مواد ڏانھن هلو

عمان، اردن

(عَمان کان چوريل)

عمان شهر

عَمَّان (عربي)

الرباح
شهر
عرفيت: مدينة التلال السبع (ست ٽڪرين جو شهر)
عاصمه (راڄڌاني شهر)
عمان شهر جي اسڪائ لائين
شاهه عبدالله مسجد ۽ قبطي آرٿوڊاڪس چرچ
شاهه حسين مسجد مغرب جي وقت
رغادان چوڪ
هاشمي پلازه ۽ قديم رومي سرڪس جا کنڊر
قديم رومي هرقل جو مندر
پراڻي شهر جي مسجد ۽ فصيل
عبدون پل ۽ شاهي هوٽل
قصر العبد قديم يوناني محل جا کنڊر
Official seal of عمان شهر
Seal
عمان شهر is located in اردن
عمان شهر
عمان شهر
اردن جي نقشي ۾ عمان شهر
عمان شهر is located in ايشيا
عمان شهر
عمان شهر
عمان شهر (ايشيا)
Coordinates: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278
ملڪ اردن
گورنريٽعمان گورنريٽ
بنياد پيو7250 قبل مسيح
بلديه جو درجوسال 1909ع
حڪومت
• امين العاصمه (ميئر)يوسف شواربه [1][2]
• آبادي40,61,150 (2021ع)
ايراضي
• ڪل1,680 چورس ڪلوميٽر (650 چورس ميل)
آبادي
 (2021ع)
• ڪل4061150
• اندازو
(2023ع)
4061150
رهاڪو نالوAmmani
وقتي علائقوUTC+3
پوسٽل ڪوڊ
11110-17198
ويب سائيٽammancity.gov.jo

عمان (عربي ٻولي: عَمّان، انگريزي ٻولي: Amman) اردن جي گاديءَ جو هنڌ آهي.[3] [4] ان سان گڏ شهر ملڪ جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي،[5] عمان اردن جو سڀ کان قديم ۽ سرزمين شام جو سڀ کان وڏو ۽ عرب دنيا جو پنجون وڏو شهر آهي ۽ وچ اوڀر ۾ ڏهين نمبر وڏو ميٽروپوليٽن علائقو رکي ٿو،[6] جنهن جي آبادي سال 2021ع تائين چاليهه لک هئي. اُتر وِچُ اولهه اردن ۾ واقع عمان شهر حڪومت جو انتظامي مرڪز آهي. 40,07,526 جي ابادي سان، شهر جو پکيڙ 1،680 چورس ڪلوميٽر (648.7 چورس ميل) آهي.[7] عمان شهر کي جديد ترين عرب شهرن منجهان هِڪُ سمجيو وڃِي ٿو.[8] هي علائقو خاص طور تي عرب ۽ يورپي سياحن جي لاءِ هڪ اهم سياحتي مقام پڻ آهي.[9]

عمان ۾ آباديءَ جا ابتدائي آثار نئين پٿر جي دور (Neolithic) جي مقام "عين الغزال" جي ويجهو مليون آهن جِتي آڳاٽا ترين (7250 ق.م. وارا) دنيا جا سڀ کان پراڻا، انساني شڪل وارا مجسما لَڌا ويا آهن. لوهه جي دور (Iron Age) ۾ شهر کي "رباط عمون"، عموني بادشاهت جو گاديءَ جو هنڌ" سڏيو ويندو هيو. رومي دور ۾ ان جو نالو، گريڪو-رومن ڊيڪاپولس جي ڏهه شهرن مان هڪ جي طور تي "فلاڊيلفيا" رکيو ويو. ستين صدي عيسوي ۾، خلافت راشده جي دور ۾ شهر جو نالو عمان رکيو ويو.

عمان وچون دور ۽ وچون دور کانپوءِ هي هڪ غير آباد شهر هُيو. جديد عمان جي تاريخ اُڻويهين صديءَ ۾ روس سان آيل چرڪس (Circassian) مسلمانن جي عثماني سلطنت پاران اُتان سال 1867ع ۾ آباد ڪاري سان شروع ٿي هئي.[10] سال 1904ع ۾ حجاز ريلوي سان ڳنڍڻ کان پوءِ شهر وڌيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1909ع ۾ ان جي پهرين ميونسپل ڪائونسل ٺهي.[11] سال 1921ع ۾ اردن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ کانپوءِ عمان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. پناهگيرن جي لڳاتار لڏپلاڻ واري لهرن جي ڪارڻ شهر جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ آئي، جنهن ۾ سال 1948ع ۽ 1967ع ۾ فلسطين کان، 1990ع ۽ 2003ع ۾ عراق کان ۽ سال 2011ع کانپوءِ شام جا پناهگير شامل آهن.

اهو شروعات ۾ ستن ٽڪرين تي ٺهيل هو، پر هاڻي 19 ٽڪرين تي پکڙيل آهي، جيڪا شهر جي 22 علائقن کي گڏ ڪئي، گريٽر عمان ميونسپلٽي طور منظم ڪيا ويا آهن.[12] ان جو هاڻوڪو ميئر يوسف الشواربه آهي.[13] عمان جي علائقن جا نالا يا ته ٽڪرين يا وادين، جنهن جو اها گھيرو ڪندا آهن، جهڙوڪ جبل اللويبده ۽ وادي عبدون مان مليا آهن.

اوڀر عمان، جن ۾ وادي عبدون جو علائقو پڻ شامل آهي، گهڻو ڪري تاريخي جڳهن سان ڀريل آهي،[14] جيڪا اڪثر ثقافتي سرگرمين جي ميزباني ڪن ٿا. جڏهن ته اولهه عمان وڌيڪ جديد آهي ۽ شهر جي اقتصادي مرڪز طور ڪم ڪري ٿو.[15]

سال 2018ع ۾ لڳ ڀڳ ڏهه لک سياح عمان ۾ آيا. [16] عمان ۾ نسبتاً تيزي سان وڌندڙ معيشت آهي ۽ ان کي بيٽا-عالمي شهر جي حيثيت سان درجه بندي ڪيو ويو آهي.[17] ان کان علاوه، ان کي وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي بهترين شهرن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي.[18] هي شهر ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن افسن جي قيام لاءِ دوحا سان گڏ، عرب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور جڳهن مان هڪ آهي ۽ ان معاملي ۾ هي رُڳو دبئي کان پُٺتي پيل آهي ۽ توقع آهي ته اِيندڙ 10 سالن ۾ هي ٽِي شهري علائقا ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز جي گهڻي ئي سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويندا.[19] شهر ۾ هڪ بس نيٽ ورڪ آهي، جنهن ۾ هڪ بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) سسٽم شامل آهي جيڪو نه صرف شهر جي اندرين جي ٽرانسپورٽ جي خدمت انجام ڏئي ٿو، پر ان کي ويجهي شهر زرقا شهر سان پڻ ڳنڍي ٿو.

نالو

[سنواريو]

==تاريخ: جاگرافي: مقامي حڪومت: شهر جو منظر: معيشت: ٽرانسپورٽ: تعليم:

جڙيل شهر

[سنواريو]

عمان هيٺين شهرن سان جڙيل آهي:

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

چترشالا

[سنواريو]
عمان

عَمّان
شهر
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان  کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر.
Nickname(s):
  • 'The White Pigeon'
  • 'The City of Stairs'
[20][21]
عمان is located in اردن
عمان
عمان
عمان is located in عرب دنيا
عمان
عمان
عمان is located in ايشيا
عمان
عمان
Coordinates: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E / 31.94972; 35.93278
ملڪ اردن
اردن جا حاڪمعمان شهر جا حاڪم
قيام7250 ق م
ميونسپالٽي1909
حڪومت
ميئريوسف الشواربہ[22][23]
ايراضي
• ڪل1,680 چورس ڪلوميٽر (650 چورس ميل)
آبادي
 (2016)
• ڪل4,007,526
• ڪثافت2380 في چورس ڪلوميٽر
رهاڪو نالوعماني
وقتي علائقوUTC+2 (مشرقي يورپي وقت)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC+3 (Eastern European Summer Time)
پوسٽل ڪوڊ
11110-17198
ڊائلنگ ڪوڍ+962(6)
ويب سائيٽGreater Amman Municipality

گيلري

[سنواريو]

رانديون

[سنواريو]
اردن ريلي

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

Amman سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

حوالا

[سنواريو]
  1. "New Amman mayor pledges 'fair and responsible' governance". jodantimes.com. 21 August 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 11 August 2018 تي محفوظ ڪيل. 23 October 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. "New Member: Yousef Al-Shawarbeh – Amman, Jordan". globalparliamentofmayors.org. June 2018. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 24 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 29 December 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. Lipiński, Edward (2006). On the Skirts of Canaan in the Iron Age: Historical and Topographical Researches. Peeters Publishers. ص. 295. ISBN 978-9042917989.
  4. Parpola, Simo (1970). Neo-Assyrian Toponyms. Kevaeler: Butzon & Bercker. ص. 76.
  5. "Revealed: the 20 cities UAE residents visit most". Arabian Business Publishing Ltd. 1 May 2015. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 26 September 2015 تي محفوظ ڪيل. 21 September 2015 تي حاصل ڪيل.
  6. "Population Estimates for The End of 2021" (PDF). Department of Statistics (DoS). January 2022. محفوظ ڪيل (PDF) مان اصل نسخي کان 28 November 2020 تي محفوظ ڪيل. 20 November 2021 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |accessdate= and |access-date= specified (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد)
  7. "Population stands at around 9.5 million, including 2.9 million guests". The Jordan Times. دي جارڊن نيوز. 2016-01-22. 2016-01-22 تي حاصل ڪيل.
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Rt.com".
  9. "Number of tourists dropped by 14% in 2013 — official report". دي جارڊن ٽائمز. The Jordan News. 2014-02-08. 2015-09-21 تي حاصل ڪيل.
  10. Hamed-Troyansky, Vladimir (2017). "Circassians and the Making of Amman, 1878–1914". International Journal of Middle East Studies 49 (4): 605–623. doi:10.1017/S0020743817000617.
  11. Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. ص. 35. ISBN 978-1-57607-919-5.
  12. Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. ص. 35. ISBN 978-1-57607-919-5.
  13. "Aqel Biltaji appointed as Amman mayor". The Jordan Times. The Jordan News. 2013-09-08. اصل نسخو مان 2015-09-30 تي محفوظ ڪيل. 2015-09-21 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  14. Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. ص. 35. ISBN 978-1-57607-919-5.
  15. "West Amman furnished apartments cashing in on tour". The Jordan Times. The Jordan News. 2014-08-12. 2015-09-21 تي حاصل ڪيل.
  16. "Top 100 International Tourist Destination Cities by Country" (PDF). Euromonitor. Euromonitor/. 2015-01-24. 2015-10-05 تي حاصل ڪيل.
  17. "How a Startup from the Arab World Grabs 1B Views on YouTube". Forbes. Forbes. 2014-12-31. 2015-09-29 تي حاصل ڪيل.
  18. IANS/WAM (2010-11-26). "Abu Dhab duke City' in MENA region". sify news. 2015-09-22 تي حاصل ڪيل.
  19. "Dunia Frontier Consultants » Doha, Amman Favored by MNCs as New Regional Hubs". Duniafrontier.com. 2012-01-25. 2012-11-28 تي حاصل ڪيل.
  20. Trent Holden, Anna Metcalfe (2009). The Cities Book: A Journey Through the Best Cities in the World. Lonely Planet Publications. ص. 36. ISBN 978-1-74179-887-6.
  21. "Amman's Street Food". BeAmman.com. BeAmman.com. اصل نسخو مان 2015-09-26 تي محفوظ ڪيل. 2015-09-26 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  22. "New Amman mayor pledges 'fair and responsible' governance". jodantimes.com. 2017-08-21. 2018-10-23 تي حاصل ڪيل.
  23. "New Member: Yousef Al-Shawarbeh – Amman, Jordan". globalparliamentofmayors.org. June 2018. 29 December 2018 تي حاصل ڪيل.