قادر بخش مٺو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Qadir Bux Mithoo
قادر بخش مٺو
پيدائش قادر بخش
ڪوٽڙي, سنڌ, پاڪستان
رھائش ڪوٽڙي, سنڌ, پاڪستان
قوميت پاڪستاني
ٻيا نالا Mithoo,
بُڻ بُڻياد سنڌي
تعليم پرائمري
پيشو مزاحيه فنڪار
مذھب اسلام

قادر بخش مٺو سنڌ جو مزاحيه فنڪار، جنهن جو جنم ڪوٽڙي شهر ۾ ٿيو، اتان ئي تعليم ورتائين، هن شهباز ايوارڊ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن، هو ڪافي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي[1] .

تعارف[سنواريو]

قادر بخش مٺو سنڌ جو نامور مزاحيه فنڪار آهي، سندس جنم ڪوٽڙي شهر ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري تعليم ڪوٽڙي شهر مان حاصل ڪيائون ۽ پوءِ تعليم کي الوداع چئي فن طرف ڌيان ڏنائون.

مسخريءَ جي باقائده سکيا[سنواريو]

شروع ۾ حيدرآباد ريڊيو تي استاد ”پلپلي“ پروگرام ڪندو هو، ان کي ٻُڌڻ کانپوءِ ان شوق ۽ جستجوءِ ۾ ڌاڳو ٻڌرايائين، استاد محمد مغيري دادو واري کان. ان کان ڌاڳو ٻڌرائڻ جي صلاح علڻ فقير ڏنس.


فني زندگي جي شروعات[سنواريو]

ڪوٽڙيءَ ۾ قادربخش مٺوءَ جي مائٽن جي شادي هئي، ان ۾ ڪيترائي فنڪار آيل هئا، ان شاديءَ ۾ کيس به موقعو ڏنائون، ٻه ٽي آئٽم جيڪي سکيا هئائين اهي ٻڌايائين، ماڻهن همت افزائي ڪئي. ائين شوق وڌيس ۽ پنهنجي فني زندگيءَ ۾ پير پاتائين.

ريڊيو تي اچڻ[سنواريو]

قادربخش مٺو ننڍڙو هو ته کيس عبدالڪريم بلوچ صاحب ريڊيو تي وٺي آيو. جتي کيس ڪوثر ٻرڙو، نصير مرزا، انور بلوچ (مرحوم)، جهانگير قريشي، گل حسن قريشي ۽ ٻين پروڊيوسرن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ٽي وي تي بلوچ صاحب وٺي ويس هارون رند جو پروگرام هُيو ”روشن تارا“ کيس روشن تارا پروگرام ڪرڻ جو به موقعو مليو.


فلم ۾ اداڪاري[سنواريو]

سنڌي فلم ”سنڌ جو قسم“، ۾ مهمان اداڪار طور ڪم ڪيائين.


ايوارڊ[سنواريو]

قادربخش مٺو کي شهباز ايوارڊ کان سواءِ ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ مليل آهن.


حوالا[سنواريو]