محمود آباد
محمود آباد | |
|---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
| يو سي 5 محمود آباد | |
| Coordinates: 24°50′51″N 67°03′57″E / 24.84750°N 67.06583°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
| تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
| Time zone | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
محمود آباد (Mahmoodabad) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاؤنسل آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ پي اي سي ايڇ ايس ۽ اوڀر ۾ فيصل ڪينٽونمينٽ ۽ اولھه ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ ڏکڻ ۾ اعظم بستي ۽ منظور ڪالوني واقع آهن. سال 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 5 وارو ھيو جنھن کي يونين ڪاميٽي ۾ تبديل ڪري فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ اردو ڳالهائيندڙن ۽ پنجابين کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. سال 2015ع جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي ملڪ ساجد دبير چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي خرم شھزاد چونڊجي آيا، ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي.[1] ھن يو سي ۾ محمود آباد قبرستان، سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ، گرين بيلٽ ماڊل پارڪ، ٽيپو سلطان ٿاڻو ۽ لياقت محي الدين پارڪ واقع آھن.
حوالا
[سنواريو]- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از March 2026
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- ڪراچي جا گردونواح
- ڪراچي جون يونين ڪاؤنسلون