شاھپورچاڪر
ڏيک
شاھپور چاڪر | |
---|---|
شھر | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
شاھپور چاڪر (Shahpur Chakar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شھدادپور جو ھڪ ننڍڙو شھر ۽ يونين ڪائونسل آھي. ھي شھر ٻھراڙيءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. هي شهر اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ °26.15 ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ °68.65 تي واقع آهي. ھن شھر جو نالو ڪلھوڙن جي وفادار جنرل مير شھداد خان ٽالپر جي پٽ مير چاڪر خان ٽالپر جي نالي تي رکيو ويو. اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ميمبر، عثمان خان نوري، ڪينيا ۾ اڳوڻو سفير عبدالقادر سنجراڻي، سينيٽر اعجاز ڌامراھه، سينيئر صحافي قابل ڏاهري جو تعلق ھن شھر سان آھي. مير شھداد خان ٽالپر جو قبو بہ ھن شھر لڳ واقع آهي جتي مير شھداد خان ٽالپر ۽ ان جي خاندان جا فرد دفن ٿيل آھن. ھي شھر روڊ رستي شھدادپور ۽ نوابشاھ سان ڳنڍيل آهي.