مثنويات هيررانجها

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مثنويات هيررانجها: (مثنوي هير- راجهان فارسي) : سنڌ ادبي بورڊ، فارسي مطلبوعات جي سلسلي ۾ هي ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل چار فارسي مثنويون ۽ هڪ طويل قطعو شامل آهن. پهرئين مثنوي مير عظيم الدين ”عظيم“ ٺٽوي جي آهي.”عظيم“، مير فتح علي خان ٽالپر جي دربار جو ملڪ الشعراء هو ۽ 1214 هجري ۾ ’هير رانجھا مثنوي لکي هئائين. ان کان پوءِ مير ٺارو خان ٽالپر جي درٻار جي شاعر، مير ضياءالدين ”ضيا“ 1215 هجري ۾، ”آزاد“، وريمير مراد علي خان ٽالپر جي وقت ۾ ۽ پوءِ مرحوم ولي محمد خان لغاريءَ (المتوفي 1247هجري ) انهيءَ موضوع تي مثنويون لکيون. هن ڪتاب ۾ روهڙيءَ جي هڪ صوفي شاعر مرحوم قادربخش ”بيدل“ (1230-1289ھ ) جو هڪ طويل قطعو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. انهن پنجن ئي مثنوين کي يڪجا شايع ڪرڻ سان، انهن شاعرن جي هڪٻئي سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ سندن طرزانشاء جي خصوصيتن جو اڀياس پڻ ڪري سگهجي ٿو. هير و رانجها جوعشقيه داستان- گو، پنجاب جي پيداوار آهي پر ان روماني قصي کي نه فقط برصغير هندوستان ۽ پاڪستان جي مختلف زبانن (هندي، پنجابي، سرائڪي،اردو، پشتو، بلوچي ۽سنڌي) ۾ منظوم ڪيو ويو آهي. پر انگريزي، فرينچ، فارسي ۽ عربيءَ ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ڪنهن به عوامي حڪايت تي ايتري تحقيق ۽ تحريري مواد ڪين ملي ٿو جيترو ’هير و رانجها‘ جي حڪايت تي مهيا آهي. سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ سنڌ جي شاعرن جهڙوڪ. روحل، مراد فقير، فقير حمل خان لغاري، فقير بيڪس، امام بخش خادم، سيد حيدر شاهه، فقير غلام علي ’مسرور‘ خليفي نبي بخش خان جو ڪلام اسان جي اڳيان آهي. پنجاب جي قصي تي ايترن سنڌي شاعرن جي طبع آزمائي ڪرڻ، هن علائقي جي ماڻهن جي روشن ضميريءَ ۽ وسعت قلبي جو مظهر آهي ۽ پڻ انساني اخوت ۽ ادب جي بي تعصبي واري رجحان جي غمازي ڪري ٿو.. هي ڪتاب وڏي تختيءَ تي چار سؤ صفحن تي مشتمل آهي. شروع ۾ 94 صفحن تي مشتمل، پاڪستان جي مشهور انشاء پرداز جناب حفيظ هوشيارپوري جو عالمانه مقدمه آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. تبصرا؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع