غلام مصطفيٰ ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جو هي فنڪار، غلام مصطفيٰ ابڙو شاھپورچاڪر ۾ پيدا ٿيو، 12–13 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي قديمي ساز گھڙي (گھاگھر) وڄائڻ ۾ تمام گھڻي مھارت حاصل ڪئي. هن گهڙي وڄائڻ جو فن مرحوم علي بخش ڪوريءَ کان حاصل ڪيو. سندس چوڻ هو تہ وڄت ۾ ”لئي“ رکڻ وڏي اھم ڳالھ ٿئي ٿي. وڄت جا ڪيترائي ”تار“ مشھور آھن، جن مان ”ڪلواڙو“ وڄائڻ سولو ۽ ”ڌادرو“ ۽ ”تين تار“ ڏکيو آھي، مگر ھو انھن تارن کي بہ وڄائي ويندو آهي، ھن سنڌ جي ناميارن ۽ سريلن ڳائڻ سان گڏ گھڙو وڄايو آھي، جن مان استاد منظور علي خان، عابده پروين، وحيد علي، مصري خان جمالي ۽ جلال چانڊيو قابل ذڪر آھن.[1]

حوالا[سنواريو]