غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي
غلا مصطفی' خان بھرگڑی
پيدائش Ghulam Mustafa Khan Bhurgri

|birthdate = جنوري 07 1913(1913-01-07) |birth_place = ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي Jamous Abadجيمس آباد]], سنڌ, پاڪستان |nationality = پاڪستاني |ethnicity = سنڌي |alma_mater = سنڌ يونيورسٽي |occupation = زميندار/سياستدان |years_active = |education = گريجوئيشن religion = اسلام

غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي (انگريزي ٻولي: Ghulam Mustafa Khan Bhurgri) ناميارو سياستدان. غلام محمد ڀرڳڙي جو پٽ، ستين جنوري 1913ع تي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي (جيمس آباد - ڪوٽ غلام محمد) ۾ جنم ورتو[1].

'غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي' ولد غلام محمد خان 7 -جنوري- 1913ع ۾ ڄائو.

تعليم[سنواريو]

پرائمري تعليم- ڊينگاڻ ڀرگڙي تعلقي جيمس آباد - ڪوٽ غلام محمد انگريزي تعليم؛ نؤ ودياليه هاءِ اسڪول حيدرآباد

. سندس والد 1924ع ۾ انتقال ڪيو. سينئير ڪيمبرج جو امتحان ڏنائين: ديرادون پبلڪ اسڪول مارچ 1931ع 

سياسي سفر[سنواريو]

  • 1931ع ۾ -ڀڳت سنگهه- ۽ دت کي ڦاسي اچڻ وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي. -ان- ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو.
  • 1937ع ڌاري خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ کيس ” -امير- جانبازان هند“ جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ ۾ هو ڪيترائي سال ڪم ڪندو رهيو. يو پيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ سبب جيل به ويو.
  • 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
  • 1946ع ۾ پهرين اليڪشن ۾ چونڊجي آيو.
  • 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيهر چونڊون ٿيون، -جن- ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن جھڙوڪ پيپلز -پارٽي-، آزاد -پاڪستان- -پارٽي-، هاري -پارٽي- ۽ عوامي ليگ گڏجي متحده محاذ قائم ڪري اميدوار بيهاريا. انهن اميدوارن مان ست اميدوار چونڊجي آيا -جن- ۾ غلام مصطفيٰ به شامل هو. هو -ان- -اتحاد- جو ڊپٽي ليڊر هو. جڏهن 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته -ان- ٺهراءُ جي مخالفت ۾ -جن- چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، -تن- مان هڪ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي به هو.
  • 1955ع ۾ مغربي -پاڪستان- اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. -جن- ۾ به رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي چونڊجي آيو. مغربي -پاڪستان- اسيمبليءَ ۾ ” سنڌ متحده محاذ -پارٽي-“ مخالفت ۾ هئي ۽ رئيس صاحب -ان- پارٽيءَ جو ڊپٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ سنڌ -بلوچستان- ۽ فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس ڪٺي ٿي. جنهن ۾ ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺهيو، جنهن جو رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي خزانچي چونڊيو ويو، -ان- کان پوءِ مغربي -پاڪستان-جي -ٽن- مکيه جماعتن (1) سنڌ متحده محاذ، (2) آزاد -پاڪستان- -پارٽي- ۽ (3) سرخ پوش جماعتن گڏجي ”-پاڪستان- نيشنل -پارٽي-“ قائم ڪئي، جنهن جو رئيس غلام مصطفيٰ به مکيه ميمبر رهيو. -ٿوري- وقت بعد ”-پاڪستان- نيشنل -پارٽي-“ ۽ عوامي ليگ گڏجي ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، ”-پاڪستان- نيشنل عوامي -پارٽي-“ ٺاهي. -ان- ڪنوينشن ۾ به شرڪت ڪئي ۽ -ان- جماعت جو مکيه ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي حقيقت شناس، دور انديش، چٽو سياسي شعور رکندڙ باهمت قومي ڪارڪن هو. لکين رپيا پنهنجي ذاتي ضرورتن لاءِ هوندي به بنهه درويشانه ۽ سادي زندگي گذاريندو هو.

http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%DA%80%D8%B1%DA%B3%DA%99%D9%8A%20%D8%BA%D9%84%D8%A7%D9%85%20%D9%85%D8%B5%D8%B7%D9%81%D9%8A%D9%B0%20%D8%AE%D8%A7%D9%86