محمد الرقاد
ڏيک
محمد ڪاسب الرقاد | |
---|---|
پيدائش | 1967 مشرفه الرقاد |
قوميت | اردن |
شھريت | اردن |
شھرت جو ڪارڻ | الرقاد سنڊروم |
'سائنسي پيشو' | |
شعبو | طبي جينيات |
ادارا | ڪنگ حسين طبي مرڪز |
محمد ڪاسب الرقاد (انگريزي: Mohammed Kasseb Al-Raqad)، اردني طبيب، اردن رئيل ميڊيڪل سروسز ۾ برگيڊيئر جنرل آهي،[1] ۽ طبي جينيات ۾ صلاحڪار آهي. هن جي شهرت جو سبب الرقاد سينڊورم جي کوجنا ڪرڻ آهي، جيڪو سندس نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي.[2][3][4]
اهليت
[سنواريو]- دوائن ۽ جراحت ۾ ايم بي بي ايس جي سند 9 جون 1991ع تي يونيورسٽي آف اردن مان حاصل ڪيائين.[5]
- پي ايڇ ڊي جي سند گڏيل بادشاهت مان طبي جينيات شعبي ۾ 2011ع تي حاصل ڪيائين.
- گلاسگو يونيورسٽي مان ايم ايس سي جي سند 3 ڊسمبر 2004ع تي حاصل ڪيائين.
- اردني ٻارن جي علاج جو بورڊ، سيپٽمبر 1997، اردني ميڊيڪل ڪائونسل پاران جاري ڪيل.
- ٻارن جي دوائن جي مستقل استعمال وارا اجازتنامو 1997ع تي جاري ٿيو.
- دوائن جي مستقل استعمال وارو اجازت نامو، اردن 1992ع[6]
عهدا ۽ سماجي خدمتون
[سنواريو]- ڪنگ حسين طبي مرڪز جي راڻي رانيا ال عبدالله ٻارن جي اسپتال ۾ صلاحڪار.
- راڻي رانيا ال عبدالله ٻارن جي اسپتال ۾ طبي جينيات شعبي جو سربراهه
- 2011ع کان اردن يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ليڪرچر
- فلسطين جي رملاح علائقي ۾ مئي کان جون 2002ع تائين ٻاران جي فيلڊ اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين.
- غزه ۾ اردني فليڊ اسپتال ۾ اپريل کان جون 2013ع تائين ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
- اردني طبي ايسوسيئشن جو رُڪن.
- اردني ٻارن جي ڊاڪٽرن جي ايسوسيئشن جو رُڪن.
ايوارڊ
[سنواريو]- ڪنگ عبدالله پاران سائنسي خدمتن عيوض کيس مليٽري آرڊر آف ميرٽ جو ايوارڊ 10 جون 2015ع تي ڏنو ويو.
- ڪوسوو ۾ 1999ع کان 2000ع تائين ٻارن جي اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس نيٽو ميڊل سان نوازيو ويو.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ أحداث اليوم.
- ↑ صحيفة الغد الأردني.
- ↑ الجزيرة دوت نت.
- ↑ صحيفة الرأي الأردنية.
- ↑ صحيفة سواليف.
- ↑ آية نيوز آرڪائيو ڪيا ويا 2019-12-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..