مواد ڏانھن هلو

عثمان فقير سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عثمان فقير سولنگي
Usman Faqir Solangi
Lua error in package.lua at line 80: module 'Module:InfoboxImage/data' not found.
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو عثمان سولنگي
پيدائش 1952ع
نواب بهاول خان
وفات 12 آگسٽ 2007
صنف صوفي فنڪار

عثمان فقير سولنگي (انگريزي ٻولي: Usman Faqir Solangi)، سنڌ جو مشهور صوفي راڳي هو. هي نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ نواب بهاول خان ۾ 1952ع تي پيدا ٿيو. سريلي آوازن جي ڏات کيس ننڍپڻ کان مليل هئي. سندس والد صاحب اوليائن فقيرن جا ڪلام چڱي نموني ڳائيندو هو. سندس وڏو پٽ علي شير ۽ عثمان گڏ ڪلام چورائيندا هئا. عثمان فقير درگاهه جهوڪ شريف جو فقير هو.

عثمان صوفي ۽ ڪلاسيڪل راڳ جو ماهر هو. هن پنهنجي والد فقير غلام حسين ماڇي، استاد مظهر علي خان ۽ استاد نواب بهاول خان کان راڳ جي سکيا ورتي. هو آمريڪا، جرمني، فرانس، اٽلي، ۽ گڏيل عرب امارات سميت 12 ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. هن جون 200 کان وڌيڪ ڪيسٽون رڪارڊ ڪرايل آهن.[1]

لاڏاڻو

[سنواريو]

عثمان فقير کي ڪينسر جي مرض سبب سندس وفات کان ٽي مهينا اڳ ڪراچي جي جناح اسپتال داخل ڪرايو ويو، جنهن دوران سنڌ جي ثقافت کاتي کيس سار نه لڌي ۽ هن 12 آگسٽ 2007ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.[1]

حوالا

[سنواريو]