عيدي امين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

عيدي امين (Idi Amin)، پهرين جنوري 1925ع تي عيد جي ڏينهن، يوگنڊا جي اُتر اولهه ۾ هڪ قبيلي ڪاڪوا ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ نيل درياهه جي علائقي ۾ هو، پنهنجي ويڙهاڪ فطرت جي ڪري کيس فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق هو، هن پنهنجي ڪئريئر جي شروعات 1948ع ۾، 23 سالن جي وهيءَ ۾ برطانيا جي ڪالونيل فوج جي سپاهيءَ طور مشهور ڪنگز آفريقن رائفلز ۾ ڀرتي ٿيڻ سان ڪئي. هو يوگنڊا جي فوج جو پهريون ڪميشنڊ آفيسر ٿيو. ڀاڳ عيدي امين جو ساٿ ڏنو ۽ فوج ۾ تڪڙا تڪڙا پروموشن ماڻيائين. 1951ع کان 1960ع تائين سندس شهرت هڪ باڪسر جي هئي، عيدي امين يوگنڊا جو هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپيئن به رهي چڪو آهي، ستر واري ڏاڪي ۾ هن جي حيثيت هڪ سيليبرٽي جي ٿي ويئي، هو ڪنهن به مهل ڪجهه به ڪري سگهڻ جي شهرت جو مالڪ بڻجي ويو. جهڙوڪ: هو يونيفارم ۾ ”سوئمنگ پول“ ۾ ٽپي پوندو هو.

عيدي امين انهن ٻن يوگنڊائي فوجين مان هو، جن 1961ع ۾ ڪئينز ڪميشن حاصل ڪئي، 1962ع ۾ جڏهن يوگنڊا، برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي ته چئن سالن کانپوءِ ’عيدي امين‘ يوگنڊائي فوج جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو. عيدي امين کي ملڪي اقتدار تي قبضي ڪرڻ جو خبط ته اڳ ۾ ئي هو. ويتر جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو ته هن پنهنجون سڀ اٽڪلون استعمال ڪندي، 25 جنوري 1971ع تي، ان وقت اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جڏهن 1962ع ۾ يوگنڊا کي برطانوي بيٺڪيت کان آزادي ڏياريندڙ صدر ’ملٽن اوبوٽي دولت مشترڪا ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سنگاپور ويل هو ۽ هو جڏهن اتان موٽيو ته يوگنڊائي فوج ايئرپورٽ کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ ملڪي گاڌيءَ جو هنڌ ’ڪمپالا‘ مڪمل طور فوج جي قبضي ۾ هو.

اقتدار تي قبضي کانپوءِ ، ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ”ملٽن اوبوٽي جي حڪومت سخت مالي بدعنوانين جو شڪار بڻجي ويئي هئي، هن حڪومت جي وزيرن وٽ نه رڳو گاڏين جا، پر جهازن جا فليٽس (ٻيڙا) آهن، جڏهن ته يوگنڊائي عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهي“.

پنهنجي اقتدار جي شروعاتي دور ۾ عيدي امين برطانيا جو حامي رهيو. پر پوءِ سندس برطانوي حڪومت سان ڇڪتاڻ ٿي پئي. 1972ع ۾ هن يوگنڊا ۾ رهندڙ ايشيائي رهاڪن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته ”يوگنڊا ۾ رهندڙ ايشيائي ماڻهن، ملڪ جي معيشيت تي قبضو ڪري ورتو آهي“. هو رڳو ايشيائي ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ تائين محدود نه رهيو، پر هن برطانيا سان به واپاري ناتا گهٽائي ڇڏيا، هن پنهنجو پاڻ کي وڪٽوريا ڪراس ايوارڊ پڻ ڏنو. 1975ع جي اونهاري ۾ برطانيا ۽ يوگنڊا جا لاڳاپا ان وقت گهڻو خراب ٿي ويا، جڏهن برطانيا جي هڪ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار ڊينس هلز کي يوگنڊا جي هڪ ڪورٽ سڳوريءِ بغاوت جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جيڪا پوءِ برطانيا جي پرڏيهي وزير جيمز ڪاليهان (جيڪو پوءِ برطانيا جو وزيراعظم به ٿيو) جي عيدي امين سان ملاقات کانپوءِ تبديل ٿي. عيدي امين جو اٺن سالن جو دور بحرانن جو دور رهيو. جون 1976ع ۾ فلسطيني فدائين اسرائيل جو هڪ جهاز اغوا ڪري يوگنڊا جي انتيبي ايئرپورٽ تي لاٿو. اغوا ڪندڙن سان ڳالهين جون ذميداريون عيدي امين سنڀاليون، اڃا اهي ڳالهيون جاري هيو ته اسرائيلي فورسز حملو ڪري يرغمالين ۽ جهاز جي عملي کي ڇڏائي ورتو. ان حملي کان هڪ ڏينهن پوءِ 75 سالن جي هڪ يرغمالي عورت ڊورا بلوش جيڪا اسرائيل ۽ برطانيا جي گڏيل شهرت رکندڙ هئي، گم ٿي ويئي، جنهن جو الزام يوگنڊا جي فورسز تي لڳو ته اهي ان عورت کي گهلي کڻي ويا ۽ قتل ڪري ڇڏيائونس. ان ڇڪتاڻ ايترو ته خطرناڪ موڙ اختيار ڪيو، جو برطانيا، يوگنڊا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.

عيدي امين جي لاءِ اهو به مشهور هو ته هن پنهنجن ڪيترن ئي مخالفن جا سر ڪپائي فرج يا ”ڪولڊ اسٽوريج“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هئا، ۽ هو انهن جي وڍيل سرن کي ڏسي تسڪين حاصل ڪندو هو، نه رڳو سياستدان، پر ڪيترا فوجي آفيسر به سندس عتاب جو نشانو بنيا، ڪن ته ڀڄي وڃي پاڙيسري ملڪ تنزانيا ۾ پناهه ورتي، جتان انهن تنزانيا جي فوج جي مدد سان هڪ ڀرپور حملو ڪيو ۽ 11 اپريل 1979ع تي اقتدار تي قبضو ڪري عيدي امين کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، اقتدار تي مخالفن جي قبضي کان اڳ هن پنهنجي زالن ۽ ٻارن کي پرڏيهه اماڻي ڇڏيو هو، اولهه جي ميڊيا عيدي امين کي آفريقا جو ڪاسائي لکندي هئي.

عيدي امين يوگنڊا مان ڀڄي سعودي عرب ۾ سياسي پناهه ورتي، سعودي عرب ۾ پناهه وٺڻ کان اڳ هن ڪجهه سال ليبيا ۽ عراق ۾ به گذاريا. انهيءَ کانپوءِ هو لاڳيتو سعودي عرب ۾ اچي رهيو، جتي هو الحمرا جي پوش علائقي جي هڪ ولا ۾ رهندو هو، سعودي عرب جي سياسي پناهه واري قانون تحت عيدي امين کي هر مهيني خرچ پکي لاءِ ڪيترا پئسا ڏنا ويندا هئا، اهي ڪڏهن به ظاهر نه ڪيا ويا، پر سندس ٻار سعودي عرب ۾ ننڍا وڏا ڪم ڪاريون ڪندا نظر آيندا هئا، عيدي امين جون پنج زالون هيون جن مان کيس 33 ٻار هئا.

عيدي امين، عجيب و غريب ڳالهين جي ڪري سدائين ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز رهندو هو. 1974ع ۾ هن گڏيل قومن کي صلاح ڏني هئي ته ”گڏيل قومن“ کي سندس ملڪ جي گاڌي واري هنڌ ’ڪمپالا‘ منتقل ڪيو وڃي، جيڪو نه رڳو سڄي ڌرتيءَ جو مرڪز آهي، پر انهيءَ سان گڏ هڪ اڻ ڌريو ملڪ به آهي. هڪ ڀيري هن تنزانيا جي صدر جوليس نائريري جي وارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن هو عورت هجي ها ته ڪر هو ساڻس شادي ڪري ها.“

سعودي عرب ۾ رهڻ جي دوران هو گمناميءَ ۾ رهيو، سعودي پريس ته ڪڏهن به سندس ڪو انٽرويو نه ڪيو، البت سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ يوگنڊا جي ”سنڊي ويزن“ سندس هڪ انٽرويو ڇپيو، جنهن ۾ هن چيو ته، ”مونکي ڪنهن به ڳالهه جو افسوس ڪونهي، مونکي فخر آهي ته آئون ٻين آفريقي حڪمرانن وانگر ملڪ جا پئسا کڻي نه ڀڳو آهيان، آئون اڃا به يوگنڊا ۾ رهندڙ يتيم ٻارن جي تعليم لاءِ کين فنڊز موڪليندو رهندو آهيان.“

هن جي وفات تي يوگنڊا جي ان وقت جي صدر گاڊفريشي تبصرو ڪندي چيو هو، ”آئون هن جي وفات تي لڙڪ ته ڳاڙهي نٿو سگهان، پر مونکي سندس گهراڻي سان همدردي آهي، مون سندس بيواهه کي تعزيتي پيغام موڪليو آهي.“ پر هن عيدي امين جي مڙهه کي يوگنڊا ۾ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني.

عيدي امين 1974ع ۾ لاهور ۾ ٿيل اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ 26 ڄڻن جي وفد سان گڏ پاڪستان آيو هو، سندس ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ اچڻ جو دلچسپ داستان پي پي پي جي اڳواڻ ۽ ان وقت پنجاب جي صوبائي وزير رانا شوڪت محمود پنهنجي ڪتاب انقلاب اور رد انقلاب ڪي ڪهاني ۾ ڏاڍي دلچسپ نموني لکيو آهي. هو لکي ٿو، ”يوگنڊا جي صدر عيدي امين سان اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ منهنجي ملاقات دلچسپيءَ کان خالي نه هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي عادتن سبب سڀني کي پريشان، پر محظوظ به ڪيو. ڪانفرسن ۾ مندوبين سان گڏ ايندڙن جي فهرست باقاعده مرتب ۽ اڳ ۾ ئي ڪنفرم ٿي چڪي هئي ۽ اهو به طئي ٿيل هو ته ڪهڙي ملڪي سربراهه سان سندس زال به گڏ اچي رهي آهي، جيئن نه رڳو سندن رهائش وغيرهه جو بندوبست ڪري سگهجي، پر بيگم نصرت ڀٽو به مهمان عورت کي ڀليڪار چئي سگهي، پر عيدي امين ثابت ڪيو ته هو هر ڪنفرميشن ۽ ضابطي کان مٿانهون آهي، مونکي چڱي طرح ياد آهي ته عيدي امين پنهنجي 130-C جهاز ۾ پاڪستان آيو، سندس جهاز جو رنگ خاڪي ۽ مٿس تمام گهڻي مٽي ۽ دز ڄميل هئي، عيدي امين جي پاڪستان پهچڻ تي لينڊنگ جي اطلاع تي ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب سان گڏ آئون به ساڻس گڏ کيس ڀليڪار ڪرڻ جي لاءِ اُت پهتس، جهاز کي جيڪا سيڙهي لڳي سا عام مسافر جهازن جي پيٽ ۾ ڪافي ننڍي هئي، 130 جهاز جو دروازو به ڪافي ننڍو هوندو آهي، ڇو ته ان کي هڪ ڪارگو جهاز جي حيثيت حاصل آهي ۽ ان ئي مقصد جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، بهرحال سيڙهي لڳي، ته هڪ انتهائي ڊگهو ۽ بُت ۾ ڀريل همراه تڪڙ ۾ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ دروازي ۾ ڦاسي پيو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پاڻ کي ڇڪي ٻاهر نڪتو ته اسانجي سامهون گهٽ ۾ گهٽ ڇهن فوٽن ۽ اٺن انچن جي قدآور شخصيت موجود هئي، عيدي امين جي ٻاهر نڪرندي ئي سندس پويان عورتن جي هڪ قطار نڪرڻ لڳي ڀٽو صاحب ۽ اسين پريشان ٿي وياسين ته الاهي هيءَ ڪهڙي ماجرا، آهي، ڇو ته عيدي امين سان ڪنهن به عورت جي آمد جي ڪنفرميشن جي ته پري جي ڳالهه ڪنهن جو ذڪر به نه هو، اُن ڪري بيگم صاحبه نصرت ڀٽو به ات موجود نه هئي. نصرت ڀٽو هڪدم عيدي امين جي زالن ۽ چئن ٻارن جي اوچتي اچڻ کان واقف ڪيو ويو ته هوءَ به تڪڙي تڪڙي وي آءَ پي روم مان هلندي اچي پهتي.

”ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ذهين ۽ مدبر شخص آهي، جيڪڏهن هو يوگنڊا اچڻ چاهي ته آئون کيس يوگنڊا جو وزيراعظم بنائڻ جي لاءِ تيار آهيان، جيئن يوگنڊا جو عوام سندس ذهانت مان فائدو حاصل ڪري سگهي.“ اهي لفظ عيدي امين 1977ع ۾ جنرل ضياء الحق پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي تختي اونڌي ڪرڻ کانپوءِ چيا هئا.

عيدي امين جو موت ڏاڍي گمناميءَ ۾ ٿيو، هن 16 آگسٽ 2003ع تي سعودي عرب جي شهر جدي ۾ وفات ڪئي. [1] [2] }}

حوالا[سنواريو]

  1. ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟ (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟ ليکڪ: يوسف سنڌي