ليه
Layyah | |
---|---|
شھر | |
ليہ | |
![]() ليہ جي ريلوي اسٽيشن | |
جاگرافي بيهڪ: 30°57′55″N 70°56′38″E / 30.96528°N 70.94389°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | ليہ ضلعو |
Area | |
• Total |
6,291 ڪ.م2 (2,429 ميل2) |
ليہ: (انگريزي: Layyah) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي ليہ جو وڏو شھر ۽ ان ضلعي جي صدر مقام ھجڻ سان گڏوگڏ تحصيل ليہ جو پڻ صدر مقام آهي.[1]
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر جو بنياد 1550 جي لڳ ڀڳ ڊيرہ غازي خان جي بنياد وجھندڙ غازي خان ميراڻي جي اولاد مان ڪمال خان ميراڻي رکيو. 1610 جي لڳ ڀڳ جسڪاڻي بلوچن جي شھر ميراڻين کان کسيو ۽ 1787 تائين ان تي قابض رھيا. ان کان بعد تيمور شاھ دراني جو گورنر عبدالنبي سرائي ٽي سال ھن شھر جو گورنر رھيو جنھن بعد محمد خان سدوزئي جي گورنري ھيٺ آيو جنهن وري گادي مانڪيرا منتقل ڪري ڇڏي. ان بعد ھي شھر سکن جي حڪومت ۽ پوء برٽش انڊيا جي سرڪار جي قبضي ھيٺ رھيو ۽ انتظامي ڊويزن جو مرڪز رھندو آيو پر برٽش انڊيا سرڪار ان جي حيثيت گھٽائي تحصيل تائين محدود ڪري ان کي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جو حصو بڻائي ڇڏيو. 1875 ۾ ھن شھر ۾ ميونسپلٽي جو قيام عمل ۾ آيو. 1901 ۾ تحصيل ليہ کي ميانوالي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پوء کيس مظفرڳڙهه جو حصو بڻايو ويو. 1982 ۾ ان کي ضلعي جو مقام ڏئي مظفرڳڙهه کان ڌار ڪيو ويو ۽ کيس ٽي تحصيلون : تحصيل ليہ، تحصيل ڪرور ۽ تحصيل ڇئوبارا ڏنيون ويون.[2]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Tehsils & Unions in the District of Layyah آرڪائيو ڪيا ويا 2011-08-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. National Reconstruction Bureau, Government of Pakistan
- ↑ History Layyah.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- پاڪستاني شاعر
- جيوت ماڻهو
- 1989ع جون پيدائشون