مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

عضوو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علم طب ء حڪمت ۽ حياتيات جي شعبي ۾ عضوي مان مراد ٽشن tissue يا اوڄن سان ملي ڪري ٺهڻ وارو هڪ اهڙو جسم آهي جيڪو ڪو مخصوص فعل (function) انجام ڏيندو هجي ۽ عام طور تي پنهنجي لاء مددگار ٻين عضون سان گڏ شامل ٿي ڪري هڪ نظام جسم ٺاهي سگھندو هجي۔ هنجو جمع عضوا آهي ۽ انگريزي ۾ هن کي Organ چيو ويندو آهي۔ مختلف عضون جي عام مثالن ۾ ؛ معدو ، دماغ ، دل، ڦڦڙ ۽ گردا وغيره جا نالا شامل آهن جيوگهرڙو، جيڪو زندگيءَ جو بنيادي ايڪو ۽ جاندار آهي، اڳتي هلي خود رو (Autotrophic) جاندار بڻجي ويو، جنهن سج جي روشنيءَ مان پنهنجو کاڌو تيار ڪرڻ شروع ڪيو. سج جي روشنيءَ مان کاڌي تيار ڪرڻ واري روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) واري عمل ۾ گهڻي انداز ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿيندي ۽ آڪسيجن خارج ٿيندي آهي، جنهنڪري ان عمل جاندارن لاءِ جياپي جا رستا کولي ڇڏيا. زندگيءَ جي ارتقائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن آئي، جڏهن ڪجهه جاندارن/جيوگهرڙن جنسي پيدائش جو سلسلو شروع ڪيو، پاليئوزاڪ دور ۾ ئي سمنڊن، مڇين، وڻن، ٻيلن ۽ ڪوئلي جو وجود پيو. لکين سال گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي ميووزائڪ دور آيو، جنهن ۾ريڙهيون پائيندڙ جانور، ڊائنوسار ۽ وڏا اُڏامندڙ پکي منظر عام تي آيا، اهي جاندار زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن ۽ حياتيات جي اصولن مان گذري، عروج تي رسيا هئا. لکن سالن جي ان دور کان پوءِ ڪينوزاڪ دور شروع ٿيو، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هو، هن دور جو هڪ حصو ’ٽيٽائيري‘ هو، جنهن ۾ نوان ٻوٽا ۽ کير پياريندڙ جانور نمودار ٿيا، ۽ ٻئي حصي ’ڪواٽرنري دور‘ ۾ جيوگهرڙي هڪ نئين ارتقا ڪري، ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي. زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي علم حياتيات ارتقا جو سفر شروع ڪيو. قديم انسان کان وٺي هاڻوڪي جديد ۽ سُلجهيل انسان، علم حياتيات تي پنهنجا مفروضا مڙهڻ ۽ مشاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. وقت گذرڻ سان هن علم ۾ واڌارو ۽ ترقي ٿي، جنهن انساني بقا ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪئي.ري سگھجن ٿا۔

مختلف عضوا ملي ڪري جڏهن ڪو خاص عمل سرانجام ڏيندا آهن تہ انهن کي سرشتو چئبو آهي.