قبولپور
قبولپور | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل | |
Qabulpur | |
جاگرافي بيهڪ: 25°04′30″N 68°28′39″E / 25.07500°N 68.47750°Eمڪانيت: 25°04′30″N 68°28′39″E / 25.07500°N 68.47750°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
قبولپور(انگريزي: Qabulpur) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 10 قبولپور آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ھي يو سي ٽنڊو محمد خان- ميرپور بٺورو روڊ تي ٽنڊو محمد خان شھر کان 8 ڪلوميٽرن ۽ بلڙي شاھ ڪريم کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي ۾ حاجي حسين دل ۽ چؤديرو نالي ڳوٺ پڻ واقع آهن. چؤديرو ۾ درگاھ سيد واحد ڏنو شاھ تي ھر سال چيٽ جي 14 تاريخ تي ان جو عرس ملھايو پيو ويندو آهي. ھن يو سي ۾ رھندڙ آبادي ۾ سٺيا، دل، لغاري، سولنگي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو شامل آهن.