عبدالحڪيم شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالحڪيم شاھ (انگريزي: Abdul Hakeem Shah ) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي وسندي ٽکڙ ۾ ميان الھ بخش شاھ جي گھر ۾ 19 جون 1864ع مطابق 14 محرم 1281ھ تي پيدا ٿيو[1]. سندس وڏا مٽياري سيدن جي جرار قبيلي جي منعمائي پاڙي مان ھئا. جيڪي علم، همت، سياسي شعور ۽ لڳ لاڳاپي ڪري چڱي حيثيت پيدا ڪري ويا هئا. سيد ميان الھ بخش شاھ جا پنج پٽ ھيا؛ 1. سيد حاجي عبدالحڪيم شاھ، 2. سيد حاجي اسدالله شاھ، 3. سيد حاجي علي اصغر شاھ، 4. سيد حاجي غلام شاھ ۽ 5. سيد حاجي محمد حافظ شاھ[1]. سيد حاجي عبدالحڪيم شاھ سڀ کان وڏو هو جنھن تعليم مڪاني استادن وٽ حاصل ڪئي، سندس والد 9 ذوالحج 1310ھ، مطابق 5 جولاءِ 1893ع تي وفات ڪئي[1]. خاندان جي وڏي هئڻ ڪري، زمينداري ڪاروبار، شهر ۽ راڄن جا فيصلا، لڳ لاڳاپن قائم رکڻ جو سمورو بار اچي سندس ڪلهن تي پيو. کيس شهر ۽ آسپاس ۾ سيد وڏي جي نالي سان سڏيو ويندو هو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي خاص مددگارن ۽ دوستن مان هو. ھن خلافت تحريڪ ۾ چڱو بھرو ورتو. جڏهن خانبهادر نبي بخش محمد حسين، ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، جي اشاري تي، مولوي فيض الڪريم مورائيءَ، مڪي جي شريف حسين کي خليفو تسليم ڪرڻ ۽ ترڪن خلاف سندس ڪيل بغاوت کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ فتويٰ لکائي، حڪومت طرفان ان تي صحيحون پئي ورتيون، ته ڪيترن مکيه گادي نشينن ۽ وڏن خاندانن ان تي صحيحون ڪيون ؛ پر عبدالحڪيم شاھ۽ل ۽ سندس ڀائرن ان کان انڪار ڪيو[1]. هن ميان ستار ڏني شاھ راهوٺ واري جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ فرزند فتح علي شاھ پيدا ٿيو ۽ ٻيو پٽ سيد ملوڪ شاھ عرف محمد سليم شاھ اڳينءَ شاديءَ مان هوس. پاڻ 11 ذوالقعد 1353ھ، مطابق 15 فيبروري 1935ع تي وفات ڪيائين، سندس وفات کان پوءِ جڏهن اڪثر سيد ۽ ٻيا معزز ماڻهو ٽکڙ مان لڏي وڃي ٻين ڳوٺن ۾ سڪونت پذير ٿيا، ته سندس ٻئي فرزند ٽکڙ ۾ ويٺا هئا[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد
    ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ]