فتح الله گولن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فتح الله گولن
(ترڪي ۾: Fethullah Gülen خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (ترڪي ۾: Muhammed Fethullah Gülen خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 27 اپريل 1941 (83 سال)[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ترڪي (–2017)
آمريڪا   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي ترڪي ٻولي [4][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي الاھيات ،صوفي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
تحريڪ صوفي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو movement (P135) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
ويب سائٽ
ويب سائٽ باضابطہ ویب سائٹ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو official website (P856) وڪي ڊيٽا تي
فتح الله گولن
پيدائش Fetullah Gülen
اپريل 1941 (عمر 82–83 سال)
Korucuk, Erzurum, Turkey
رھائش Saylorsburg, Pennsylvania, U.S.
قوميت Turkey
مذھب Non-denominational Muslim[6]
مڪتبه فڪر Hanafi[7]
شعبه عمل
Orthodox Islamic thought, Islamic conservatism, education, interfaith dialogue among the People of the Book, Sufism
اهم نظريا
Gülen movement

فتح الله گولن (Fethullah Gülen) ترڪي جي شهر ڪرڪوڪ (Korucuk) ۾ 27 اپريل 1941ع ۾ ڄائو. هاڻي آمريڪا جي رياست پينسلوانيا ۾ رهي ٿو. پاڻ دنيا جي وڏي عالم هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏي سياسي شخصيت پڻ آهي. پاڻ دنيا جي انهن عالمن مان هڪ آهي جن مذهب جي خاص طور اسلام جي اهڙي تشريح سامهون آندي آهي، جيڪا روشن خيالي واري ته آهي ئي پر اها سائنس جي پڻ ويجهو آهي، هيءُ ترڪيءَ ڄائو عالم انهن عالمن مان هڪ آهي، جنهن انساني شعور کي پڻ گهڻي اهميت ڏني آهي، جنهن ڪري اڄ جي انسان ذات گهڻن وهمن ۽ وسوسن کان آجپيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.

فتح الله گولن، ڪيتري ئي وقت کان آمريڪا ۾ رهندڙ آهي ۽ تصوف بابت لکندو رهيو آهي، سندس تصوف بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جن کي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، تازي سندس سڃاڻپ اها آهي ته ترڪيءَ ۾ تازي آيل ۽ ناڪام بڻيل فوجي انقلاب پٺيان سندس سوچ ڪم ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ هو ترڪيءَ ۾ سياسي طور نهايت سرگرم رهيو آهي ته ڪيترن ئي اهم عهدن تي به رهيو آهي. ٻئي طرف هن جي علمي ۽ ادبي ۽ مذهبي عالم واري سڃاڻپ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس ٽي ڪتاب ترجمو ٿيل آهن، جيڪي هن طرح آهن.

  • 1. تصوف جو ٽيڪسٽ بڪ
  • 2. تصوف جون تجليون
  • 3. اکين کان اوجهل جهان

پڙهندڙ، سندس علمي پهچ سندس ڪتابن ۾ ڏسي سگهن ٿا. سندس تازو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب جو نالو، اکين کان اوجهل جهان آهي. جيڪو پڻ ڪائنات جي انهن اسرارن بابت آهي، جيڪي برابر ڏسي نٿا سگهجن پر اهي، الڳ الڳ حِسُن ذريعي محسوس ڪري سگهجن ٿا، بلڪل ائين جيئن اسان خوشي محسوس ڪندا، آهيون، ڏک محسوس ڪندا آهيون، هوا محسوس ڪندا آهيون، اُس محسوس ڪندا آهيون، پر اسان انهن کي ڏيکاري يا انهن جا رنگ ٻڌائي نه سگهندا آهيون ۽ جيڪو سڀ اسان کي اڄ جون سائنسي ايجادون سمجهائي رهيون آهن، هوا تي هلندڙ شيون، باھ تي هلندڙ شيون، گئس تي هلندڙ شيون سڀ نون علمن جون ايجادون آهن، جيستائين اهي شيون انسان جي اکين نه ڏٺيون هيون، تيستائين اوجهل هيون پر اڄ آهي سڀ نعمتون انسان استعمال هيٺ آڻي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ تي مجبور آهي ته انساني عقل ايترو وسيع نه آهي، جو اهو ڪائنات جا سڀ اسرار پروڙي سگهي. پر انسان انهيءَ جستجوءَ ۾ لڳل ضرور آهي ۽ پڪ سان اهو وقت پري نه آهي، جڏهن انساني ذهن گهڻيون ئي نيون ايجادون ڪري وٺي، پر ڳالهه اها آهي ته اهو انساني ذهن ڪنهن تخليق ڪيو آهي؟

فتح الله گولن کي پڙهڻ، شايد گهڻن مسئلن سمجهڻ ۾ مدد ڪري، ڇاڪاڻ ته هن جي لکڻ جو ڏانءُ، بهرحال بيحد سنهجو ۽ روشني ڏيندڙ، جديد علمن سان ملندڙ آهي. جيتوڻيڪ هن جا موضوع ڀلي گهڻو سنجيده آهن. پر هيءَ اهڙو عالم آهي، جنهن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته مذهبي قديم علمن ۽ اڄ جي جديد علمن ۾ ڪابه وڇوٽي نه آهي.

ننڍڙن بابن ۾ ورهايل سندس بنهه اهم هي ڪتاب اکين کان اوجهل جهان سنڌيءَ ۾ موجود آهي پڪ سان سنڌي ٻولي انهن ڀاڳوارين ٻولين مان هڪ آهي، جن ۾ فتح الله ڳولن جهڙي جڳ مشهور عالم جي ڪتاب جو ترجمو ٿيو آهي. ٻه سئو چاليهن صفحن جو هيءُ بيحد اهم ڪتاب اسان جي نامورن تعليمدان احمد الدين شر صاحب نهايت سٺي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.[9][10][11][12]

  1. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/gulen-fethullah — subject named as: Fethullah Gülen
  2. Diamond Catalogue ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/4503 — subject named as: Mohammad Fethullah Gülen
  3. Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000028535 — subject named as: Fethullah Gülen — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14500316s — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  5. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/137583203
  6. Duderija, Adis (2014). Maqasid al-Shari’a and Contemporary Reformist Muslim Thought: An Examination. https://books.google.com/books?id=q12oBAAAQBAJ&pg=PT145. "Still, Gulen repeatedly states that he propagates neither tajdīd, nor ijtihād, nor reform and that he is just a follower of Islam, simply a Muslim. He is very careful about divorcing himself from any reformist, political, or Islamist discourse. Gulen's conscious dislike of using Islam as a discursive political instrument, which was a distinct trait in Nursi as well, indicates an ethicalized approach to Islam from a spiritual perspective." 
  7. Erol Nazim Gulay, The Theological thought of Fethullah Gulen: Reconciling Science and Islam (St. Antony's College Oxford University May 2007). p. 57
  8. 8.0 8.1 Erol Nazim Gulay. "The Theological thought of Fethullah Gulen: Reconciling Science and Islam" (PDF). St. Antony's College Oxford University. صفحو. 56. 
  9. تُرڪيءَ جي نامياري عالم فتح الله گولن جو ڪتاب اکين کان اوجهل جهان :رکيل مورائي
  10. ريفرينس مضمون: تُرڪيءَ جي نامياري عالم فتح الله گولن جو ڪتاب اکين کان اوجهل جهان :رکيل مورائي
  11. عوامي آواز اخبار
  12. Fethullah Gülen - Wikipedia