عمان، اردن
عمان شهر
عَمَّان (عربي) الرباح | ||
|---|---|---|
شهر عرفيت: مدينة التلال السبع (ست ٽڪرين جو شهر) | ||
| عاصمه (راڄڌاني شهر) | ||
عمان شهر جي اسڪائ لائين شاهه عبدالله مسجد ۽ قبطي آرٿوڊاڪس چرچ شاهه حسين مسجد مغرب جي وقت رغادان چوڪ هاشمي پلازه ۽ قديم رومي سرڪس جا کنڊر قديم رومي هرقل جو مندر پراڻي شهر جي مسجد ۽ فصيل عبدون پل ۽ شاهي هوٽل قصر العبد قديم يوناني محل جا کنڊر | ||
| ||
| Coordinates: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E | ||
| ملڪ | ||
| گورنريٽ | عمان گورنريٽ | |
| بنياد پيو | 7250 قبل مسيح | |
| بلديه جو درجو | سال 1909ع | |
| Government | ||
| • امين العاصمه (ميئر) | يوسف شواربه [1][2] | |
| • آبادي | 40,61,150 (2021ع) | |
| Area | ||
• ڪل | 1,680 km2 (650 sq mi) | |
| Highest elevation | 1,100 m (3,600 ft) | |
| Lowest elevation | 700 m (2,300 ft) | |
| Population (2021ع) | ||
• ڪل | 4,061,150 | |
• Estimate (2023ع) | 4,061,150 | |
| Demonym | Ammani | |
| Time zone | UTC+3 | |
| Postal code | 11110-17198 | |
| Website | ammancity.gov.jo | |
عمان (عربي ٻولي: عَمّان، انگريزي ٻولي: Amman) اردن جي گاديءَ جو هنڌ آهي.[3] [4] ان سان گڏ شهر ملڪ جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي،[5] عمان اردن جو سڀ کان قديم ۽ سرزمين شام جو سڀ کان وڏو ۽ عرب دنيا جو پنجون وڏو شهر آهي ۽ وچ اوڀر ۾ ڏهين نمبر وڏو ميٽروپوليٽن علائقو رکي ٿو،[6] جنهن جي آبادي سال 2021ع تائين چاليهه لک هئي. اُتر وِچُ اولهه اردن ۾ واقع عمان شهر حڪومت جو انتظامي مرڪز آهي. 40,07,526 جي ابادي سان، شهر جو پکيڙ 1،680 چورس ڪلوميٽر (648.7 چورس ميل) آهي.[7] عمان شهر کي جديد ترين عرب شهرن منجهان هِڪُ سمجيو وڃِي ٿو.[8] هي علائقو خاص طور تي عرب ۽ يورپي سياحن جي لاءِ هڪ اهم سياحتي مقام پڻ آهي.[9]
عمان ۾ آباديءَ جا ابتدائي آثار نئين پٿر جي دور (Neolithic) جي مقام "عين الغزال" جي ويجهو مليون آهن جِتي آڳاٽا ترين (7250 ق.م. وارا) دنيا جا سڀ کان پراڻا، انساني شڪل وارا مجسما لَڌا ويا آهن. لوهه جي دور (Iron Age) ۾ شهر کي "رباط عمون"، عموني بادشاهت جو گاديءَ جو هنڌ" سڏيو ويندو هيو. رومي دور ۾ ان جو نالو، گريڪو-رومن ڊيڪاپولس جي ڏهه شهرن مان هڪ جي طور تي "فلاڊيلفيا" رکيو ويو. ستين صدي عيسوي ۾، خلافت راشده جي دور ۾ شهر جو نالو عمان رکيو ويو.
عمان وچون دور ۽ وچون دور کانپوءِ هي هڪ غير آباد شهر هُيو. جديد عمان جي تاريخ اُڻويهين صديءَ ۾ روس سان آيل چرڪس (Circassian) مسلمانن جي عثماني سلطنت پاران اُتان سال 1867ع ۾ آباد ڪاري سان شروع ٿي هئي.[10] سال 1904ع ۾ حجاز ريلوي سان ڳنڍڻ کان پوءِ شهر وڌيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1909ع ۾ ان جي پهرين ميونسپل ڪائونسل ٺهي.[11] سال 1921ع ۾ اردن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ کانپوءِ عمان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. پناهگيرن جي لڳاتار لڏپلاڻ واري لهرن جي ڪارڻ شهر جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ آئي، جنهن ۾ سال 1948ع ۽ 1967ع ۾ فلسطين کان، 1990ع ۽ 2003ع ۾ عراق کان ۽ سال 2011ع کانپوءِ شام جا پناهگير شامل آهن.
اهو شروعات ۾ ستن ٽڪرين تي ٺهيل هو، پر هاڻي 19 ٽڪرين تي پکڙيل آهي، جيڪا شهر جي 22 علائقن کي گڏ ڪئي، گريٽر عمان ميونسپلٽي طور منظم ڪيا ويا آهن.[12] ان جو هاڻوڪو ميئر يوسف الشواربه آهي.[13] عمان جي علائقن جا نالا يا ته ٽڪرين يا وادين، جنهن جو اها گھيرو ڪندا آهن، جهڙوڪ جبل اللويبده ۽ وادي عبدون مان مليا آهن.
اوڀر عمان، جن ۾ وادي عبدون جو علائقو پڻ شامل آهي، گهڻو ڪري تاريخي جڳهن سان ڀريل آهي،[14] جيڪا اڪثر ثقافتي سرگرمين جي ميزباني ڪن ٿا. جڏهن ته اولهه عمان وڌيڪ جديد آهي ۽ شهر جي اقتصادي مرڪز طور ڪم ڪري ٿو.[15]
سال 2018ع ۾ لڳ ڀڳ ڏهه لک سياح عمان ۾ آيا. [16] عمان ۾ نسبتاً تيزي سان وڌندڙ معيشت آهي ۽ ان کي بيٽا-عالمي شهر جي حيثيت سان درجه بندي ڪيو ويو آهي.[17] ان کان علاوه، ان کي وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي بهترين شهرن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي.[18] هي شهر ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن افسن جي قيام لاءِ دوحا سان گڏ، عرب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور جڳهن مان هڪ آهي ۽ ان معاملي ۾ هي رُڳو دبئي کان پُٺتي پيل آهي ۽ توقع آهي ته اِيندڙ 10 سالن ۾ هي ٽِي شهري علائقا ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز جي گهڻي ئي سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويندا.[19] شهر ۾ هڪ بس نيٽ ورڪ آهي، جنهن ۾ هڪ بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) سسٽم شامل آهي جيڪو نه صرف شهر جي اندرين جي ٽرانسپورٽ جي خدمت انجام ڏئي ٿو، پر ان کي ويجهي شهر زرقا شهر سان پڻ ڳنڍي ٿو.
نالو
[سنواريو]==تاريخ: جاگرافي: مقامي حڪومت: شهر جو منظر: معيشت: ٽرانسپورٽ: تعليم:
جڙيل شهر
[سنواريو]عمان هيٺين شهرن سان جڙيل آهي:
مسقط، اومان (1986)
جده، سعودي عرب (1988)
قاهره، مصر (1988)
رباط، مراڪش (1988)
صنعاء، يمن (1989)
اسلام آباد، پاڪستان (1989)
انقره، ترڪي (1992)
خرطوم، سوڊان (1993)
دوحه، قطر (1995)
استنبول، ترڪي (1997)
الجزائر شھر، الجزائر (1998)
بخاريسٽ، رومانيا (1999)
نوآڪ شوط، موريتانيا (1999)
تيونس شهر، تيونس (1999)
صوفيا، بلغاريا (2000)
بيروت، لبنان (2000)
پريٽوريا، ڏکڻ آفريڪا (2002)
تيگوسيگلپا، هونڊوراس (2002)
شڪاگو، آمريڪا (2004)
ماسڪو، روس (2005)
آستانه، قازقستان (2005)
بشڪيڪ، ڪرغزستان (2006)
سان فرانسسڪو، آمريڪا (2010)
سلهٽ، بنگلاديش
سينگاپور، سنگاپور (2014)
يريوان، آرمينيا (2015)
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]چترشالا
[سنواريو]عمان
عَمّان | |
|---|---|
شهر | |
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر. | |
| Nicknames: | |
| Coordinates: 31°56′59″N 35°55′58″E / 31.94972°N 35.93278°E | |
| ملڪ | |
| اردن جا حاڪم | عمان شهر جا حاڪم |
| قيام | 7250 ق م |
| ميونسپالٽي | 1909 |
| Government | |
| • ميئر | يوسف الشواربہ[22][23] |
| Area | |
• Total | 1,680 km2 (650 sq mi) |
| Highest elevation | 1,100 m (3,600 ft) |
| Lowest elevation | 700 m (2,300 ft) |
| Population (2016) | |
• Total | 4,007,526 |
| • Density | 2,380/km2 (6,200/sq mi) |
| Demonym | عماني |
| Time zone | UTC+2 (مشرقي يورپي وقت) |
| • Summer (DST) | UTC+3 (Eastern European Summer Time) |
| پوسٽل ڪوڊ | 11110-17198 |
| Area code | +962(6) |
| Website | Greater Amman Municipality |
گيلري
[سنواريو]- اردن، اممان، اُتر واري قلعي کان ڏيکُ
- وڏي ميونسپالٽي عمان، اردن جو جهنڊو
- اردن، اممان، اُتر واري قلعي کان ڏيکُ
رانديون
[سنواريو]
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا ڪامنز ۾ عمان، اردن سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
Amman سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
حوالا
[سنواريو]- ↑ "New Amman mayor pledges 'fair and responsible' governance". jodantimes.com. 21 August 2017. Archived from the original on 11 August 2018. Retrieved 23 October 2018.
- ↑ "New Member: Yousef Al-Shawarbeh – Amman, Jordan". globalparliamentofmayors.org. June 2018. Archived from the original on 24 December 2018. Retrieved 29 December 2018.
- ↑ Lipiński, Edward (2006). On the Skirts of Canaan in the Iron Age: Historical and Topographical Researches. Peeters Publishers. p. 295. ISBN 978-9042917989.
- ↑ Parpola, Simo (1970). Neo-Assyrian Toponyms. Kevaeler: Butzon & Bercker. p. 76. https://archive.org/details/neoassyriantopon0000parp.
- ↑ "Revealed: the 20 cities UAE residents visit most". Arabian Business Publishing Ltd. 1 May 2015. Archived from the original on 26 September 2015. Retrieved 21 September 2015.
- ↑ "Population Estimates for The End of 2021". Department of Statistics (DoS). January 2022. Archived from the original on 5 June 2019. https://web.archive.org/web/20190605160255/http://dosweb.dos.gov.jo/DataBank/Population_Estimares/PopulationEstimatesbyLocality.pdf. Retrieved 25 June 2025.
- ↑ "Population stands at around 9.5 million, including 2.9 million guests". The Jordan Times (دي جارڊن نيوز). 2016-01-22. http://www.jordantimes.com/news/local/population-stands-around-95-million-including-29-million-guests. Retrieved 2016-01-22.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedRt.com - ↑ "Number of tourists dropped by 14% in 2013 — official report". دي جارڊن ٽائمز (The Jordan News). 2014-02-08. http://www.jordantimes.com/news/local/number-tourists-dropped-14-2013-—-official-report. Retrieved 2015-09-21.
- ↑ Hamed-Troyansky, Vladimir (2017). "Circassians and the Making of Amman, 1878–1914". International Journal of Middle East Studies 49 (4): 605–623. doi:.
- ↑ Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 35. ISBN 978-1-57607-919-5. https://books.google.com/books?id=3SapTk5iGDkC&pg=PA35.
- ↑ Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 35. ISBN 978-1-57607-919-5. https://books.google.com/books?id=3SapTk5iGDkC&pg=PA35.
- ↑ "Aqel Biltaji appointed as Amman mayor". The Jordan Times (The Jordan News). 2013-09-08. Archived from the original on 2015-09-30. https://web.archive.org/web/20150930055247/http://www.jordantimes.com/news/local/aqel-biltaji-appointed-amman-mayor. Retrieved 2015-09-21.
- ↑ Michael Dumper; Bruce E. Stanley (2007). Cities of the Middle East and North Africa: A Historical Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 35. ISBN 978-1-57607-919-5. https://books.google.com/books?id=3SapTk5iGDkC&pg=PA35.
- ↑ "West Amman furnished apartments cashing in on tour". The Jordan Times. The Jordan News. 2014-08-12. Retrieved 2015-09-21.
- ↑ "Top 100 International Tourist Destination Cities by Country" (PDF). Euromonitor. Euromonitor/. 2015-01-24. Retrieved 2015-10-05.
- ↑ "How a Startup from the Arab World Grabs 1B Views on YouTube". Forbes. Forbes. 2014-12-31. Retrieved 2015-09-29.
- ↑ IANS/WAM (2010-11-26). "Abu Dhab duke City' in MENA region". sify news. http://sify.com/news/abu-dhabi-voted-best-city-in-mena-region-news-international-kl0wuhjcbdc.html. Retrieved 2015-09-22.
- ↑ "Dunia Frontier Consultants » Doha, Amman Favored by MNCs as New Regional Hubs". Duniafrontier.com. 2012-01-25. Retrieved 2012-11-28.
- ↑ Trent Holden, Anna Metcalfe (2009). The Cities Book: A Journey Through the Best Cities in the World. Lonely Planet Publications. p. 36. ISBN 978-1-74179-887-6. https://books.google.com/books?id=wGCGLEO-Vs8C&pg=PA36.
- ↑ "Amman's Street Food". BeAmman.com. BeAmman.com. Archived from the original on 2015-09-26. Retrieved 2015-09-26.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (help) - ↑ "New Amman mayor pledges 'fair and responsible' governance". jodantimes.com. 2017-08-21. Retrieved 2018-10-23.
- ↑ "New Member: Yousef Al-Shawarbeh – Amman, Jordan". globalparliamentofmayors.org. June 2018. Retrieved 29 December 2018.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- بهترين مضمون
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using multiple image with auto scaled images
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- CS1 errors: unsupported parameter
- اردن
- راڄڌانيون
- ايشيا ۾ راڄڌانيون
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
