عثمان فقير سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عثمان فقير سولنگي
Usman Faqir Solangi
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو عثمان سولنگي
پيدائش 1952ع
نواب بهاول خان
وفات 12 آگسٽ 2007
صنف صوفي فنڪار

عثمان فقير سولنگي (انگريزي ٻولي: Usman Faqir Solangi)، سنڌ جو مشهور صوفي راڳي هو. هي نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ نواب بهاول خان ۾ 1952ع تي پيدا ٿيو. سريلي آوازن جي ڏات کيس ننڍپڻ کان مليل هئي. سندس والد صاحب اوليائن فقيرن جا ڪلام چڱي نموني ڳائيندو هو. سندس وڏو پٽ علي شير ۽ عثمان گڏ ڪلام چورائيندا هئا. عثمان فقير درگاهه جهوڪ شريف جو فقير هو.

عثمان صوفي ۽ ڪلاسيڪل راڳ جو ماهر هو. هن پنهنجي والد فقير غلام حسين ماڇي، استاد مظهر علي خان ۽ استاد نواب بهاول خان کان راڳ جي سکيا ورتي. هو آمريڪا، جرمني، فرانس، اٽلي، ۽ گڏيل عرب امارات سميت 12 ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. هن جون 200 کان وڌيڪ ڪيسٽون رڪارڊ ڪرايل آهن.[1]

لاڏاڻو[سنواريو]

عثمان فقير کي ڪينسر جي مرض سبب سندس وفات کان ٽي مهينا اڳ ڪراچي جي جناح اسپتال داخل ڪرايو ويو، جنهن دوران سنڌ جي ثقافت کاتي کيس سار نه لڌي ۽ هن 12 آگسٽ 2007ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]