفنديءَ وٽ وڃي منشي ٿيو. رياست جي قانون جو امتحان (Higher Examination) پاس ڪري ورتائين، جنهن تي کيس فيض گنج تعلقي جو هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو. سندس قانوني مهارت ڏسي، انهيءَ وقت جي وزير شيخ صادق عليءَ کيس خيرپور جو ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ مقرر ڪيو. خيرپور ۾ مختلف هنڌن ريزيڊنٽ رهڻ کان پوءِ، کيسدکن رليف ائڪٽ مطابق، ساريءَ رياست جو رليف جج مقرر ڪيو ويو. اخير ۾ مير امام بخش خان مرحوم جي تقاضا تي، کيس مير صاحب جو خاص مير منشي مقرر ڪيو ويو، جنهنڪري کيس مير صاحب سان گڏ هميشہ گشت ۾ رهڻو پوندو هو. اتي کيس ڪا گرميءَ جي لهس اچي وئي ۽ سلهه جو شڪار ٿي پيو، جنهن مان جانبر نه ٿي سگهيو. آخر تاريخ2 رجب سنه 1335ھ ۾ وفات ڪيائين. مخدوم الله بخش عربي ۽ فارسي زبانن،تفسير، حديث،فقہ ۽ ٻين مروج علمن جو تمام قابل ۽ ماهر هو. تسهيل القرآن“. هيءُ هڪ نهايت عجيب نموني جو مختصر مگر جامع تفسير لکڻ شروع ڪيو هئائين، جنهن جا فقط چار پهريان پارا پورا ڪري سگهيو. انهن مان ٽي پارا ”الم“، ”سيقول“ ۽ ”تلڪ الرسل“- سندس زندگيءَ ۾ شيخ علي محمد نو مسلم ڇپائي پڌرا ڪيا؛ باقي چوٿون پارو، ”لن تنالواالبر“، راقم الحروف وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي. هي تفسير سنڌي زبان ۾ آهي ۽اسرائيليات وغيره خرافات کان پاڪ آهي. 2- ”فوزالاخلاف به فيض الاسلاف عرف تذکره مخاديم کهڙا“. هيءُ ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل آهي ۽ کهڙن جي مخدومن جي حالات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو اصل مصنف جو لکيل نسخو راقم الحروف وٽ موجود آهي. انهيءَ جو هڪ نقل پير حسام الدين راشدي ۽ هڪ نقل سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. 3- ”رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي علم غيب متعلق هڪ رسالو“. هيءُ رسالو سنڌي زبان ۾ پير صاحب شاهه مردان شاهه پاڳاري جي چوڻ تي لکيو هئائين. رسالي ۾ هن معرکة الارا مسئلي جي نهايت انوکي نموني تي تحقيق ٿيل آهي. هيءُ رسالو به راقم الحروف وٽ موجود آهي. منطق جي مشهور متن ”ايساغوجي“ تي فارسي زبان تي هڪ نادر حاشيو لکيو هئائين جو راقم الحروف وٽ قلمي صورت ۾ موجود هو مگر افسوس جو هڪ بيرحم دوست کڻي ويو ۽ گم ڪري ڇڏيائين. تنهن کان سواءِ عربي ۽ فارسي زبانن ۾ ڪي مختلف فقهي تحريرون لکيل آهن جيڪي هڪ طرف ادبي شه پارا آهن ته ٻئي طرف متعلقه مسائل بابت جامع ۽ مانع تحقيق آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ مخدوم مولانا امير احمد مخدوم اللہ بخش مرحوم کهڙوي رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ