مختيار علي انڙ
| Mukhtiar Ali Unar مختيار علي انڙ | |
|---|---|
| ڄم | 1 سيپٽمبر 1964ع ڳوٺ دين محمد انڙ ، تعلقو ۽ ضلعو مٽياري، سنڌ |
| ڌنڌو | تعليمي ماھر، انتظامي سربراھ، ليکڪ |
| قوميت | پاڪستاني |
| شهريت | پاڪستاني |
| تعليم | پي ايڇ ڊي |
| مادرِ علمي | مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، يونيورسٽي آف گلاسگو |
| موضوع | انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي |
مختيار علي انڙ (انگريزي:[Mukhtiar Ali Unar]، جنم: 1 سيپٽمبر 1964ع) سنڌ جو مشھور تعليمي ماھر، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽرانجنيئرنگ جو پروفيسر، محقق ۽ ليکڪ آھي[1][2]. ھن انجيئرنگ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت تي پڻ ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا آھن.
ننڍپڻ ۽ تعليم
[سنواريو]مختيارعلي انڙ جو جنم مٽياري ضلع جي ڳوٺ دين محمد انڙ ۾ ٿيو. پھريان پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول مريد سوھا ۽ اٺين ڪلاس جو امتحان گورنمينٽ مڊل اسڪول موسيٰ کٽياڻ مان پاس ڪيائين. اٺين ڪلاس جو مڊل اسٽينڊرڊ اسڪالرشپ وارو امتحان بہ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ جوامتحان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نبمرٻہ ٽنڊوڄام مان ۽ انٽرميڊئيٽ سنڌ جي مشھور ۽ تاريخي تعليمي اداري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ان بعد مھراڻ يونيورسٽي آف انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڄامشورو مان اليڪٽرانڪ انجينيئرنگ جي سند حاصل ڪيائين. ماسٽر آف انجينيئرنگ ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري گلاسگو يونيورسٽي اسڪاٽلينڊ مان حاصل ڪيائين.
تعليمي، تدريسي ۽ انتظامي خدمتون
[سنواريو]مختيار علي انڙ 1986ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي آف انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي اليڪٽرانڪ شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 2000ع ۾ پروفيسر جي عھدي تائين پھتو.2010ع ۾ 22 گريڊ ۾ ميريٽوريس پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 31 آگسٽ 2024ع تي رٽائر ٿيو[3]. ھو 2006ع کان 2012ع تائين مھراڻ يونيورسٽيءَ جي ڪمپيوٽر سسٽم ۽ سافٽ ويئر انجيئرنگ شعبي جو چيئرمين، 2010ع کان 2017ع تائين انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڊائريڪٽر رھيو. ڪجهه وقت مھراڻ يونيرسٽي خيرپور ڪئپس جو پرو وائيس چانسلر رھيو. اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر جو ڊين پڻ رھيو[4]. 2008ع کان آگسٽ 2024ع تائين مھراڻ يونيورسٽي ريسرچ جنرل آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو چيف ايڊيٽر رھيو. پاڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ سينڊيٽ جو ميمبر رھيو. مھراڻ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ٻہ ڀيرا بنا مقبلي ميمبر پڻ چونڊيو ويو. ھو آئي بي اي يونيورسٽي سکر جي سينيٽ جو ميمبر، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ محترمہ بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر رھيو. ھو ھاير ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران نيشنل پليجئرازم اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ (National Plagiarism Standing Committee) جو ڇھ سال ميمبر رھيو. ان کان علاوھ سنڌ جي ٻين بہ ڪيترين ئي يونيورسٽين جي مختلف ڪاميٽين جو ميمبر رھيو آھي.
مختيار علي انڙ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ 20 پي ايڇ ڊي شاگردن جو سپروائزر رھيو. ٽنڊي ڄام ۾ ھن 1979ع کان 1990ع تائين مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي ھزارين شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙھائي. مختيار علي انڙ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو(1982ع کان 1994ع) مشھور ڪمپيئر پڻ رھيو. ھن ريڊيو لاءِ سائنس، تاريخ ۽ ٻين موضوئن تي بيشمار اسڪرپٽ لکيا[5]. ھن سنڌي ۽ انگريزي وڪيپيڊيا لاٰ بہ ڪيترائي مضمون لکيا آھن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر بہ رھيو آھي. ھن 1978ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس پھريون نظم 1978ع ۾ ٻارڙن جي رسالي گلڦل ۾ ڇپيو. ھن ھن 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيا جيڪي روزاني آفتاب، روزاني خادم وطن، روزاني مھراڻ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا. 1991ع ۾ روزاني ڪاوش ۾ اڄوڪو ڏينھن ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. ھن جو لکيل ”اڄوڪو ڏينھن“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نومبر 1990ع کان سيپٽمبر 1994ع تائين لاڳيتو روزانو نشر ٿيندو ھو. پھرين آڪٽوبر 2023ع کان 30 آڪٽوبر 2025ع تائين سندس اھو ڪالم روزانو عبرت حيدرآباد ۾ شايع ٿٿيندو رھيو سندس فيس بوڪ صفحو "Sindh, Pakistan and Beyond" بہ ڪافي مشھور آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.researchgate.net/profile/Mukhtiar_Unar
- ↑ https://publons.com/researcher/1446309/mukhtiar-ali-unar-meritorious-professor-mehran-uni/
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 21 آڪٽوبر 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 14 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 09 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ پروفيسر مختيار علي انڙ ھڪ شخصيت، روزانہ عبرت حيدرآباد، 1 جولاءِ 2014