مواد ڏانھن هلو

مقدونيا (قديم رياست)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مقدونيا (انگريزي: Macedonia) ابتدائي ۽ پراڻي يونان جي ھڪ قديم بادشاھت ھئي[1][2] جيڪا بعد ۾ ھيلينسٽڪ يونان جي عالب رياست (انگريزي: Dominant state) بڻي. ھي رياست آرگياد گهراڻي قام ڪئي ۽ ان تي حڪمراني پڻ ڪئي. ان کان پوءِ انٽيپاتري انٽيگوني گهراڻي ھتي حڪومت ڪئي. ھي رياست قديم مقدونيائي ماڻھن جو گهر ھئي، جيڪا يوناني جزيري نما جي اتر اوڀر واري حصي تي ڦھليل ھئي.[3] ھن رياست جون سرحدون ڏکڻ اولهہ ۾ ايپيروس، اتر اولهہ ۾ ايليريا، اتر ۾ پيونيا، اوڀر ۾ ٿريس ۽ ڏکڻ ۾ ٿيسالي سان لڳنديون ھيون.


حوالا

[سنواريو]
  1. Hornblower 2008, pp. 55–58.
  2. Austin 2006, pp. 1–4.
  3. "Macedonia". Encyclopædia Britannica. Encyclopædia Britannica Online. وقت 8 December 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 February 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد).