مواد ڏانھن هلو

عبدالمجيد سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا عبدالمجيد سنڌي (انگريزي:Molana Abdul Majeed Sindhi) برطانوي هندستان واري سنڌ ۾ جنم وٺندڙ عالم، استاد، مبلغ ۽ مذهبي رهنما هو. هن سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو ۾ ڪتاب پڻ لکيا.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

مولانا عبدالمجيد بن محمد صادق بن حافظ ڀلي ڏنو (بزرگ) قريشي 1902ع ۾ ڳوٺ ٽوٻا تعلقو گھوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.[حوالو گهربل] پاڻ وقت جي بزرگ حافظ ڀلي ڏنو قريشي جو پوٽو آهي.[حوالو گهربل] سندن وڏا قريشي عربستان مان ھجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. سندس والد جي وفات کان پوءِ پنهنجي مامي سان گڏجي داد لغاري جي ڳوٺ ۾ رھڻ لڳو. ابتدائي تعليم داد لغاري جي پرائمري اسڪول مان 1921ع ۾ فائنل پاس ڪيائين.[حوالو گهربل] تنهن کان پوءِ استاد (ماسٽر) جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري ڪيائين.[حوالو گهربل] خلافت تحريڪ جي دوران مولانا سيد تاج محمود امروٽي جي ھٿ تي بيعت ڪيائين،[حوالو گهربل] بيعت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ ديني تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنائين. ديني تعليم ۾ ميان نور محمد سومرو وٽ قرآن شريف پڙھيائين. عربي ۽ فارسي جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پير جھنڊي، داد لغاري ۽ گھوٽڪي ويو. پنجاب جي مختلف ضلعن ملتان، گجرات، گجرانوالا ۽ لاھور ۾ به پڙھيو. سندس پنجاب جي استادن مان مولانا عبدالرزاق رح، مولانا احمد علي لاھوري ۽ مولانا غلام رسول گجراتي استاد آهن. ان کانپوءِ هي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي مرشد مولانا سيد تاج محمود امروٽي جي حڪم سان دارالعلوم ديوبند ھندستان ڏانهن روانا ٿيو، جتان اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. [حوالو گهربل]دارالعلوم ديوبند ھندستان جي استادن مان ان وقت جي مھتمم مولانا قاري محمد طيب، شيخ العرب والعجم مولانا حسين احمد مدني، مولانا اعزاز علي ۽ مولانا ابراھيم سندس استاد آهن. جتي سندن دستاربندي ڪئي وئي ۽ پڻ حڪمت جي اعليٰ سند حاصل ڪيائين. پاڻ عالم سان گڏوگڏ وقت جو بھترين حڪيم پڻ ھيو.

علمي خدمتون

[سنواريو]

مولانا ديوبند کان واپس اچي پنهنجي ڳوٺ داد لغاري ۾ مدرسه نورالاسلام دادلغاري جي بنياد رکي جنهن مان ڪيترائي عالم ۽ حافظ پيدا ٿيا.[حوالو گهربل] جتي هي 25 سال تائين پڙھائيندو رھيو.[حوالو گهربل] ان کان سواءِ 10 سال سنڌ جي مختلف شھرن گھوٽڪي، سکر، سانگھڙ ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ تعليم ڏيندو رھيو. گهڻو وقت پنجاب جي ديني مدرسن ۾ پڙھائيندو رھيو، جتي پاڻ استاد سنڌي جي نالي سان وڏو مشھور ٿيو،[حوالو گهربل] اتي ئي تصنيف و تاليف جو ڪم شروع ڪيائين.[حوالو گهربل] جن ۾ عربي فارسي ۽ اردو جا ڪتاب اچي وڃن ٿا.[حوالو گهربل] مولانا فارسي جو وڏو ماھر ھيو.[حوالو گهربل] ڪيترن ئي عالمن کي فارسي جي تعليم ڏيندو رھيو. سندن مشهور شاگردن مان مولانا عبدالقادر لغاري، دادلغاري  وارا جيڪي وڏا بزرگ ۽ عالم رھي چڪا آهن.

تصنيفي خدمتون

[سنواريو]

1 صرف و نحو: عربي زبان ۾ ھي ڪتاب 1930 ۾ لاھور مان شايع ٿي.[حوالو گهربل]

2 فارسي ۾ قانون: حرفي پر حاشيه 1935 ء ۾ ملتان مان شايع ٿي.[حوالو گهربل]

3 اردو ۾ صرف و نحو: 1967 صادق آباد ۾ شايع ٿي.[حوالو گهربل]

4 تفسير القرآن  قلمي نسخو جيڪو اڃان تائين ڇپجي ناھي سگھيو. ان کان علاوه ڪيترن ئي عربي ڪتب تي حواشا لکيائون. مولانا رح گهڻو عرصو مدرسه قاسم العلوم گھوٽڪي ۾ پڙھائڻ لاءِ آيو.[1]

وفات

[سنواريو]

مولانا عبدالمجيد سنڌي 16 نومبر 1973ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-01.