ليہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Layyah
شھر
ليہ
ليہ جي ريلوي اسٽيشن
ليہ جي ريلوي اسٽيشن
Layyah is located in Pakistan
Layyah
Layyah
متناسقات: 30°57′55″N 70°56′38″E / 30.96528°N 70.94389°E / 30.96528; 70.94389مڪانيت: 30°57′55″N 70°56′38″E / 30.96528°N 70.94389°E / 30.96528; 70.94389
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوپنجاب
ضلعوليہ ضلعو
ايراضي
 • ڪُل6,291 ڪلوميٽراسڪوائر (2,429 اسڪوائر ميل)
اوچائي143 ميل (469 ft)
ٽائيم زونپاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
ڊائلنگ ڪوڊ 0606
ويبسائيٽhttp://www.punjab.gov.pk/layyah
راجن شاھ جي مزار


ليہ: (انگريزي: Layyah) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي ليہ جو وڏو شھر ۽ ان ضلعي جي صدر مقام ھجڻ سان گڏوگڏ تحصيل ليہ جو پڻ صدر مقام آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر جو بنياد 1550 جي لڳ ڀڳ ڊيرہ غازي خان جي بنياد وجھندڙ غازي خان ميراڻي جي اولاد مان ڪمال خان ميراڻي رکيو. 1610 جي لڳ ڀڳ جسڪاڻي بلوچن جي شھر ميراڻين کان کسيو ۽ 1787 تائين ان تي قابض رھيا. ان کان بعد تيمور شاھ دراني جو گورنر عبدالنبي سرائي ٽي سال ھن شھر جو گورنر رھيو جنھن بعد محمد خان سدوزئي جي گورنري ھيٺ آيو جنهن وري گادي مانڪيرا منتقل ڪري ڇڏي. ان بعد ھي شھر سکن جي حڪومت ۽ پوء برٽش انڊيا جي سرڪار جي قبضي ھيٺ رھيو ۽ انتظامي ڊويزن جو مرڪز رھندو آيو پر برٽش انڊيا سرڪار ان جي حيثيت گھٽائي تحصيل تائين محدود ڪري ان کي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جو حصو بڻائي ڇڏيو. 1875 ۾ ھن شھر ۾ ميونسپلٽي جو قيام عمل ۾ آيو. 1901 ۾ تحصيل ليہ کي ميانوالي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پوء کيس مظفرڳڙهه جو حصو بڻايو ويو. 1982 ۾ ان کي ضلعي جو مقام ڏئي مظفرڳڙهه کان ڌار ڪيو ويو ۽ کيس ٽي تحصيلون : تحصيل ليہ، تحصيل ڪرور ۽ تحصيل ڇئوبارا ڏنيون ويون.[2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Tehsils & Unions in the District of Layyah آرڪائيو ڪيا ويا 2011-08-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. National Reconstruction Bureau, Government of Pakistan
  2. History Layyah.