عربي-سنڌي صورتخطي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عربي-سنڌي صورتخطي هڪ جديد صورتخطي آهي جيڪا پاڪستان ۽ هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري صورتخطي آهي.

تواريخ[سنواريو]

1852ع ۾ هندوستان جي برطانوي سرڪار صورتخطي مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن جا ڏھ ميمبر هئا، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان ۽ ٻہ انگريز هئا. گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ سنڌي زبان جي لاءِ ”عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي ۽ ”سر بارٽل فريئر“ ڪمشنر سنڌ جي سفارش تي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو تہ سنڌي لکڻ لاءِ ”عربي-سنڌي“ رسم الخط اختيار ڪئي وڃي.محمود غزنويءَ جي زماني جي مشهور عالم علامه ابو ريحان البيرونيءَ، جو 410 کان 420هه تائين هندستان ۾ رهيو، لکيو آهي: ”حدود مالوه ۾ هڪ رسم الخط آهي، جنهن جو نالو ’ناگر‘ آهي. هيءُ فقط صورت ۾ پهرئين خط کان مختلف آهي. ان کان پوءِ هڪ ٻيو خط آهي، جنهن جو نالو ’اردناگري‘، يعني ’اڌ ناگري‘ آهي؛ ڇاڪاڻ جو ان ۾ مذڪور ٻئي خط مخلوط آهن. ڀاٽيه ۽ سنڌ جي ڪن شهرن ۾ اهو خط لکيو ويندو آهي. ان کان پوءِ،مروج خطن ۾ هڪ خط ’ملقاري‘ آهي. هي جنوبي سنڌ جي ساحلي علائقي، ملقشو جو خط آهي. بهمنو، يعني منصوره جو خط ’سيندپ‘ آهي“[1]

اکر[سنواريو]

درسي ڪتابن موجب، عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻاونجاھ (52) اکر آهن.

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جھ
ɑː ʔ b ɓ t ʈ ʈʰ s p ɟ ʄ ɟʱ
ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ
ɲ c h x d ɗ ɖ ɖʱ z r ɽ
ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ
z s ʃ s z t z ɑː ʔ ʕ ɣ f q k
ک گ ڳ گھ ڱ ل م ن ڻ و ه ء ي
ɡ ɠ ɡʱ ŋ l m n ɳ ʋ ʊ ɔː h j

سنڌيءَ ۾ ڪجھ آواز هڪ کان وڌيڪ اکرن کي ملائي لکبا آهن.

ج جھ ڳُجھو، منجھ
گ گھ گھوڙو، ٻگھ
ڏ ڏھ ڪڏهن، جڏهن
ڙ ڙھ پڙھڻ، ڳاڙھو
ل لھ ڳالھ، ڪالھ
ڻ ڻھ ماڻھو
م مھ سمھڻ، سامھون
ن نھ سَنھو، ڪونھي، ٻانھيءَ
سنڌي اکر، اردو ۽ انگريزي متبادل اکرن سان ڀيٽيل.

يونيڪوڊ[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀئي اکر هن وقت يونيڪوڊ ۾ شامل ٿي چڪا آهن، جنهنڪري ڪمپيوٽر ۾ سنڌيءَ جو استعمال وڌندو وڃي ٿو. تنهن هوندي بہ ڪجھ مسئلا اڃا حل ٿيڻ باقي آهن، جهڙوڪ ”هي“ جو صحيح استعمال.

مٿي ڏنل اکرن کان سوا بہ ڪيترا اکر سنڌي لکت ۾ استعمال ٿين ٿا، جيڪي يونيڪوڊ ۾ شامل آهن. زير زبر جهڙن اکرن کان سوا هيٺيان اکر اضافي آهن.

اکر ڪوڊ مثالون تفصيل
آ 0622 آچر، آيو هن کي الف ۽ مد گڏائي لکي سگهجي ٿو، پر يونيڪوڊ ۾ هيءَ الڳ اکر طور ڏنل آهي.
ؤ 0624 سؤ، دؤر اَو جي اچار کي اؤ به لکبو آهي.
ئ 0626 پائڻ، کائڻ لفظ جي وچ ۾ همزو
ة 0629 آية، سورة تي گول، جيڪا مخصوص عربي لفظن جي هجي ۾ استعمال ٿئي ٿي.
ى 0649 معنىٰ، اعلىٰ، مصطفىٰ هي ڪجھ عربي لفظن جي آخر ۾ استعمال ٿئي ٿو. عام يي بہ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
ھ 06BE ڪجھ، سگھ هي دو چشمي
۽ 06FD ۽ يونيڪوڊ ۾ الڳ اکر طور ڏنل آهي.
۾ 06FE ۾ يونيڪوڊ ۾ الڳ اکر طور ڏنل آهي.

يونيڪوڊ جي ڪري پيدا ٿيل مسئلا[سنواريو]

باوجود پنهنجي خوبين جي، يونيڪوڊ جي استعمال سان سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪجھ مسئلا پيدا ٿين ٿا.

اها ويڌن صرف سنڌي ٻوليءَ سان ناهي، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪجھ اهڙائي مسئلا آهن. هڪ مثال فارسيءَ ۾ ڪاف جو استعمال آهي. فارسي ڪاف، ساڳيو اردو ڪاف اکر آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ک لکبو آهي. پر ڪيترن ئي فارسي ڪتابن ۾ عربيءَ وارو ڪاف استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي آخري شڪل مختلف ٿئي ٿي. (جهڙوڪ: چمک ۽ چمك)

اهڙن مسئلن ۾ گھڻو ڏوھ ٻوليءَ جي اختياري ادارن جو آهي، جيڪي يونيڪوڊ جو صحيح استعمال نٿا ڄاڻائن، جنهنڪري فانٽ ٺاهيندڙ يونيڪوڊ کي غلط طريقي سان استعمال ڪن ٿا. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ لاءِ تيار ڪيل سڀ فانٽ اهائي غلطي ڪن ٿا، تہ اها غلطي مروج ٿي وڃي ٿي. پر جڏهن ان ٻوليءَ کان سواءِ ٻيا فانٽ استعمال ڪجن ٿا تہ اهڙيون غلطيون فاش ٿيو پون. جڏهن تہ يونيڪوڊ جي ايجاد جو مقصد ئي اهو هو تہ اکرن جا ڪوڊ فانٽ سان لاڳاپيل نہ هجن، پر جهڙو بہ فانٽ استعمال ڪجي، اکر ساڳيا ڏسجن.

هي جو مسئلو[سنواريو]

يونيڪوڊ ذريعي سنڌي ٻولي لکڻ سان سڀ کان وڏو مسئلو هي اکر جو ٿئي ٿو. ان مسئلي ۾ ڪجھ ڏوھ يونيڪوڊ جو آهي تہ ڪجھ وري سنڌي فانٽ ٺاهيندڙن جو آهي، جن يونيڪوڊ جو صحيح استعمال نہ ڪيو.

سنڌيءَ ۾ هڪڙي ئي هي استعمال ٿئي ٿي، جيڪا يونيڪوڊ جي ”هي دو چشمي“ وانگي آهي. ان اکر جي آخري شڪل ”ـھ“ آهي، نه ڪي ”ـه“. پر ڪجھ لفظن ۾ ان جي آخري شڪل ”ـه“ ٿيندي آهي. حقيقت ۾ اها مختلف آخري شڪل ضروري نه هئي، پر تاريخي طور ڪجھ لفظ انهيءَ شڪل سان لکيا ويا آهن (جهڙوڪ: هميشه).

سنڌي صورتخطيءَ ۾ هڪ خاص اکر اَڻي بہ استعمال ٿئي ٿي. مثال طور: تہ، بہ، نہ، بلڪہ، آمنہ، مکيہ وغيره. اها اڻي صرف لفظن جي آخر ۾ استعمال ٿئي ٿي، ان جي ڪا شروعاتي يا وچين صورت ناهي ٿيندي. صوتياتي طور، ان اڻي جو آواز هي وانگي ناهي ٿيندو، بلڪہ لفظ جي آخري اکر تي سُر جي اظهار لاءِ استعمال ٿيندي آهي.

يونيڪوڊ ۾ اڻيءَ لاءِ ڪوبہ اکر ڏنل ناهي. پر اردو هي (هي گول) جي آخري شڪل بلڪل انهي اڻيءَ واري آهي. هئڻ ائين گهرجي ها تہ سنڌيءَ ۾ ”هي دو چشمي“ سان گڏ ”هي گول“ جي آخري شڪل شامل ڪجي ها. پر فونٽ ٺاهيندڙن عربي هي کي استعمال ڪيو، ۽ ان جي آخري شڪل کي اردو هي واري آخري شڪل وانگي ڪري ڇڏيائون. ان سان گڏ وڌيڪ ظلم اهو ڪيائون، تہ اردو هي جي آخري شڪل عربي هي وانگي ڪري ڇڏيائون تہ جيئن ”هميشه“ جهڙا لفظ بہ لکي سگهجن. جڏهن تہ ان جي ڪا ضرورت نہ هئي. فانٽ ۾ ئي اهڙن لفظن جي شڪل بدلائي رکڻ ممڪن هو.

يونيڪوڊ ۾ هي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي اکر ڏنل آهن، ۽ هن وقت ٽيئي سنڌي صورتخطيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا.

يونيڪوڊ ۾ شامل هي اکر
ڪوڊ نالو اکر (خالي) اکر (شروع) اکر (وچ) اکر (آخر)
0647 هي ه هـ ـهـ ـه
06C1 هي گول ہ ہـ ـہـ ـہ
06BE هي دو چشمي ھ ھـ ـھـ ـھ

يي جو مسئلو[سنواريو]

ڪاما جو مسئلو[سنواريو]

سنڌيءَ ۾ ڪاما جي شڪل انگريزيءَ واري ڪاما جي ابتڙ آهي، پر هيءَ ابتڙي افقي آهي، عمودي نہ آهي. جڏهن تہ عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪاما جي شڪل افقي ۽ عمودي ابتڙ واري (يعني اونڌي) آهي. شروع ۾ يونيڪوڊ ۾ صرف اِها عربي واري ڪاما (ڪوڊ پوائنٽ: 060C) ئي ڏنل هئي ۽ سنڌي ڪاما شامل نہ هئي، جنهنڪري سنڌي فانٽن ۾ اهائي ڪاما استعمال ڪئي ويئي. پر فانٽ ٺاهڻ وارن ضرورت مطابق ان جي شڪل سنڌي ڪاما واري ڪري ڇڏي. هاڻي سنڌي فانٽ استعمال ڪرڻ سان تہ ڪاما جي شڪل صحيح ڏسجي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو عربي فانٽ استعمال ڪجي، تہ عربيءَ واري ڪاما ڏسبي.

اڳتي هلي، يونيڪوڊ سنڌي واري ڪاما بہ يونيڪوڊ ۾ شامل ڪئي (ڪوڊ پوائنٽ: 2E41). پر جيئن تہ اها دير سان شامل ڪئي ويئي، تنهنڪري هن وقت هيءَ ڪنهن بہ سنڌي توڙي عربي فانٽ ۾ شامل ناهي. پر ان ڳالھ جي اشد ضرورت آهي تہ اها ڪاما سڀني سنڌي فانٽن ۾ شامل ڪئي وڃي، ۽ سنڌي ڪيبورڊ ۾ بہ اردو واري ڪاما جي بجائي هيءَ سنڌي ڪاما ئي ڏني وڃي.

هي ساڳيو مسئلو سيمي ڪالن سان پڻ آهي، پر سنڌيءَ ۾ ان جو استعمال نالي ماتر آهي. سنڌي سيمي ڪالن يونيڪوڊ جي ڪوڊ پوائنٽ 204F تي ڏنل آهي.

يونيڪوڊ ۾ شامل ڪاماؤن
ڪوڊ اکر نالو ٻوليون
002C , ڪاما انگريزي، لاطيني لپيءَ ۾ لکجندڙ ٻوليون
060C ، عربي ڪاما عربي، فارسي، اردو وغيره
2E32 اونڌي ڪاما
2E41 ابتي ڪاما سنڌي
3001 چيني (فهرست وغيره لاءِ)
FF0C پوري ويڪرائي ڪاما

حوالا[سنواريو]

  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع