مواد ڏانھن هلو

فلاحي رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فلاحي رياست (Welfare State) هڪ اهڙو رياستي سرشتو جنھن ۾ ڪا بہ حڪومت ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ اُپاءَ وٺندي، گهربل بُنيادي شھري سھولتون ڏي، انساني زندگيءَ کي سولو، صحيح ۽ انصاف ڀريو بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. ’فلاحي رياست، جو بنياد برابريءَ جي بُنياد تي موقعن کي حاصل ڪرڻ، پونجيءَ جي انصاف ڀري وِرڇ ۽ اڻھوند وارن طبقن کي معياري زندگي آڇڻ لاءِ کين سماجي امداد جي پھچائڻ وارن اُصولن تي بيٺل آهي. اهڙو عام ڀلائيءَ وارو پروگرام عام طور تي طبقاتي ۽ سماجي فرق کان مٿڀرو ٿي رياست جي هر ان شھريءَ لاءِ هجي ٿو، جنھن ذاتي زندگي گهاريندي ڪيترين سماجي ۽ معاشي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ڪنھن بہ ”فلاحي رياست“ ۾ هر شھريءَ جي زندگيءَ جو معيار چڱو ڪرڻ لاءِ حُڪومتي سطح تي رٿابندي ڪندي، کيس بنيادي سھولتون پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. انهن سھولتن ۾ عام رواجي سماجي گُهرجن جو پوُرائي، جنگ کان پرهيز، واپار تي ضابطي، رياستي وسيلن جي سماجي ڀلائيءَ جي حوالي سان واپرائجڻ ۽ رياستي ڌَنَ کي عوام ڏانھن ڪرڻ جا شرط بہ شامل آهن . ٽئڪسن جو مناسب سرشتو، سماجي تحفظ، بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي، زراعت تي خاص فائدا ۽ حڪومت طرفان سستس گهر اڏڻ جون رٿائون، انهيءَ سلسلي جون اهم ذميواريون آهن. اڄوڪي دور ۾ سُئٽزرلئنڊ، سويڊن، ناروي، فِنلئنڊ ۽ ڊينمارڪ کي اُهڃاڻي فلاحي رياستون سمجهيو وڃي ٿو . نئين فلاحي رياستي سرشتي ۾ پُروُشيا جي مدبر حاڪم ’اوٽو وان بسمارڪ‘ کي مُھندار سمجهيو وڃي ٿو ، جنھن 1840ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي خيال کان پنھنجي رياست اندر عوامي ڀلائيءَ جي ڏس ۾ رٿابندي ڪندي انساني سھولتن جي پھچائڻ کي ٿيڻ جوڳو ڪيو هو.[1]

حوالا

[سنواريو]