فليش فڪشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فليش فڪشن (انگريزي:Flash Fiction) انگريزي ادب مان آيل نثري ادب جو قسم آهي. سنڌي ادب يا اردو ادب ۾ افسانوي ادب تحرير جو هڪ اهڙو قسم آهي جيڪو انتهائي اختصار تي مشتمل هوندو آهي. فليش فڪشن جي ڪا هڪ ۽ خاص وصف مقرر ناهي جنهن بابت صحيح خبر پئجي سگهي. اهو ضرور آهي ته فليش فڪشن ڪهاڻي جو نمونو آهي جنهن ۾ گهٽ لفظن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪجهه جاين تي ڪي اديب پاڻمرادو ان کي 300 لفظن تائين محدود رکڻ جا حامي آهن. ڪي ليکڪ 1000 لفظن تائين لکيل اهڙي لکت، ڪھاڻي يا افساني کي فليش فڪشن جي ذمري ۾ آڻڻ ٿا.[1][2]

حوالا[سنواريو]