ننگرھار صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ننگرھار صوبو
ننګرهار ولايت
افغانستان جو صوبو
2013 ۾ آمريڪي ھيليڪاپٽر ننگرھار صوبي جي مٿان اڏامندي
2013 ۾ آمريڪي ھيليڪاپٽر ننگرھار صوبي جي مٿان اڏامندي
افغانستان جي نقشي ۾ ننگرھار صوبو نمايان ڏيکاريل
افغانستان جي نقشي ۾ ننگرھار صوبو نمايان ڏيکاريل
ننگرھار صوبو is located in Afghanistan
ننگرھار صوبو
ننگرھار صوبو
افغانستان جي نقشي ۾ ننگرھار صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 34°15′N 70°30′E / 34.25°N 70.50°E / 34.25; 70.50مڪانيت: 34°15′N 70°30′E / 34.25°N 70.50°E / 34.25; 70.50
ملڪ  افغانستان
گادي جو هنڌ جلال آباد
حڪومت
 • گورنر شاھ محمود ميان خيل [1]
پکيڙ
 • ڪل 7,727 ڪ.م2 (2,983 ميل2)
آبادي (2013)
 • ڪل 1,436,000


ننگرھار صوبو: (انگريزي: Nangarhar Province) افغانستان جي ھڪ صوبي جو نالو آهي جيڪو ملڪ جي اوڀر پاسي واري حصي ۾ واقع آهي ۽ انتظامي طور تي 22 ضلعن ۾ ورھايل آھي. صوبي جي آبادي 14,36,000 آھي جنھن ۾ 91.1 سيڪڙو پختون، 3.6 سيڪڙو پاشائي، 2.6 سيڪڙو عرب، 1.6 سيڪڙو تاجڪ ۽ 2.1 سيڪڙو باقي ٻين نسلن جي ماڻهن سان تعلق رکندڙ آھن. ان جو گاديءَ جو هنڌ جلال آباد شھر آهي. لفظ ننگرھار لاء چوڻ ۾ اچي ٿو تہ پشتو ٻولي جي ٻن لفظن ننگ ۽ نھر مان نڪتل آهي جن جي معني آهي نو نھرون. ھن صوبي مان ڪابل- پشاور واپار جو روڊ گذري ٿو طور خم پڻ ھن صوبي م ڊيورنڊ لائين نالي پاڪ افغان سرحد لڳ واقع آهي.

انتظامي ورھاست[سنواريو]

ننگرھار صوبي جا ضلعا
ننگرھار صوبي جا ضلعا
ضلعو صدر مقام آبادي [2] پکيڙ [3] ياداشت
جلال آباد ضلعو جلال آباد شھر 205,423 پختون, تاجڪ, عرب,
پاشائي جن مان 95
سيڪڙو پختون آھن.
ھسڪا مينا ضلعو ھسڪا مينا 33,294 100% پختون,
شينوار ضلعو 64,872 100% پختون
اچين ضلعو 95,468 100% پختون
بھسود ضلعو 118,934 95% پختون, 5% عرب
چپرھار ضلعو 57,339 پختون (100 سيڪڙو پختون)
درا نور ضلعو 98,202 %73 پختون, %27 پاشائي
بتي ڪوٽ ضلعو 31,308 پختون (100% پختون)
در بابا ضلعو 13,479 100% پختون
گوشتا ضلعو 31,130 100% پختون
حصارڪ ضلعو 28,376 100% پختون
ڪاما ضلعو 52,527 100% پختون
خوگياني ضلعو ڪاغا 111,479 100% پختون
ڪوت ضلعو 52,154 2005 ۾ رودات ضلعي مان قائم ڪيو ويو

100% پختون

ڪوز ڪونر ضلعو 42,823 98% پختون, 2% پاشائي
لال پور ضلعو 18,997 100% پختون
مومند درا ضلعو 42,103 100% پختون
نازيان ضلعو 16,328 100% پختون
پچير و اگام ضلعو 40,141 100% پشتون
رودات ضلعو 63,357 2005 ۾ ورھائجي ويو

100% پختون

شيرزاد ضلعو 63,232 100% پختون
سرخ رود ضلعو 91,548 100% پختون

حوالا[سنواريو]

  1. "Nangarhar: Governor Shah Mahmood Miakhel introduced to the provincial authorities & people" (English ۾). IDLG. 9 February 2019. https://idlg.gov.af/en/3172/. Retrieved 15 May 2018. 
  2. "MRRD Provincial profile for Nangarhar Province" (PDF). Mrrd.gov.af. حاصل ڪيل 2013-03-13. 
  3. Andrew Ross. "Afghanistan Geographic & Thematic Layers". Fao.org. حاصل ڪيل 2013-03-13. 

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

افغانستان جا 34 صوبا جيڪي وري 400 ضلعن
افغانستان جا صوبا يا ولايتون نقشي ۾ ڏنل نمبر مطابق ڏسو
صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت صوبو/ولايت
1. بدخشان صوبو 2. بادغيس صوبو 3. بغلان صوبو 4. بلخ صوبو
5. باميان صوبو 6.دايڪندي صوبو 7. فرا صوبو 8. فارياب صوبو
9. غزني صوبو 10. غور صوبو 11. ھيلمند صوبو 12. ھرات صوبو
13. جوزجان صوبو 14. ڪابل صوبو 15. قنڌار صوبو 16. ڪاپيسا صوبو
17. خوست صوبو 18. ڪونر صوبو 19. قندوز صوبو 20. لغمان صوبو
21. لوگر صوبو 22. ننگرھار صوبو 23. نيمروز صوبو 24نورستان صوبو
25.اروزگان صوبو 26. پڪتيا صوبو 27.پڪتيڪا صوبو 28.پنجشير صوبو
29. پروان صوبو 30.سمنگان صوبو 31. سرپل صوبو 32. تخار صوبو
33. ميدان وردڪ صوبو 34. زابل صوبو

حوالا[سنواريو]