متان نہ مڃين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
متان نہ مڃين
سائيٽ جو قِسمُ
۾ موجود سنڌي
مکيه دفتر
ڌڻي متان نہ مڃين آن لائين خانگي ميڊيا لميٽڊ
يوآرايل mnmsindhi.com
رجسٽريشن ضروري ناھي
موجوده حيثيت متحرڪ

متان نہ مڃين (انگريزي: Mataan Na Manjeen مخفف: MNM Sindhi) فيس بڪ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ۽ مشھور مزاحيہ پيج آھي، ھي پيج 12 جولاءِ 2016 تي ٺاھيو ويو. متان نہ مڃين کان اڳ ڪو بہ خاص مزاحيہ سنڌي پيج فيس بڪ تي موجود نہ ھو.[1] متان نہ مڃين کي سنڌي ميمز جو بانيڪار پڻ سڏيو ويندو آھي. [2]

تاريخ[سنواريو]

متان نہ مڃين 12 جولاءِ 2016ع تي ٺاھيل پيج آھي. پھرين ھفتي ۾ متان مڃين کي 15 ھزار لائيڪ مليا ۽ پھرين سال پوري ٿيڻ تي لائيڪ جو تعداد 95 ھزار ٿي ويو. ھن وقت ھن پيج جا ٻہ لک کان وڌيڪ فالوور آھن. ان کان سواءِ انسٽاگرام تي 13 ھزار ۽ ٽوئيٽ تي ست ھزار فالوور آھن. ھي پيج ڪنھن بہ مذھبي توڙي سياسي نظرين سان سلھاڙيل ناھي.[1]

وائرل[سنواريو]

متان نہ مڃين طرفان پوسٽ ڪيل آيڊيو شڪيلان کي ڪروڙين ماڻھن ڏٺو ۽ ٻڌو ۽ اھا اڃان تائين ھڪ محاوري طور استعمال ٿئي ٿي، مالڪن پاران رابطي ڪرڻ کان پوءِ اھا آيڊيو ڊليٽ ڪئي وئي پر تيستائين اھا وڊيو وائر ٿي چڪي ھئي. ان کانسواءِ ھندوستاني فلم رئيس تي ٺاھيل مزاحيہ وڊيو کي 20 لک کان وڌيڪ ماڻھو ڏسي چڪا. علي گل ملاح جا لفظ ”پيسئي جو مستي آ“ کي پڻ پھرين دفعي متان نہ مڃين وائرل ڪيو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 Editor. "https://samachar.pk/en/from-the-journey-of-mataan-na-manjeen-fan-page-to-a-brand/…". http://samachar.pk. 5 June 2020. https://samachar.pk/en/from-the-journey-of-mataan-na-manjeen-fan-page-to-a-brand/. Retrieved 6 June 2020. 
  2. Editor. "https://samachar.pk/en/from-the-journey-of-mataan-na-manjeen-fan-page-to-a-brand/…". http://IndusNews.net. 18 July 2020. https://indusnews.net/en/2020/07/17/mataan-na-manjeen-founder-of-sindhi-memes/. Retrieved 18 July 2020.