قبولپور
قبولپور | |
|---|---|
| Qabulpur | |
| Coordinates: 25°04′30″N 68°28′39″E / 25.07500°N 68.47750°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت) |
| شھر جون يونين ڪاؤنسلون | 3 |
قبولپور (انگريزي: Qabulpur) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو "يو سي-10، قبولپور" آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ھي يو سي ٽنڊو محمد خان- ميرپور بٺورو روڊ تي ٽنڊو محمد خان شھر کان 8 ڪلوميٽرن ۽ بلڙي شاھ ڪريم کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي ۾ حاجي حسين دل ۽ چؤديرو نالي ڳوٺ پڻ واقع آهن. چؤديرو ۾ درگاھ سيد واحد ڏنو شاھ تي ھر سال چيٽ جي 14 تاريخ تي ان جو عرس ملھايو پيو ويندو آهي. ھن يو سي ۾ رھندڙ آبادي ۾ سٺيا، دل، لغاري، سولنگي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- سانچا
- بلڙي شاھ ڪريم تعلقو
- ٽنڊو محمد خان ضلعو
- سنڌ جا قصبا
- پاڪستان جا قصبا
- ٽنڊو محمد خان ضلعي جا قصبا
- سنڌ جون يونين ڪائونسلون